ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري)

'استاد بخاري' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو،
    "بخاري" کان دوکو، نه ٿيندو نه ٿيندو،
    ملهائي نه جو ٿڃ جيجل جي لوڪو،
    اهڙو ڪوبه ٿوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو،
    استاد بخاري
    ڊزائين عاشق سولنگي

    [​IMG]

    ╋╋┏┳━━━┳━━━┳┓╋╋┏┓┏━━━┳━━┳━┓╋┏┳━━━┳┓╋┏┓
    ╋╋┃┃┏━━┫┏━┓┃┗┓┏┛┃┃┏━┓┣┫┣┫┃┗┓┃┣┓┏┓┃┃╋┃┃
    ╋╋┃┃┗━━┫┃╋┃┣┓┗┛┏┛┃┗━━┓┃┃┃┏┓┗┛┃┃┃┃┃┗━┛┃
    ┏┓┃┃┏━━┫┗━┛┃┗┓┏┛╋┗━━┓┃┃┃┃┃┗┓┃┃┃┃┃┃┏━┓┃
    ┃┗┛┃┗━━┫┏━┓┃╋┃┃╋╋┃┗━┛┣┫┣┫┃╋┃┃┣┛┗┛┃┃╋┃┃
    ┗━━┻━━━┻┛╋┗┛╋┗┛╋╋┗━━━┻━━┻┛╋┗━┻━━━┻┛╋┗┛
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري)

    ادا بهترين ڪم آهي جاري رکو​
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري)

    سنڌ ڌرتيء سان ء سرتيء سان بخاريء جو،
    ڪجهه بلالي، ڪجهه لطيفي رابطو آهي۔


    ادا لاجواب شيئرنگ آهي۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري)

    هن بيت ۾ استاد بخاري حب الوطني جي آسمان تي چڙهيل آهي ۽ جذبات ۾ اچي هر انهي ماڻهون کي ٿوڪو (يعني جنهن تي ٿڪن جو مينهن وسندو هجو) سڏيو اٿس جيڪو پنهنجي وطن سان پيار نه ٿو ڪري ۽ پنهنجي ڌرتي جي ڪک مان نڪتل کاڌ خوراڪ (ٿڃ) کي نٿو ملهائي سو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٿوڪو آهي ۽ ان جهڙو ڪو به نه ٿيندو ۔۔۔

    واهه بخاري واهه، لطيف سڳوري ته ڪجهه پيار ڀرين لفظن ۾ چيو هو ته حيف تنين کي هو وطن جن وساريو يا وري هينئن چيو هيس ته " سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري” وغيره پر بخاري ته اهڙن ماڻهن کي ٿوڪو قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۔۔۔ بيشڪ اهڙا ماڻهون ٿوڪا ئي هوندا آهن ۔۔۔۔

    لک ٿورا عاشق ۔۔۔
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري)

    ادا مهربانيون سڀني دوستن جو جن وقت ڪڍي اسانجي هن ننڍي ڪوشش تي پنهنجا قيمتي رايا ڏنا ۽ پسند ڪيو۔۔۔مان استاد بخاري جي شاعري کي (ٿوڪي) لفظ جي ڪري ئي تصويري شڪل ڏني آهي۔
    لک قرب سائين نثار جن جا جو استاد جي شاعري کي پنهنجي سولي لفظن ۾ سمجهايو۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري)

    استاد سنڌ جو عاشق رهيو آهي۔ وري عاشق به سنڌ جو عاشق ٿو لڳي​


    اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو
    ۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو
    استاد بخاريء کي کڻي دفن ئي ڪيو
    ڌرتي کان مگر ڌار، اهو ڪيئن ٿيندو
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري)

    ادا سليمان اوهانجي جواب تي کل ٿي اچي۔۔۔۔ڪڏهن ٿا چون عاشق مجبور آ،ڪڏهن ٿا چون عاشق ڪنڌار آ،وري ڪڏهن ٿا چون عاشق چريو آ، وري ڪڏهن ٿا چون عاشق وفادار آ، ڪڏهن ٿا چون عاشق غدار آ، وري ڪڏهن ٿا چون عاشق عاشقي سنڌ آ،،،،،،،،بس ادا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ديش ۾ ٿيندڙ ناانصافين جو آواز ته ڪڏهن پنهنجي ديش ۾ پراين جو قبضو۔۔ڏسي منهنجي عشق ۾ به جلال اچي ويندو آهي۔۔۔۔۽ لڱن ۾ عجيب لرزش پيدا ٿيندي آهي۔۔۔۔۔بس ادا مان استاد جو هي هڪ ٻيو شعر اوهان سان ونڊ ڪرن ٿو چاهيان

    هي جهل جو اُندھ، لهي ئي پوندو،
    هي ظلم جو آڙاھه، ٺري ئي پوندو،
    مظلوم جي آهن جو اثر ٿيڻو آهه،
    جو جوش ۾ الله، اچي ئي پوندو،
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري)

    ادا عاشق مهرباني

    مٿيون سڀ ڳالهيون اکين تي پر يار ڪنهن عاشق کي غدار ڪونه چيو آهي۔ اهي دشمن يا ڌاريا ئي ٿي سگهن ٿا جيڪي اها ڳاله ٿا ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇو ته پاڻ غدارن سان دوستي ئي ڪونه رکون۔۔۔

    مونکي استاد جو شعر ٿو ياد اچي ته :

    هڪ ٽانڊو منهنجي اک ۾ رک ، هڪ ٽانڊو منهنجي دل تي رک
    اها آڳ سهي مان ويندس پر هڪ غير نه هن محفل ۾ رک
     
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري)

    هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان.



    هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان،
    جيئي سنڌ ته ڌرتي آهيان.

    خاڪي، نوري، فاني، باقي،
    سچ پچ ساٿي سڀڪي آهيان.

    عربي، عجمي آهيان ئي پر،
    روسي، هندي، چيني آهيان.

    سڀ کان اڳ ۾ انسان اڳ تي،
    سنڌي ـــــــ سنڌي، سنڌي آهيان.

    بوڙئي جھڙي منهنجي هستي،
    سنڌو واري مستي آهيان.

    سانگين سان گڏ سالگرهه مان،
    وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان.

    تاريخ آهيان قوم قويءَ جي،
    نه ته مرقد جي تختي آهيان.

    ڏيڍ ڏنگايون ڏاري ڄاڻان،
    مظلومن جو مددي آهيان.

    مِهر ته مکڙي ماڪ ـــ ڦڙا مان،
    قَهر ته ڪرندڙ بجلي آهيان.

    جوت رتيءَ تي پريت پتنگو،
    سنگ سڳندي، رنگي آهيان.

    عشق ۽ عقل حقيقي ساٿي،
    سونهن سچيءَ جو سنگتي آهيان.

    آجو پيار ملي پوءِ پيارا،
    سولو ويندو سرچي آهيان.

    آزادي استاد تنواريان،
    ماڻهن جي مان مرضي آهيان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو