هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [justify]گُذريل ڏينهن ۾ ڀٽ شاهه تي ملاکڙي گرائونڊ ۾ لطيف سائين سان عقيدتن جا واهڻ وهايا، اُن ڏينهن اسان جو يگانو ليکڪ محمد رمضان دلدار چڍڙ فرام ماتلي مون سان ملڻ واسطي ٽنڊو محمد خان آيو، هميشهه جيان وکريل وکريل، ميرانجهڙا ڪپڙا، ڏاڙهي وڌيل رمضان ڏي خبر پاڻ وارا يار ايم ڪيو ايمي سابقه مهاجري قومي موومينٽ، موجوده متحده محاذ وار اڄ شاهه سائين جي نگري تي وڏا لطيف جا وارث بنجي گڏ پيا ٿين سنڌ جو درد رکندڙ گذريل ذري گهٽ پندرهن سالن کان لنڊن ۾ ويٺل پير صاحب تقرير پيو ڪري ان جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي۔ چوڻ لڳو سائين نثار حقيقت انهي حال جي ظاهر ڪريان ذري ته لڳي ماٺ مروئن کي ڏونگر پون ڏري۔ ائين چئي رمضان دلدار چڍڙ ٻوڏڙي ۾ پئجي ويو۔ ادا رمضان لڳي ٿو ته تنهنجي دل ۾ ڪا وڏي هُر کُر آهي انهيءَ باري ۾ پاڻ يڪو چاليهه پنجاهه پيجن جو سندس لکيل هڪڙو دستو منهنجو سامهون اڇليو ، چوڻ لڳو سائين هي پڙهو، هي منهنجو تحقيقي مضمون لکيل آهي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي سنڌي عوام سان ڪيل پيار جي رام ڪهاڻي لکيل آهي، جڏهن ميڊيا تي اهو مضمون کڻي ويس ته انهن چيو ته هي مضمون ڪافي سخت آهي، پيپلز پارٽي وارن سان سندن نام نهاد محبت جا ڪرتوت ظاهر آهن انهن کي چيم ته هي توهان ڇاپيو ، پيپلز پارٽي وارن چيو ته يار مسين مسين ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جا پيچ پُختا ٿيا آهن ان ڪري اهو مضمون اسان ڪين ڇپائينداسين، وري چيائين ته ڪجهه سنڌي قوم پرست ڌرين وٽ ويس انهن چيو ته مضمون ڪافي انگڙا هڻندڙ آهي ان ڪري في الحال ڪونه ٿا ڇپايون۔ مون جڏهن انهي مضمون کي پڙهيو ته منهنجي دل جا ڪافي سارا غبار اڇا اُجرا ٿي پيا۔ محترم رمضان دلدار کي ڏينهن جي مانهي کارائي خداحافظ چيم ۽ انهيءَ مضمون کي ڪمپوز ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيم، اڄ هي مضمون مڪمل ڪمپوز ٿي ويو آهي هن مضمون ۾ ڪافي پروف جون غلطيون هونديون جيئن ته ڪافي طويل مضمون آهي ان ڪري هتي آئون قسط وار اهو مضمون توهان سڀني سان ونڊ ٿو ڪريان۔[/justify]


    هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت​


    از : محمد رمضان دلدار چڍڙ
    قسط نمبر 1
    آئون ذاتي طرح سنڌي ، اردو ڳالهائيندڙن جي فساد جهڳڙن جو حامي نه آهيان، سنڌي، اردو فساد ۾ ٽي ڌُر کي فائدو آهي، سنڌي مهاجر جهيڙا سنڌ جي مفاد وٽان نه آهن.
    آئون سائين “جي ايم سيد” جي انهيءَ موقف سان به متفق آهيان ته اردو ڳالهائيندڙن ۾ ٽي حصا ٿيندا هڪ حصو ٻاهرن مُلڪن ۾ ڀڄي ويندو ٻيو حصو ضم ٿي ويندو ۽ ٽيون حصو، سنڌين سان وڙهندو ................!؟
    سائين جي ايم سيد جي چواڻي ته ٽيون حصو وڙهندو.......؟
    [justify]اُهو وڙهڻ وارو حصو يا مخصوص ٽولو يا مخصوص ذهنيت 1947ع کان ڌرتي ڌڻين سان وڙهندي پئي اچي. انهن پاڻ کي هميشه اُتم اعلى ۽ سنڌين کي ڄٽ، جاهل ۽ بي وقوف پئي سمجهيو آهي. ان مخصوص ذهنيت جو 1948ع کان 2008ع تائين مختصر تعارف هت پيش ڪريان ٿو ته جيئين عام سنڌين کي سندن ذهنيت جي چڱي طرح خبر پئجي سگهي.[/justify]ٻولي آهي
    [justify]“
    سنڌ جي تهذيب اُٺن جي ڪاهڻ ۽ گڏهن هڪلڻ وارِي آهي، سندن ٻولي جاهلاڻا !”​

    مٿيان لفظ پاڪستان جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان جا آهن، يعني ورهانڱي کان وٺي انهن پاڻ کي اُوچو اعلى اُتم، برتر پئي سمجهيو آهي ۽ سنڌين کي ڄٽ، جاهل............!
    لياقت علي خان وٽ هڪ دفعو اُن وقت جو “ سنڌ مسلم ليگ جو صدر سيد علي اڪبر شاهه ويو ۽ چيائين ته سنڌ ۽ سنڌين جا به ڪُجهه حق ڏيو، ته لياقت علي خان وراڻيو: ــــــ
    “فتح ڪيل مُلڪ جو ڪو به معاوضو ناهي هُوندو”ثابت ٿيو ته لياقت علي ۽ سندس نام نهاد ٽولي سنڌ کي پنهنجو فتح ڪيل مُلڪ ۽ سنڌين کي پنهنجو غلام سمجهيو........ ۽ هي اڄ به سنڌ کي فتح ڪيل مُلڪ سمجهن ٿا.
    لياقت علي خان کان پوءِ نفرت جو ٻج نواب مظفر علي خان پوکيو جنهن “مُهاجر، پنجابي، پٺاڻ متحده محاذ” پارٽي ٺاهي نفرت پکيڙِي. انهي پارٽيءَ ۾ مهاجر، پنجابي ،پٺاڻ ته کنيا ويا پر اُن پارٽي م ڪو به سنڌي ۽ بلوچ(بلوچستان جو) شامل ڪونه هو. اُهو محاذ ڪنهنجي خلاف هو؟
    فرق صاف ظاهر آهي ته سنڌين جي خلاف ......... ؟ 1972ع ۾ لساني فساد دوران اُن وقت جي وزير اعظم پاڪستان جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي سامهون اُن مخصوص ٽولي هيٺيان شرط رکيا هُئا.
    الف. اگر سنڌ جو وزير اعلى سنڌي هُجي ته گورنر مُهاجر ٿيندو.
    ب . سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سنڌي هوندو ته ڊپٽي اسپيڪر مهاجر ٿيندو.​

    اُن کان علاوه اهڙا ٻيا به ڪافي ناجائز مطالبا هُئا انهي مخصوص ٽولي جي ذهنيت اها هُئي يا رهي آهي جو 1972ع ۾ اڳوڻي وزير اعطم پاڪستان جناب ذاوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ سنڌي ٻولي کي ڪجهه حق مليا ( جيڪو سنڌين جو حق به هو) اُن تي جنگ اخبار ۾ رئيس امروهي جو هڪ قطعو ڇپيو ته “اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌُوم سي نڪلي” بس پوءِ ڳولي ڳولي سنڌين کي ماريو ويو سرڪاري انگ اکر رڪارڊ مطابق 72 سنڌي شهيد ٿيا هُئا ۽ غير سرڪاري رڪارڊ مطابق ٽي چار سئو سنڌي جوڌا شهيد ٿيا هُئا. انهي فسادن دؤران هڪ بنياد پرست جماعت جي ڪارڪنن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڀتين تي هي نعرا لکيا هُئا :
    “ هندي ، سنڌي نهين چلي گِي”
    “اردو زُبان قومِي زبان، سنڌي زبان لونڊي زُبان”​

    انهن نعرن مان ڀلي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي جي خلاف ڪيترو نه زهر هو انهن جي سينن ۾ ڀريل.
    “بات تمهاري نهين، بات هي زماني ڪي” (جمعه خان ڪي قلم سي)​

    هي پنهنجي وقت جو مشهور ڪالم هوندو هو رزانه “ امن اخبار” (اردو) ۾ ايندو هو ان جو ڪالم نويس “ جمعه خان” هوندو هو، هي ڪالم اسان جا سنڌي سٻاجها ڏاڍي شوق سان پڙهندا هُئا ۽ امن اخبار صرف جمعه خان جي ڪري وٺندا هُئا،جمعه خان جي ڪالم پڙهڻ کان پوءِ ويچارا سنڌي ان جي ڪالم تي تبصرا ڪندا هُئا ته “ ادا جمعه خان سنڌي سٻاجهڙو آهي” ادا جمعه خان ٺٽي جو ميمڻ آهي” يا هي ته “ جمعه خان ته نالو ئي آهي سنڌين جو” وغيره وغيره اچانڪ “امن اخبار “ سنڌين جي خلاف زهر اوڳاڇڻ لڳِي ۽ جمعو خان به دل کولي زهر هارڻ لڳو، سنڌي حيران ٿِي ويا وڌيڪ حيران اُن وقت ٿيا جو جمع خان “ ايم ڪيو ايم ” جو نائب صدر ٿيو ۽ کُلِيءَ طرح سنڌين خلاف بيان بازِي ڪرڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ جا مطالبا ڪرڻ لڳو. جمعه خان جا سڀئي بيان زهر مان ڀريل هوندا هُئا، جمعه خان جيڪو اصل ۾ هڪ ڪٽر پناهگير “ اجمل خان دهلوي” هو..... !

    انهيءَ مخصوص ٽولي جي زهنيت جي هڪ جهلڪ هي به آهي ته بين الاقوامي سچل ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿي جيڪا سنڌ گريجويٽس ايسوسي ايشن (سگا) طرفان 1989ع ۾ ملهائي وئي هن ڪانگريس ۾ دنيا جي مختلف مُلڪن مان سنڌي عالمن ، اديبن ۽ محققن به شرڪت ڪئي. هن ڪانگريس کان پوءِ اردو اخبارن روايت مطابق خاص طور تي جنگ اخبار اداريا لکيا ته سنڌي غدار آهن، هندوستان جا ايجنٽ آهن، مُلڪ دشمن آهن، اخبار جو ايڊيٽر مير خليل الرحمان (جيڪو اصل ۾ اخبار جو مالڪ هو) هن سلسلي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو........... ؟
    قدرت جا به عجب رنگ آهن انهي ساڳئي مير خليل الرحمان کي ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين پنهنجي اڳيان 3 ڪلاڪ هيٺ پٽ تي ويهاري سزا ڏني، پوءِ ڪُجهه شرط رکي ڇڏي ڏنائين. انهن شرطن ۾ هڪ اهو به شرط هو ته جنگ اخبار مان “ جنگ مئگزين هفتيوار اربع جي ڏينهن واري علمي فڪري ادبي صفحه “ مهراڻ رنگ” هميشهه لاءِ ڪڍي ڇڏ.......... ! ( هن صفحي ۾ سنڌ جي تاريخ ، تهذيب، تمدن ، ادب ۽ شخصيتن بابت وڏا فڪر انگيز مضمون ايندا هُئا). مير خليل اُهو صفحو ڪڍي ڇڏيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪونه اچي. آخر مهراڻ رنگ مان ايم ڪيو ايم کي ڪهڙو نقصان هو؟ مهراڻ رنگ ۾ مهاجرن ۽ ايم ڪيو ايم خلاف مضمون وغيره ته ڪونه ڇپبا هُئا هي ته خالص ادبي صفحو هو پوءِ ايم ڪيو ايم کي تڪليف ڪهڙي هُئي؟ ؟ شايد ايم ڪيو ايم وارن ڏٺو ته متان پاڪستان جي ٻين قومن جي ماڻهن کي سنڌ جي تاريخ، تهذيب تمدن ، ٻولي، ادب، آرٽ ، معاشيات، سياسيات وغيره بابت خبر نه پئجي وڃي. اهي جيڪي سنڌين کي جاهل ، بيوقوف اڻ سُڌريل ، چور ، ڌاڙيل ڪري دنيا اڳيان پيش ڪندا آهن متان سندن انهي نام نهاد موقف کي ڪو نقصان نه پهچي...............
    انهيءَ مخصوص ٽولي جو مولوي هُجي يا دانشور، سياست دان هُجي يا اداڪار، ڪامريڊ هُجي ، مسلم ليگي هُجي، يا جماعت اسلامي جو هُجي پر ذهنيت سڀني جي هڪ جهڙي هوندي آهي[/justify]
    جاري آهي
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    معلوماتي مضمون آهي سائين

    توهان جي ٻئي قسط جو انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    پيارا وحيد ڦلپوٽو مهرباني جو توهان هن مضمون کي پڙهيو ۔ اڃان اڳيان اڳيان پڙهو توهان جي سامهون اڇا ڪارا سڀئي پڌرا ٿِي پوندا۔
    پيش آهي هن مضمون جي ٻي قسط

    مخصوص ٽولي جي ذهنيت قسط 2
    از : محمد رمضان دلدار چڍڙ​

    برا مهرباني هن کي پهرين قسط سان گڏ پڙهندا​

    “ڪامريڊ سبط حسن”
    [justify]هي ترقي پسند ڪميونسٽ دانشور هو، پر هو وري به پناهگير هن وڏا وڏا اُٺ ڪتابن جا لکيا ، پر سنڌ بابت هي به حقيقت پسند ڪونه هو “پاڪستان ۾ تهذيب ڪي ارتقا” ڪتاب ۾ سنڌ جي تارخ ۽ تهذيب کي هن ڪابه اهميت ڪانه ڏني آهي، عربن، مغلن هندستاني نوابن کي کڻي آيو آهي. ڪتاب “موسى سي مارڪس تڪ” ۾ سوشلزم جِي عهد به عهد تاريخ کڻي آيو آهي پر هن ڪتاب ۾ برصغير جي عظيم صوفي سوشلسٽ“ صوفي شاهه عنايت ” جو ڪوبه ذڪر ڪونه لکيو اٿس وري مجبور ٿِي ڪتاب “ نويد فڪر” ۾ صوفي شاهه عنايت جو ذڪر ڪيو اٿس پر صوفي شاهه عنايت کي گهٽ عقل وارو ۽ سندس تحريڪ کي ناڪام تحريڪ ڪري ڄاڻايو آهي، سبط حسن هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته اگر مون کي ڪو ثابت ڪري ڏيکاري ته اردو سنڌي ٻوليءَ جو استحصال ٿي ڪري ته آئون لکڻ ڇڏي ڏيندس. اها هُئي سبط حسن جي ذهنيت، مولوي عبدالحق جنهن کي باباءِ اردوچوندا آهن اُهو چوندو هو ته “اردو” ٻولي کان سواءِ باقي ٻيون سڀ ٻوليون ڪافرن ۽ بُت پرستن جون آهن.[/justify]
    [justify]مولانا سيد ابوالاعلى مودودي مرحوم ۽ سندس پارٽي جماعت اسلامي سدائين سنڌ ۽سنڌين خلاف لکيو آهي. مولانا مودودي هڪ هنڌ چيو ته حجاج بن يوسف تمام ظالم هو پر هُن 2 ڪم سُٺا ڪيا هڪ قرآن پاڪ کي زيرون زبرون ڏيارڻ ۽ ٻيو سنڌ تي حملو ڪرائڻ، مودودي مرحوم جي نظر ۾ سنڌ تي حملو ڪرائڻ ڪو وڏو اسلامي ڪارنامو هو. اها هُئي هڪڙي مولوي صاحب جي ذهنيت......؟
    مرحوم عظيم طارق جيڪو ايم ڪيو ايم جو پايو وجهندڙ هو، هڪ هنڌ لکي ٿو : “ مهاجر هڪ سُڌريل ۽ تهذيب يافته قوم آهي، سنڌي نيم جاگيردار ۽نيم قبائلي قوم آهي سنڌي چون ٿا ته مُهاجر سنڌي ٿي وڃن. هڪ سُڌريل قوم ۽اڻ سُڌريل قوم ۾ ضم ڪيئن ٿيندي. (ڪتاب پاڪستاني نيشنلزم اور نيشنلزم ڪا عالمي تصور ) از عظيم طارق.[/justify]
    [justify]عظيم طارق جا مٿيان لفظ پڙهي پوءِ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي لفظن تي غور ڪريو جنهن چيو هو ته سنڌين جي تهذيب اٺن ڪاهڻ ۽ گڏهن هڪلڻ واري آهي، ۽ سندس زبان جاهلاڻا آهي.................. ؟!
    آهي ڪو لياقت علي ۽ عظيم طارق جي لفظن ۾ فرق! 60 سالن کان وٺي اها ساڳي ذهنيت رهِي آهي.
    موجوده سنڌ جي گورنر“ عشرت العباد” جي گورنر ٿيڻ تي ٽي وي آرٽسٽ عمر شريف پنهنجي هڪ اخباري بيان ۾ چيو ته اڄ اسان جي 57 سالا پُراڻي خواهش پوري ٿي آهي، پوءِ يڪدم گوهي هڻندي چيائين ته ڪراچي جي عوام جي خواهش پورِي ٿي آهي. عمر شريف جي بيان کي سامهون رکي پوءِ 1972ع وارا ڀُٽي صاحب جي اڳيان رکيل مهاجرن جا مطالبا پڙهيا وڃن ته اگر سنڌ جو وزير اعلى سنڌي هُجي ته گورنر مهاجر ٿيندو، اسپيڪر سنڌي هوندو ته ڊپٽي اسپيڪر مهاجر ٿيندو، هاڻ پڙهندڙ پاڻ سوچين ته مهاجرن جي هڪ وزيراعظم (لياقت علي خان مرحوم) هڪ ڪميونسٽ دانشور، هڪ عالم مولوي، هڪ اداڪار جي ذهنيت ، سوچ ۽ لوچ بلڪل هڪ جهڙي آهي............. ![/justify]
    “سنڌ جي ورهاست جو نعرو”
    [justify]سنڌ کي ورهائڻ واري ذهنيت به ڪا نئين ناهي 1948ع کان اها ذهنيت موجود آهي، ڪڏهن “دولساني” قومون ڪا صوبا” ڪڏهن مهاجرستان جا نعرا، ڪڏهن ڪراچي صوبي جو نعرو، وري ڪڏهن “اردو ديش” جو نعرو، ڪڏهن وري ڪراچي حيدرآباد ، سکر ، نواب شاهه ۽ ميرپورخاص تي مشتمل هڪ الڳ صوبي جو مطالبو، ڪڏهن نواب مظفر جي شڪل ۾ ته وري ڪڏهن عثمان ڪينيڊي جي شڪل ۾ ڪڏهن وري“ مهاجراتحاد تحريڪ” طرفان ڊاڪتر سليم جو ڪتاب “ اب سنڌ تقسيم هونا چاهيئي” جهڙو اچڻ ته وري ڪڏهن “جناح پور” نالي ڪتاب ۽ نقشا اچڻ ڪڏهن ايم ڪيو ايم طرفان“ آڌا تمهارا آڌا همارا” جهڙا مطالبا ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ.................... ؟ 1952ع ۾ هندستان مان آيل حسنين امام پهرين ڪراچي صوبي جو نعرو هنيو هو ثابت ٿيو ته سنڌ ورهائڻ واري ذهنيت به ڪا نئين ناهي گڏهه ساڳيا پر آٿر نوان.[/justify]

    “پنجين قوميت“

    [justify]هنن پنجين قوميت تان هٿ کنيو ئي نه آهي. ايم ڪيو ايم ۽ مهاجر اتحاد تحريڪ مهاجر قوم جو نعرو کڻي ميدان ۾ لٿا. جڏهن ته مهاجر ڪا قوم ٿيندي ئي ناهي، ايم ڪيو ايم جو دانشور شڪيل احمد “ضياءُ” لکي ٿو :
    پهرين ڳالهه اها آهي ته ڪنفيڊريشن ۾ ٽن نسلي قومن جي ضرورت ٻُڌائِي وئي آهي، يعني سنڌي، پٺاڻ، ۽ بلوچ جي قومي امنگون انهي ٿيوري ۾ پنجين قوميت جو ذڪر ناهي جن کي قضاءِ الاهي سان دنيا جي ڪابه طاقت نظرانداز نٿي ڪري سگهي(ڪتاب سنڌ ڪا مقدمه صفحو 146). مٿئين ڳالهه مان ثابت ٿيو ته پنجين قوميت تان هنن هٿ کنيو ئي نه آهي. وڌيڪ شڪيل احمد “ضياء” لکي ٿو:
    هن قوميت جو اساسي ارتڪاز سنڌ آهي جيستائين اڌ بهتر کي تسليم نه ڪيو ويندو ، سنڌو ديش، جيئي سنڌ ۽ ڪنفيدريشن جون ٿيوريون صرف ڪتابن ۽ پمفليٽن تائين محدود هونديون.(ساڳيو صفحو نمبر 146).
    معنى جيستائين سنڌي مهاجر قوم تسليم نه ڪندا ۽ اڌ سنڌ نه ڏيندا تيستائين سنڌين وت صرف ڪتابن ۽ پمفليٽن ۾ ڳالهيون هونديون......... ؟
    شڪيل ضياءُ وڌيڪ لکي ٿو : سنڌ ۾ رهڻ جو جيترو حق ۽ ضرورت پنجين قوميت جي افراد يعني اردو ڳالهائيندڙن کي آهي اوترو ڪنهن کي به نه آهي(سنڌ ڪا مقدمه صفحو نمبر 147).[/justify]
    [justify]مٿي ڳالهه مان 2 ڳالهيون نوٽ ڪيون وڃن هڪ ته پنجين قوميت ۽ ٻي ته سنڌ ۾ رهڻ جو سڀ کان وڏو حق سو به پهرين نمبر تي صرف اردو ڳالهائيندڙن جو اصلي سنڌي ڌرتي ڌڻين جو نه سنڌ ۾ رهبو پر قوم جي حيثيت ۾ نه ڪي سنڌين ۾ ضم ٿي رهڻ ۾ هاڻ پڙهندڙ وري پويان عظيم طارق جي لفطن تي غور ڪن ته مهاجر هڪ سُڌريل قوم آهي اڻ سُڌريل قوم ۾ ضم ڪيئن ٿئي.؟
    هاڻ ڪو سنڌي ائين چئي ته اهي سڀ ما ضي جون ڳالهيون آهن هاڻ هي مهاجر قوميت تان هٿ کڻي ويا آهن. انهي سنڌين کي عرض آهي ته الطاف جي تقريرن تي ٿورو غور ڪن جن۾ الطاف بار بار ائين چوندو آهي:
    مهاجر اور سنڌي ڀائي(اور لفظ تي غور ڪيو وڃي) “اردو اور سنڌي بولني والي”. دو مستقل آباديان، نئي اور پراني سنڌي وغيره.[/justify]
    [justify]الطاف ڪڏهن پاڻ کي يا اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي ناهي چيو ڏاڍو چالاڪيءَ سان اردو ڳالهائيندڙن کي الڳ ڪندو اچي . متحده مومينٽ وارا هڪ پاسي “ جشن لطيف” ملهائين ٿا ته وري ٻي پاسي سنڌ جي ڀتين، ديوارن تي چاڪنگ ڪن ٿا ته :[/justify]
    “اگر هي نه مگر هي يه الطاف نگر هي”

    [justify]معنى ته توهان سنڌي ڪا به اگر مگر يا ٽين ٽين نه ڪجو هي سڄي سنڌ صرف الطاف جي آهي، اڳ قلندر جي نگري سڏبي هُئي هاڻ الطاف جي................ ؟سنڌين جا اُهي بگل ڪميٽي ۽ چپٽي ڪميٽي ڀلي الطاف ۽ ايم ڪيو ايم جي ثناءَ گوئي ۾ بگل ۽ چپٽيون وڄائين پر انهن جي ذهينت، نيت شروع کان وٺي بدنيتي تي مُبني آهي.
    هت هڪ دلچسپ ڳالهه به لکندو هلان جيئن پڙهندڙ دوستن کي مخصوص ٽولي جي ذهينت جي وڌيڪ ڄاڻ پئي.
    هي ڳالهه“آزاد قاضي” لکي آهي ، محترم آزاد قاضي لکي ٿو :
    مسلم ليگ جي نامور خاتون ليڊر “ محموده سلطانه” موجود هُئي اُن خاتون سياسي سماجي تبصري ۾ تمام گهڻو بهرو ورتو حتى ڪي ايتري قدر به چيائين ته :
    “ اگر ڪراچي سنڌ کان الڳ ڪري جُدا ڪئي وڃي ۽ ڪراچيءَ کي الڳ صوبي جي حيثيت سان تسليم ڪيو وڃي ته انهي جي عيوضي ۾ آئون پنهنجو پاڻ به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.”
    (ڪتاب“ آيو تڙ تماچي” صفحو نمبر 192 ۽ صفحو 193 مرتب آزاد قاضي)[/justify]

    جاري آهي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    محترم دوست، سڀ قسطون پڙهي پوءِ ئي ڪجهه ڳالهائي سگهبو ۔۔۔ باقي ڪجهه ڳالهيون ته اسان سڀني جي سامهون آهن ۔۔۔ اسين هن دور جا شاهد به آهيون ته مشهود به ۔۔۔

    رب اوهانکي خوش رکي ۔۔۔ آمين
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    سائين! نثار ناز ۔۔ هي آرٽيڪل تمام گهڻو معلوماتي آهي ۽ سنڌين جون اکيون کوليندڙ، ڇرڪائيندڙ ڳالهين سان ڀرپور آهي، منهنجي هڪ صلاح مڃو ته هن جي هر قسط کي الڳ موضوع جي حساب سان شروع ڪريو ته بهتر رهندو، ڇو ته هن جي هر پيراگراف ۾ هڪ نئين ڳالهه آهي جنهن تي بحث ڪرڻ ۽ دوستن جي راين جي ضرورت آهي۔۔
    توهان جي ڳالهه صحيح آهي ته اهڙن آرٽيڪلن کي ڪابه اخبار ڪابه ميڊيا پنهنجي ذريعي وٽان پيش ڪرڻ نه چاهيندي آهي، ڇو ته مون سان به هڪ ڀيرو اڳ ايئن ٿي چڪو آهي، هڪ آرٽيڪل مون ايم ڪيو ايم جي حقيقت تي لکيو هو ته ان کي اخبار وارن ڇاپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔۔۔
    انهن اردو ڳالهائيندڙن ۾ سائين جي ايم سيد جي ڳالهه وانگر مختلف طبقا آهن جيڪي سنڌين خلاف مختلف راءِ رکن ٿا۔۔ پر منهنجو واسطو جيتري قدر پيو‌ آهي، مون هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته سنڌين کان مهاجر منهن تي ڪوبه مسئلو ڪرڻ‌کان لهرائين ٿا پر پٺتي سندس خلاف سازشون ڪرڻ‌ ۾ رڌل هوندا آهن۔۔
    هينئر به جيڪي دوست مهاجرن کي ڀٽ شاهه واري جلسي کان پوءِ جيءَ‌ ۾ جايون ڏيڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، مان انهن کي سمجهائڻ‌ چاهيندس ته انهن مهاجر ڀائرن ورهاڱي کان وٺي ايتري عرصي تائين پاڻ‌کي سنڌي نه سمجهيو ته هاڻي ڇا سمجهي سگهندا۔۔۔ هو هينئر تائين پاڻ کي مهاجر ڪوٺي رهيا آهن، جيڪڏهن سنڌ سان ايترا سچا آهن ته پاڻ‌کي سنڌي سڏرائين، پنهنجي محفلن ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائين ۽ ايترا سال جو هر حڪومت ۾ شامل رهيا آهن ته سنڌ جي ڪنهن به مسئلي کي ڇا پنهنجو سمجهي حل ڪيو اٿن؟؟
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    [justify]دوست نثار ابڙا بس هاڻي هڪ يا ٻه قسط باقي آهي۔ محترم دلدار رمضان چڍڙ جي هن ٻن قسطن جي مضمون مخصوص ٽولي جي وچور تي ڪجهه پنهنجو رايو ڏين ها ته منهنجي هن مضمون جون قسطون ڪري پيش ڪرڻ جو مقصد پورو ٿي وڃي ها۔ جيئن ته مون هن مضمون جي تمهيد ۾ لکيو هو ته اهو مضمون مڪمل طور تي مون ڪمپوز ڪري ڇڏيو آهي، مضمون جي طوالت جي ڪري عام پڙهندڙ يقينن بوريت محسوس ڪري ها ان ڪري بوريت کان بچڻ لاءِ قسطون ڪري پيش ڪيم۔ هن مضمون کي هتي پيش ڪرڻ جو اهو به مقصد ڪونهي ته ڪو سنڌ سلامت جي انتظاميه مضمون لکندڙ سان سئو فيصد متفق هجي۔ مضمون نگار جيڪي حقيقتون بيان ڪيون آهن باقائده دليلن سان ۽ ريفرنسز سان ان ڪري حقيقتن کان سنڌي ماڻهو ڪنڌ به ڪڍائي نٿو سگهي۔ توهان جي مهرباني جو توهان اسان کي دُعائون ڏنيون[/justify]
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    مست يار اهو سنڌ جو وڏو الميو آهي، ته وقت جا جلاد سنڌ جا همدر ٿي بگل وڄائن واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهين۔ باقي رهي تنهنجي ڳالهه ته هن مضمون جي قسطن کي الڳ الڳ موضع جي حيثيت تي شيئر ڪريان ها۔ دوست هن خُشڪ موضع کي الڳ موضع جي حيثيت سان شيئر ڪريان تڏهن به ڪو خاص فرق ڪونه پوندو، موضع نئين سان منهنجو موضعن ۾ نمبر شمار ته وڌي ويندو پر ڳالهه اُتي جي اُتي هوندي، ان ڪري تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ مان هن ئي ٿريڊ ۾ هن مضمون جون سموريون قسطون ونڊ ڪرڻ ٿو چاهيان۔
    پيش آهي هن مضمون جي قسط 3

    مخصو ٽولي جي ذهنيت قسط 3
    از ۔ محمد رمضان دلدار ڇڍڙ
    هن قسط کي مٿين ٻن قسطن سان گڏ ترتيب سان پڙهيو وڃي۔​


    مٿي توهان محموده سلطانه جي ذهنيت پڙهي ڪراچي جي بدلي ۾ پنهنجو پاڻ سپرد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي ڪراچي ۾ ٿيندڙ هن پروگرام ۾ سنڌ جا چوٽِيءَ جا اڳواڻ سائين جي ايم سيد سميت موجود هُئا. محموده سلطانه سردار علي صابري جي ڌيءَ هُئي ۽ صحافِي پڻ هُئي.

    الطاف جا خط ۽ انهن خطن تي ٽيڪا ٽپڻي.​

    الطاف جا کليل خط وقتن به وقتن سنڌ ۾ سندس پارٽي جا ڪارڪن ورهائيندا رهندا آهن، هتي ماتلي ۾ به اهڙا کوڙ سارا خط ورهايا آهن. الطاف جي خطن واري موقف تي هت ڪجه لکجي ٿو هي خط سنڌ جي شهيد راڻِي محترما بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ورهايا ويا آهن.

    “خط جو متن”
    الف : 1. نوان سنڌي (2) . اردو ڳالهائيندڙ سنڌي (3). ڪوبه سنڌي ناهي سڀ ٻاهران سنڌ ۾ آيا آهن. (4). بلوچ ۽ سيد به پاڻ کي بلوچ ۽ سيد سڏرائين ٿا پوءِ لفظ مهاجر تي اعتراض ڇو؟ (5). اڳ ننڍڙا ننڍڙا گروهه ٿي سنڌ ۾ آيا هُئا. هي (مهاجر) لکن جي تعداد ۾ سنڌ ۾ آيا آهن يڪدم سنڌي ڪيئن ٿيندا؟ (6) هي پنهنجو ڪلچر ۽ ٻولي کڻي آيا آهن. اُهي ڪيئن پنهنجي تهذيب ، ثقافت ٻولي ڇڏيندا ۽ پنهنجي وطن (هندستان )کي وساريندا؟ اهي آهن انهي نام نها د ٽولي جون گوهر افشائيون اچو ته انهن جا جواب ڳوليون، ڏيون.
    (1). نوان سنڌي: ​

    سنڌ ڪو ڪارخانو نه آهي جو نوان ۽ پراڻا ماڊل ٺاهيندي هُجي اگر سنڌي ٿيئڻو آهي ته پوءِ سنئون سڌو سنڌي ٿي وڃو نئين ۽ پراڻي وارو اصطلاح هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.

    (2). اردو ڳالهائيندڙ سنڌي:​


    اردو ڳالهائيندڙ سنڌي وري ڇا؟ ........ ؟ پوءِ سڀاڻي ٻيا سنڌي به ائين چون سرائيڪي ڳالهائيندڙ سنڌي، بلوچي ڳالهائيندڙ سنڌي، گُجراتي، مارواڙي، ڍاٽڪِي ، جتڪِي ، بروهيڪِي ، پارڪِرِي ڳالهائيندڙ سنڌي وغيره وغيره.

    (3). ڪوبه سنڌي نه آهي سڀ ٻاهران آيل آهن:​


    [justify]هي چون ٿا ته ڪو به اصل سنڌي ناهي سڀ ٻاهران آيا آهن سنڌ ۾ ڪو هزار سال اڳ ڪو پنج سئو سال اڳ ڪو هڪ سئو سال اڳ يا ڪو وري سٺ سال اڳ ڪو پهرين آيو آهي ته ڪو وري پوءِ آيو آهي آهن سڀ مهاجر................ !
    دوستو دنيا ۾ ڪابه قوم زمين مان ڦٽي ڪانه نڪي آهي هزارين سال گڏ رهڻ ميل جول سان قومون وجود وٺنديون آهن قوم جي سڃاڻپ ، زمين ، ٻولي، تاريخ، ڪلچر، سياسي ۽ اقتصادي مفاد پنهنجا الڳ هوندوا آهن تڏهن وڃي اُها قم سڏبي آهي هي هڪ دگهو موضوع آهي حاصل المطلب ته بين الاقوامي اصول مطابق سنڌي هڪ مڪمل قوم آهي. رهيو سوال ٻاهران ايل جو ڇا عرب، ايراني ، افغاني، پٺاڻ، بلوچ، پنجابي، ترڪ وغيره اُن سرزمين جا اصل رهاڪو آهن؟ ڇا انهن سڀني جو هڪ ئي نسل آهي؟ پنجاب ۾ 80 سيڪڙو راجستاني نسل ان کان علاوه انهن ۾ عرب، وچ ايشيائي، بلوچ، ۽ سنڌي نسل جا ماڻهو به شامل آهن عربن ۾ به ترڪ، يهودي نسل، سنڌي نسل وغيره شامل آهن ، پٺاڻن ۾ به افغان ، تاجڪ، هزاره ، بلوچ ۽ سنڌي نسل شامل آهن. بلوچ قوم ۾ به سماٽ ، آفريڪي، ڪُرد، تاجڪ، پٺاڻ وغيره ملي هڪ قوم بلوچ ٿيا آهن پوءِ سنڌي ٿي ويل سيد ، پير عباسي، ٻروچ، شيدي ۽ سنڌي پٺاڻن لاءِ اعتراض ڇا لاءِ ..............؟[/justify](4).

    بلوچ ۽ سيد:​


    [justify]بلوچ ۽ سيد سنڌي آهن بلوچن جي نسلي طرح سڃاڻپ بلوچ، ٻروچ آهي پر هُو مڪمل سنڌي آهن ڪنهن ٻروچ يا سيد جي اڳيان ڪنهن سنڌي کي گهٽ وڌ ڳالهايو ٻروچ يا سيد ماري وجهي . هُو اُها گار پاڻ ڏانهن سمجهندو توهان مهاجرن اڳيان سڄو ڏينهن سنڌين کي گاريون ڏنيون وڃن توهان (مهاجر) بلڪل ماٺ هوندا اهوئي توهان مهاجرن ۽ ٻروچن سيدن جي لفظ جو فرق آهي.[/justify]

    (5). اڳ ننڍڙا ننڍڙا گروهه آيا هُئا:​


    [justify]هي ايڏي وڏي اهم ڳالهه نه آهي شروعات ۾ مهاجر جيڪڏهن پنهنجي اولاد کي اها تربيت ڏين ها ته بابا هاڻ پاڻ ڀارت ڇڏي آيا آهيون هاڻ پنهنجو جيئڻ مرڻ هن سنڌ ڌرتي سان آهي هتي پاڻ کي اجهو مليو آهي هاڻ توهان جو هي وطن آهي ته پوءِ اڄ هي سڀ مهاجر اسان جهڙا سنڌي ٿي وڃن ها، هي نفرتون عداوتون مسئلا نه هُجن ها، سڀ سنڌي هُجون ها، پر هنن پاڻ کي اُتم اعلى برتر سمجهيو ۽ سنڌين کي ڄٽ، جاهل وغيره، رهيو سوال لکن جتي تعداد ۾ سنڌي اڄ به اڪثريت ۾ آهن.[/justify]

    (6). هي پنهنجو ڪلچر ٻولي ۽ وطن ڇڏي آيا آهن:​


    [justify]ڪهڙو توهان جو ڪلچر آهي توهان وٽ هزارن سالن جي پنهنجي ڪابه تاريخ ڪانهي، هزارين سالن جي ڪا قديم ٻولي نه آهي ،ا ردو ٻولي لشڪري ٻولي آهي جنهن جي تاريخ وڌ م وڌ 300 سئو سال يا ساڍا ٽي سئو سال آهي. اسان سنڌين وٽ پنهنجي زمين، زبان تاريخ، ڪلچر، لوڪ ادب ، موسيقي وغيره آهي، توهان وٽ پنهنجي ڪا موسيقي ناهي توهان شادين مرادين ۾ به انگريزي بينڊ باجا وڄرائيندا آهيو يا سنڌي مڱڻهارن کان سنڌي موسيقي( دهل شرنايون) توهان جون ڪهاڻيون ۽ پهاڪا به اصل ۾ هندي ٻولي جا آهن نه ڪي اردو ٻولي جا. وطن (هندوستان) هندوستان جي اصل رهواسي جو آهي توهان خود ڀارت ۾ ٻاهران آيل آهيو........... ! ! ![/justify]
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    سائين ناز صاحب ٻيون قسطون به يار جلد ونڊيندا وڃو۔
    حالت خراب ٿئي پئي۔(انتظار مان)
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !


    سائين مان ان ڳاله جو قايل نه آهيان ته اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌ ڇڏي ڪري هليو وڃڻ گهرجي ۔ جيڪي هند کي الوداع چئي ڪري سنڌ کي وسايون مسلمان هجڻ جي ناتي سان ۽ مسلم ملڪ هجڻ جي ناتي سان سو اهي جي وڃن ته ڪاڏي وڃن؟ انهن جي اڳيان ته سمنڊ ئي آهي جو ان ۾ وڃي رهن ۔ خير جي اسان سنڌي انهن سان گڏ رهون ها ۽ انهن جي وچ ۾ رهون ها ته شايد اها نوبت نه اچي ها جيڪي اڄ اسان سنڌين جي آهي اسان انهن کي هڪ مخصوص پاسو به ڏنو ڪراچي جو ايريو پاڻ حوالي ڪيو ۽ هاڻي انهن جي خلاف مهم هلايون ۽ ڳالهايون ته ان جو ڪ و به فايدو ناهي ڇو ته هو معاشي اقتصادي جاني ۽ مالي حساب سان ايترا ته مضبوط ٿي ويا آهين جو انهن کي لڏائڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي ۔ باقي ڌارين کي تڙيو ڌارين کي تڙيو واري مهم هلائڻ سان مهنجي خيال ۾ ته ڪو به فايدو نه آهي ان سان اسان جي درميان فاصلا وڌندا ، نفرتون وڌنديون، ان جو نقصان اسان جي ئي صوبي کي ٿيندو ۔ ۽ ان جو پوراء به اسان کي ئي ڪرڻو پوندو مهنجي خيال ۾ ته قرآن مجيد جو هي قول ته

    وجعلناكم شعوبا وقبائل لتعارفوا ان اكرمكم عند الله اتقاكم

    اسان اوهان جي درميان قبيلا ۽ گروه ان ڪري بڻايا تاڪي اوهان سڃاتا وڃو ۔الله تعالي وٽ اهو ئي شخض عزت دار آهي جيڪو اوهان مان متقي ۽ پرهيزگار آهي ۔
    باقي هر انسان جي اها فطرت آهي ته هو هم لسان هم عمر هم وطن کي تريجيح ڏيندو آهي ان جو اهو مخلب نه آهي ته اهو انسان قابل احترام نه آهي ۽ ان کي اسان سان نه رهڻ گهرجي بحرحال مان نه ڪٽر سنڌي سوچ رڪندڙن سان متفق آهيان نه ئي ڪنهن قوم تي ظلم ڪرڻ وارن جي حق ۾ آهيان ۔ مهنجو سوال هڪ ئي آهي انهن ماڻهين کان جيڪي اهو چوندا آهين ته سنڌ خالي ڪيو ڌارين کي تڙيو سو اوهان اها جڳه به ته ٻڌايو ته اهي ڪيڏانهن وڃنن جيڪي سالن کان آباد آهين دنيا جو اهو خطو به ٻڌايو جيڏانهن هو وڃن۔۔۔ ۔ ۔ ته انه کي ان پاسي موڪلجي ۔۔
     
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    جيڪر مضمون پورو ڪري پيش ڪجي ته بهتر رهندو ۽ دوستن جا رايا مڪمل طرح سان اچي سگهن ٿا۔ مهرباني
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    ادا تمام سٺي معلومات آهي .
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    طاهر سنڌي صاحب حالت پوري سنڌ جي خراب آهي، ڌرتي ڌڻين تي صدين کان راتاها هنيا ويا آهن، اسان سنڌين کي صرف اوسيئڙا، راس پيا آهن، وڌيڪ ڪجهه به نه۔ اڄ ڪوشش ڪري هن مضمون جي پُڄاڻي ڪري ڇڏيندس۔ توهان جي مهرباني ۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    [justify]ادا علي علي هن مضمون ۾ ڪٿي به اها ڳالهه ڪانهي ته جيڪي پنهنجو پاڻ کي مهاجر سڏائين ٿا اهي سنڌ خالي ڪري وڃن۔ لڳي ٿو ته تو پوري طرح هن مضمون جو اڀياس ڪيو ئي ڪونهي مڙئي آڱر وڍائي لسٽ ۾ نالو لکايو اٿئي۔ جيڪي فيڪٽ هن مضمون ۾ مضمون نگار پيش ڪيا آهن انهن تي ڳالهائين ها ته تمام ڀلو ٿئي ها۔ سنڌي ته صدين کان سٻاجهڙا رهيا آهن، انهن جي دلين ۾ ڪٽر پڻو نڪو ڪالهه هو ۽ نڪو اڄ آهي پر ڪٽر پڻو ڪنهن منجهه آهي انهي ڪٽر پڻي کي مضمون نگار هن مضمون ذريعي ساري دنيا جي سنڌين سان وائکو ڪيو آهي۔ خير هڪڙي ڳالهه پنهنجي ذهن ۾ ويهاري ڇڏي ته جن به سنڌ مٽي سنڌ ڌرتي سان ويساهه گهاتيون ڪيون آهن انهن کي تقدير به معاف ڪونه ڪيو آهي۔[/justify]
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    جي ادا افتخار علي چوهاڻ آئون ڪوشش ڪريان پيو ته اڄ انهي مضمون جو ڇيڙو ٿِي وڃي توهان جا لک لائق۔
    پيش آهي هن مضمون جي قسط نمبر 4

    مخصوص ٽولي جِي ذهنيت
    از ؛ محمد رمضان دلدار چڍڙ
    قسط نمبر 4​

    “شهيد راڻي جي شهادت کان پوءِ الطاف جو منافقاڻا خط .......... !!​

    [justify]هي خط بينطير جي شهادت کان پوءِ ورهايا ويا، خط ۾ الطاف لکيو آهي ته : بينظير جي شهادت کان پوءِ ڳولي ڳولي مهاجرن جي ملڪيتن کي لٽيو ۽ ساڙيو ويو آهي، انهيءَ ۾ غريب مهاجرن ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو.
    جناب الطاف صاحب کي ياد ڏياريندو هلان ته1985ع ڌاري ڪراچي ۾ هڪ مهاجر شاگردياڻي بشرى زيدي جو اتفاق سان هڪ پٺاڻ ڊرائيور هٿان ايڪسيڊنٽ ٿي ويو هو موٽ ۾ مڇريل مهاجرن ڪيتريون ئي گاڏيون ، دوڪان، سرڪاري دفتر ۽ عمارتون ساڙي ڇڏيون بي گناهه پٺاڻن ۽ عام ماڻهن کي ماريو ويو ۽ انهن جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو انهن ۾ عام ماڻهن ڪهڙو ڏوهه ڪيوهو؟
    انهن عام ماڻهن ڇوڪري ته ڪانه ماري هُئي،ا ن ڳالهه جو توهان وٽ ڪهڙو جواب آهي؟
    جو اڄ توهان (هن خط ۾) شهيد راڻي جي شهادت کان پوءِ ٿيندڙ رد عمل جو سنڌين کي طعنو پيا ڏيو.
    جڏهن به ڪو عوام جي مقبول محبوب هر دل عزيز رهنما سان ڪجهه ٿيندو آهي ته عوام پنهنجي جذبات جو اهڙي طرح اظهار ڪندي آهي جيڪا ڳالهه توهان جا دانشور پڻ مڃين ٿا ۽ لکن به ٿا توهان جو دانشور شڪيل احمد ضياءُ لکي ٿو:
    1977ع جي چونڊن شڪست کان پوءِ مسز اندراگانڌي پارليامينٽ ۾ هڪ سخت تقرير ڪئي ۽ جنتا حڪومت دستور (قانون) مطابق ڪاروائي ڪئي ۽ مسز اندرا گانڌي کي جيل موڪلي ڇڏيو، مسز گانڌي کي اسيمبلي اجلا س جي سڄي مدي عرصي دوران جيل ۾ رهڻو پيو هو هي عرصو ٽن مهينن تائين هو ۽ مسز گانڌي کي اجلاس جي پهرين ڏينهن جيل پهچايو ويو مسز گانڌي جي حامين صرف 24 ڪلاڪن ۾ قيامت برپا ڪري ڇڏي، تقريبن ڇهه سئو ريلوي اسٽيشنون ساڙي ڇڏيون، هزارين ميل ڊگهي ريلوي لائين پٽڙي اکيڙي ڇڏي، هڪ هزار پوسٽ آفيسون ۽ بيئنڪون لٽيون، ۽ ساڙيون لکن ماڻهن گرفتاري ڏني(ڪتاب سنڌ ڪا مقدمه صفحو نمبر 194 ليکڪ شڪيل احمد ضياءَ.[/justify]
    [justify]ساڳيو مصنف اڳيان لکي ٿو : عوامي عقيدت ۽ مقبوليت جو اهو ئي پيئمانو آهي جنهن مان نه صرف ليڊر جي قدر وقيمت پر خود عوام جي عقيدت جي به آزمائش ٿيندي آهي، پاڪستان جي عوام انهي نوع عقيدت ۽ محبت جي جذبات کان نا آشنا آهي (صفحو 194). هاڻ الطاف صاحب توهان پاڻ فيصلو ڪيو ته دنيا جي ايڏي وڏي ليّڊر جو بي گناهه قتل ٿي وڃي ۽ عوام پنهنجو ردِ عمل به نه ڏيکاري؟ مسز گانڌي ته رڳو جيل ۾ وئي هُئي هت ته قتل ٿيو هو، پوءِ به سنڌي ڏوهاري.؟
    توهان هڪ ڇوڪري جي ايڪسيڊنٽ تي ايترو نقصان ڪيو، بينظير ته دنيا جي مشهور ليڊر هُئي. ايڪسيڊنٽ کان پوءِ توهان ماٺ ڪونه هُئا ٿوري گهڻي ڳالهه تان توهان پٺاڻن جا دوڪان ۽ گاڏيون ساڙيون پئي ۽ پٺاڻن کي ماريو پئي نيٺ پٺاڻن به مهاجرن کي جيئرو باهه ۾ ساڙڻ شروع ڪيو ۽ اڳيان هلي “ پنجابي ، پٺاڻ اتحاد”ٺهيو سرور اعواڻ وارو، توهان خط ۾ اڳيان لکيو آهي ته :
    ذوالفقار علي ڀٽي، مرتضى ڀٽي، شاهنواز ڀٽي ۽ بينظير ڀٽو کي ڪنهن مهاجر قتل ڪونه ڪيو هو پوءِ غريب مهاجرن جو اندرون سنڌ ۾ ڪراچي ۾ ڳولي ڳولي مهاجرن جا گهر دوڪان فيڪٽريون ڇو لٽيون ۽ ساڙيون ويون.[/justify]
    [justify]الطاف صاحب پهرين ڳالهه ته وڳوڙين ۾ هر قسم جا ماڻهو اچي شامل ٿيندا آهن ، ڏوهاري ۽ مختلف پارٽين جا ماڻهو خود ايم ڪيو ايم به شامل ٿي هوندي ان ڳالهه ۾ به شڪ ناهي ، ڪانگ کي لُڙهه ۾ مزو................ ! !
    لٽين هڪڙا ۽ کاتي ۾ وڃي ٻيئن جي. ٻي ڳالهه ته خط ۾ الطاف مهاجرن کي سنڌين کان ڌار ڪري بيهاريو آهي.
    هاڻ اچون ٿا الطاف جي انهي ڳالهه تي ته ذالفقار علي ڀٽو، مرتضى ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ، ۽ بينظير ڀٽو کي 1947ع ۾ هجرت ڪري آيل مهاجرن قتل ڪونه ڪيو آهي پوءِ غريب مهاجرن کي نقصان ڇو ڏنو ويو؟
    محترم الطاف صاحب توهان کي ۽ توهان جي پارٽي وارن کي چڱي طرح ياد هوندو ته هڪ فوجي کي ايم ڪيو ايم اغواڪري خاص ٽارچر سيل تي آڻي تشدد ڪيو ۽ پوءِ اُن کي ............................... ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم تي زوال اچڻ شروع ٿِي ويو. ڪيترا توهان جا ٽارچر سيل جهليا ويا، ڊرگ مشينون جن سان توهان مخالفن کي اغوا ڪري پوءِ تشدد ڪندا هُئا، انهن جا فوٽو اخبارن ۾ آيا. ٽي وي تي ڏيکاريا ويا.... الطاف صاحب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي چوڪن تي لڳل توهان جي فوٽن کي جوتن جا هار پارايا ويا ۽ پانن جون ٿُڪون هنيون ويون. اُهي هار پارائيندڙ ۽ ٿڪون هڻندڙ سڀ جا سڀ اردو ڳالهائيندڙ هُئا، سنڌي هڪڙو به ڪونه هو جيئن توهان ( بقول تنهنجي) ذوالفقار علي ڀٽو مرتضى ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي قتل ۾ شامل ڪونه آهيو اهڙي طرح هارن ۽ جوتن ۾ به سنڌي شامل ڪونه هُئا پوءِ 1988ع ۾ توهان جي پارٽي وارن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڳولي ڳولي سنڌي ڇو ماريا؟ شهر شهر ، ڳوٺ ڳوٺ لاش اماڻيا، ملڪيتون ، لٽيون، لڄالٽ ڪئي ، سنڌي نياڻين جي اُرهن تي نشان ، ٺپا هنيا، تشدد ڪيو اهو سڀ ڇو ڪيو ويو؟ ؟.
    گورنر سنڌ عشرت العباد ۽ بابر غوري بيان ڏنا ته وڳوڙين دوران عورتن سان لڄالٽ ٿي آهي( انهيءَ موقف کي وفاقي وزيرن، انصار برني ۽ تحقيقاتي ڪميٽي رد ڪري ڇڏيو هو. (ڏسو شهيد راڻي جي شهادت کان پوءِ جون اخبارون).
    هاڻ اچون ٿا الطاف جي انهي ڳالهه تي ته مون ناصر حُسين ۽ ڀائيٽي عارف حسين جو خون بينظير کي معاف ڪري ڇڏيو. ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جو خون بينظير جي دور م ٿيو هو. ڇا ناصر حسين ۽ عارف حسين کي بينظير قتل ڪيو هو؟ يا بينطير قتل ڪرايا هُئا. ؟
    اگر ڪنهنجي دور ۾ قتل ٿيندڙ جو ڏوهه حڪمران تي آهي ته پوءِ اڳوڻي صدر پرويز مشر جي دور ۾ بينظير صاحبه جو قتل ٿيو آهي پوءِ ان قتل جي ايف آئي آر به اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي درج ڪرائي وڃي.
    محترم الطاف صاحب ڀاءُ ۽ ڀائيٽو هيستائين توهان کي ياد ڪونه هُئا پرويز مشرف توهان سان لنڊن ۾ ملاقات ڪئي اُن کان پوءِ ڀاءُ ۽ ڀائيٽو ياد اچي ويا؟
    الطاف صاحب محترما بينظير جي دور ۾ سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلى سيد عبدالله شاهه جو ڀاءُ به قتل ٿيو اُن قتل جا پيرا ڪيڏانهن پئي ويا ..................... ؟ ؟
    هاڻ اچون ٿا الطاف جي انهي ڳالهه واري پاسي ته سنڌ ۾ اڄ ڪهڙي قوم آهي جيڪا “ موهن جي دڙي” وقت موجود هُئي؟واهه الطاف صاحب واهه ! پوءِ هي سنڌ ۾ موجود ، ماڇي، ملاح، جت، ڀيل، شڪاري، اوڏ راوڙا، پارڪريا، بروهي وغيره ڪير آهن؟ ڇا اهي سڀ موهن جي دڙي وارا دراوڙي نسل جا نه آهن. الطاف صاحب هاڻ آئون توهان کان ٿو پڇان ته ڇا مهاجر ڪا قوم آهي؟ دنيا ۾ مهاجر نالي ڪا قوم ٿيندي ئي ناهي. توهان اردو ڳالهائيندڙ هڪ قوم ته ڇا پر هڪ نسل جا به نه آهيو. توهان مختلف نسلن ، مختلف علائقن ، مختلف ثقافتون رکندڙ ، مختلف ٻوليون ۽ لهجا ڳالهائيندڙ آهيو، اها توهان جي خوشقسمتي آهي جو سنڌ ۾ اچي توهان اردو لکڻ پڙهڻ ، ڳالهائڻ ۽ سنڌي دشمني جي بنياد تي توهان سڀ هڪ آهيو ۽ گڏ به آهيو نه ته حققيقت هي آهي جو سنڌ ۾ رانگڙن جي ٻولي الڳ آهي ته غوري سڏائيندڙن جي الڳ. ڪشميري سڏائيندرن جي ٻولي الڳ آهي ته ڪونجڙن ۽ دائڙن جي ٻولي الڳ آهي. هڪڙا راجستان کان آيا آهن ته ٻيا وري مشرقي پنجاب جي علائقي پٽيالا کان هڪڙا ڀوپال جا آهن ته ٻيا وري لکنو جا ، يوپي ، سي پي ۽ مشرق پنجاب ۽ راجستان جي ثقافت جا به وڏا فرق آهن ايتري قدر جو سندن شڪل صورت بيهڪ به الڳ الڳ آهي . پر هيڏانهن وري هڪ سماٽ، سيد ۽ ٻروچ جي شڪل ۾ فرق نظر ڪونه ايندو سڀ سنڌي نظر ايندا سنڌي ماڻهو لکن ۾ پڌرا. سيد بديع الدين شاهه راشدي، مخدوم غلام حيدر صديقي ، مير غلام محمد ٽالپر ۽ فقير غلام رسول انڙ سڀني کي کڻي ڏسو انهن مان ڪو به عرب ، بلوچ ۽ سماٽ جو فرق نظر ڪونه ايندو. پر توهان يو پي جو مهاجر ۽ جئه پور جو مهاجر بيهاري ڏسو ٻنهين جي شڪلين ۾ وڏو فرق نظر ايندو، ...... ؟
    الطاف صاحب توهان چئو ٿا ته ڪو به اصلي سنڌي ناهي سڀ ٻاهران آيل آهن . الطاف صاحب آئون توهان کان پڇان ٿو ته توهان سنڌي ۽ پاڪستان ته ٺهيو پر هندوستان م ڪڏهن کان آياآهيو توهان ته هندوستان جا به اصل رهاڪو نه آهيو. توهان پهرين پنهنجو حسب نسب ۽ پنهجو اصل وطن ۽ تاريخ ٻُڌايو پوءِ ٻئين جي شجرن تي ڳالهايو............ ؟ توهان پنهنجي خط ۾ بار بار نام نهاد قومپرست لکيو آهي. توهان ٻُڌائيندا ته اُهي نام نهاد قومپرست ڪهڙا آهن ؟[/justify]
     
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    ادا نثار اوهان مٿي اشارو ته ڏنو آهي ته هن مضمون جو ڇيڙو ٿي وڃي ته ڇا هي قسط 4 آخري قسط سمجهجي ۔۔۔ انڪري جو 3 قسطون پرنٽ ڪري رکيون آهن ۽ هي قسط به پرنٽ ڪري نماز کانپو پڙهبي ۽ پو سوچي سمجهي هن مضمون تي ڪجهه چئي سگهبو ۔۔۔

    تمام سهڻو مضمون آهي انڪري انکي موٽ به سهڻي ملڻ گهرجي ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔
     
  16. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    باقي مان مضمون جي نه پر انهن ڪٽر سنڌي ذهنيت رکڻ وارن جي ان فڪر جي ترديد ڪئي هئي جيڪي اها ڳاله ڪندا آهين ته ڌارين کي سنڌ ڇڏي ڏيڻ کپي سنڌ اسان جي آهي ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ باقي دوست جو هي مضمون به اهڙي ئي قسم جي فڪر رکڻ واري جي ذهينت جي تائيد ڪري رهيو آهي ۔ ۔ ۔
    سائين اوهان جي انهن سڀني ڳالهين جو مقصد يا لب لباب اهو ئي آهي ته سنڌين ۽ ڌارين ۾ فرق آهي سنڌين سان ظلم ٿيا سنڌي قوم کي بجاء سجاڳ ڪرڻ جي ته هو سجاڳ ٿئي ۔ تعليمي لحاظ سان ، اقتصادي لحاظ کان معاشي لحاظ کان ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔۔ ۔ اسان انهن کي اهڙيون ڳالهيون ڪري نفرت جي طرف ڌڪي رهيا آهيون جيڪا منهنجي نظر ۾ صحيح نه آهي ۔۔۔۔ اوهان پاڻ چيو ته اسان سنڌين جي دلين ۾ ڪنهن خلاف ڪينو نه رهيو آهي ته پوء اسان اهڙيون ڳالهيون ڪري انهن جي دلين ۾ اها عنصريت ڇو پيا پيدا ڪيون؟؟؟جي ڪڏنهن ڪو اسان سان ناجائزي ڪري رهيو آهي يا ان ناجائزي ڪئي آهي ته اها سياسي ليڊرن جي سياست آهي جيڪي هميشه قومن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجا مفاد حاصل ڪندا آهين پر جي اسان ان نفرت جي جواب ۾ پيار کي عام ڪيون ته منهنجي خيال ۾ اهڙا ناخوشگوار واقعا رونما ٿيڻ بند نه به ٿي وڃن پر انهن ۾ ڪنهن حد تائين ڪمي ضرور ايندي باقي اوهان اسان جي سر جا سائين آهيو ۔۔ ۔ ۔ ۔
     
  17. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    [justify]محترم علي علي مونکي گوتم ٻُڌ جو قول ياد پيو اچي ته جيڪو توهان جي هڪڙي ڳل تي چماٽ هڻي ته توهان ٻي ڳل انهي چماٽ هڻڻ‌واري جي اڳيان ڪري ڇڏيو، گوتم ٻُڌ جي مڃڻ وارن ٻڌ ڀِڪشو گوتم جي انهي فلسفي کي عام ڪرڻ ۽ نفرتون گهٽائڻ‌ لا ائين ڪرڻ شروع ڪيو، ڀر پاسي ۾ رهندڙ همراهن کي اچي مذاق سوجهي جو گوتم ٻُڌ جي مڃڻ‌وارن کي هڪڙي ڳل تي چماٽ خام خاه واهيو ڪڍن ته گوتم ٻُڌ جا پيروڪار وري ٻي ڳل انهن چماٽ هڻڻ وارن اڳيان ڪريو ڇڏين نتيجو اهو نڪتو ويچارن ٻُڌ ڀِڪشوئن جا ٻئي ڳل چماٽون کائي کائي سُڄي پوندا هُئا بقول توهان جي ته نفرت جي جا تي پيار عام ڪرڻ جي صلي ۾ انهن چماٽن کائڻ جي ڊپ کان دنيا ۾ ٻُڌ ڀِڪشو صرف پهاڙن ۾ غارن ۾ پنهنجون پناهه گاهون ڳولهيون، ڇا توهان به ائين چاهيو ٿا ته اسان سنڌي به ائين نفرتن جي جواب ۾ پنهنجا پيار آڇي آڇي پاڌر کائي کائي پنهنجو پاڻ کي ديوار سان لڳائي ڇڏيون ۔ اسان سنڌين اڳي ئي محبتن ، امن ، چاهتن بدلي ۾ سدائين ارغونن ترخانن ، مدد خان پٺاڻ، عربن، کان مارون مليون آهن سدائين اسان سنڌين جا سر قلم ٿيا آهن ارغونن ترخانن ، عربن محبتن جي بدلي ۾ اسان سنڌين سان ڪهڙا ڪهڙا واهڻ وهايا تاريخ جي ورقن ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا۔ڇا توهان ائين چاهيو ٿا ته ڪو ڌاريو اسان جي سنڌين جي وسيلن تي قبضو ڪري اسان ان وري به چئون ته بابا توهان ڌارين جو حق آهي ڀلي قبضا ڪريو اسين سنڌي هونئن مارن جا پڪا آهيون اسان سنڌي توهان تي گُل نڇاور ڪريون ٿا، هو ڀلي اسان سنڌي جيڪي هن ڌرتي جا اصل ڌڻي آهيون اسان کي ديوارن سان لڳائن، ڀلي اسان سنڌين کي ٻيلن، جنگلن، جبلن ۾ ڌڪي ڇڏين تڏهن به اسان سنڌي ڪنول جي گُلن جي ورکا انهن تي ڪريون ته بابا توهان ڀلي پنهنجون نفرتون آزمايو اسان سنڌي ماٺ ڪري ٿا ويهون۔ وه قتل ڀي ڪرتي هين تو چرچا نهين هوتا هم آهه ڀي ڪرتي هين تو هوجاتي هين بدنام واهه واهه زبردست۔ هڪڙي ڳالهه وري به توکي چوندس ته هن مضمون کي مڪمل طرح تو پڙهيو ئي ڪونهي۔ پهرين هڪڙي آڱر وڍائي تو نالو لکايو هاڻي شايد هي مضمون نه پڙهندي ٻه آڱريون وڍائي ٻيو نالو لکايو۔ باقي جي آئون تنهنجي سر جو سائين آهيان ته جاني تون ته منهنجي روح جو راڻو آهين شل جڙيو هُجين جيئن بچين۔[/justify]
    الا ائين مَ هو جو ڪتابن ۾ پڙهجي ، ته هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي​
     
  18. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    ادا اڃا مضمون پنهنجي پڄاڻي تي ڪونه پهتو آهي۔ دوست موٽ ملي يا نه ملي خير آهي هڪڙي ڏات ڌڻي جو تحقيقي مضمون لکي مون پنهنجو فرض نڀايو آهي۔
     
  19. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    هڪ مخصوص ٽولي جي ذهنيت
    از؛ محمد رمضان دلدار چڍڙ
    قسط نمبر 5آخري قسط​


    سڀني دوستن کي گُذارش آهي ته مٿين چئن قسطن کي پهرين نظر مان ڪڍي هن قسط کي پڙهن جيئن هن مضمون جو تسلسل برقرار رهي۔​


    ڇو ته سنڌ جي سنڌي قومپرستن ۾ جيئي سنڌ، قومي محاذ ، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي ، ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، سنڌ نيشنل فرنٽ، سنڌ ساگر پارٽي وغيره سڀ آهن. توهان ڪنهنجي ڳالهه ٿا ڪريو؟
    الطاف صاحب توهان مهاجرن کي چيو ته پنهنجون ٽي وي ۽ وي سي آر وڪڻي به هٿيار خريد ڪريو ته سڀني مهاجرن هٿيار ورتا جڏهن ته وٽن اڳ ۾ به بي انداز اسلحه موجود هو پر پوءِ به قائد جو فرمان ٻڌي اسلحه خريد ڪيائون...............؟
    پر جڏهن توهان مهاجرن کي اهو چيو سڀ پنهنجا ٻارڙا سنڌي پڙهايو ته ڪنهن هڪڙي به اردو ڳالهائيندڙ پنهنجو ٻار سنڌي پڙهڻ لاءِ ڪونه ڇڏيو آخر ڇو؟
    الطاف صاحب تعصب توهان منجهه آهي اسان سنڌين ۾ ناهي. ڪنهن به مهاجر جي دڪان، اوطاق ۽ پاڙن ۾ ڪنهن به سنڌي اڳواڻ سائين جي ايم سيد ، ذوالفقار علي ڀٽو ، بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، قادر مگسي، بشير خان قريشي ، عبدالواحد آريسر جافوٽو لڳل نه هوندا ايتري قدر جو اڪثر مهاجرن جي گهرن ۾ سنڌي ڪتاب، رسالا، اخبارون ، آڊيو ، وڊيو، ڪيسٽون به پيل ڪونه هونديون (سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ اهل علم جي) پر سنڌين وٽ سوين اردو ڪتاب رسالا اخبارون آڊيو وڊيو ڪيسٽون موجود آهن. مهاجر سنڌي فلمون ڪونه ڏسن. پر سنڌي ويچارا اردو پنجابي انگريزي هندي فلمون ڏسن ٿا، ٻڌايو ته تعصب ڪنهن ۾ آهي سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ يا اردو ڳالهائيندڙن ۾ ؟..........
    ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ وارِي سياست:​

    ايم ڪيو ايم وارا هڪ پاسي جيئي سنڌ واران کي چوندا آهن ته اسان جا هي هي شرط مڃيو ته اسان توهان کي ساٿ ڏينداسين ٻهرارين ۾ توهان ته شهرن م اسان پنجابين ۽ پٺاڻن کي ڪڍنداسين، جي توهان اسان جا شرط نه مڃيا ته اسان پنجابين پٺاڻن جو ساٿ ڏئي شهرن ۾ توهان جي تحريڪ روڪينداسين. ٻي پاسي پنجاب وارن کي چوندا آهن ته اسان جا فلاڻا فلاڻا شر ط مڃيو نه ته پوءِ اسان سنڌي قومپرستن کي ساٿ ڏئي پنجابين کي سنڌ مان ڪڍنداسين ؟
    قومي ۽ صوبائي اسيمبلين پي پي پي وارن کي چوندا آهن ته اسان جا هي هي مطالبا مڃيو نه ته پوءِ اسان اپوزيشن وارن کي ساٿ ڏينداسين ۽ پي پي مخالفن کي چوندا آهن ته اسان جي هي هي شرط مڃيو نه ته پوءِ سان پي پي جو ساٿ ڏينداسين حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٻئي ڌريون سندن شرط مڃڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن اهڙي طرح ايم ڪيو ايم وارا قومپرستن پنجاب ، نواز شريف، مسلم ليگ ۽ پي پي پي وارن کي بليڪ ميل ڪندا آيا آهن. انهن جي سڄي سياست بليڪ ميلنگ ۽ دهشت گردي تي رکيل آهي.
    1948ع کان 2008ع تائين انهن جي مخصوص ٽولي جي ذهنيت اها رهي اهي جنهن جو مون مختصر تعارف يا جائزو توهان جي سامهون پيش ڪيو آهي. وڌيڪ فيصلو توهان تي آهي............... واڪا ڪرڻ مون وس ، ٻُڌڻ ڪم ٻاروچي جو.................... ! !
    *****
    مددي مواد
    (1). سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ : از جي ايم سيد
    (2). سنڌ جي سياست : مير امداد علي ٽالپر (3). ڪراچي سنڌ جي مارئي: گل حسن ڪلمتي
    4۔ سنڌ جو اخبارون
     
  20. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ مخصوص ٽولي جِي ذهنيت !

    [justify]محترم سائين نثار ناز! رب اوهانجي هن ڪار خئير کي قبول فرمائي ... محترم سائين چڍڙ صاحب جو هي ليک پيش ڪري اوهان سچ ۽ حق جو ساٿ ڏئي پنهنجو ڪم ته پورو ڪيو آهي پر اسانجي نظر ۾ اوهانجو قد اڃان سلالو ٿيو آهي ... ڇاڪاڻ ته پاڻ مصروف، شاعر ۽ مختلف ڪمن سان لاڳاپيل انسان ڪنهن ٻي جي ڪاوش کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ لکي پيش ڪري، اهو ڪو سولو ڪم ناهي، اهو به هڪ ڊگهو مضمون ...
    ************
    سائين چڍڙ صاحب بلڪل سچ لکيو آهي ۽ حب الوطنيءَ جو ثبوت ڏنو آهي، سنڌ دوستيءَ ۾ سچ لکي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي دشمن به ٿيندا آهن ته سچ تي ٿيندا آهن، ڪوڙ تي يا ڏاڍ قائم ڪرڻ لاءِ نه .... دراوڙن کان وٺي اڄ تائين جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌ هميشه سچ ۽ حق جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ان حق ۽ سچ جي ساٿ ڏيڻ سبب کيس ڪيترائي گهاٽا به ٿيا آهن ۽ ڪيترائي ڏک به برداشت ڪيا اٿس ... جيئن موجوده پاڪستان ۽ اسلام جي نالي ۾ ساٿ ڏنوسون پر افسوس جو دشمنن جي بري نيت ڏسي نه سگهياسون ۽ ڪوڙڪيءَ ۾ ڪڙجي وياسون ....

    سائين چڍڙ صاحب کي منهنجي پاران سلام ڪندا ۽ کيس منهنجو دعائون پهچائيندا ۽ کيس يقين ڏياريندا ته سندن ڪوڪون ضرور هڪ ڏنهن نگاري جي آواز تي گيت ٿي وڄنديون ۽ دما دم ٿي ويندي ...

    ڇاڪاڻ، جي ايم جا لفظ آهن ته، کيس پاڪستان جي ٽٽڻ ۾ ايترو يقين آهي جيترو سڀاڻي جي اڀرندڙ سج ۾ ...

    هاڻ اچجي سائينءَ جي مضمون تي ته ان ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن ...

    • جي ايم سائينءَ جو قول
    • مهاجرن جي هڪ مخصوص ٽولي جون ويساه گهاتيون ۽ سنڌ دشمنيءَ جا عمل

    سائين محترم چڍڙ صاحب جو سڄو زور مهاجرن جي ان ٽين حصي تي آهي، سڀني مهاجرن تي ناهي ... ها سڀ مهاجرن جو ڏوهه هڪ صورت ۾ آهي ضرور، جو هو ان ڏاڍ سان ساٿ ڏئي رهيا آهن ....

    سائين محترم اوهانجو مضمون پڙهڻ کانپوءِ احساس ٿئي ٿو ته اهو ٽيون حصو هن وقت ايترو ته طاقتور ٿي ويو آهي جو ان ۾ مهاجرن جا سياستدان، اديب، شاعر، مذهبي عالم، اداڪار، سداڪار ۽ زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ فرد شامل ٿي ويا آهن، ۽ وري جيڪڏهن انهن سڀني جي اثر جي ڳالهه ڪبي ته سمورا مهاجر ان سحر ۾ ڦاٿل آهن ۽ ان سحر کان ٻاهر ناهن ....

    هاڻ سوال اهو اٿي ٿو ته سنڌ ۾ هيترا سارا ڪروڙين ماڻهون آيل آهن ۽ هتان جي هر شئي تي مالڪي ڄمائي ويا آهن ۽ پنهنجو وجود ايتري ته سگهاري انداز سان ظاهر ڪري رهيا آهن جو اسانجون سڀ سگهاريون تنظيمون انهن جي آڏو واريءَ جا ڪوٽ ثابت ٿين ٿيون ...

    سنڌ اندر وفاق پرست پارٽيون ۽ ماڻهون جيڪي اڃان پاڪستان جي سحر ۾ ڦاٿل آهن ۽ ووٽ کي پنهنجي نجات سمجهن ٿا ۽ جمهوريت کي پنهنجو اٽولٽو سمجهن ٿا، انهن جو رويو مهاجرن جي ان ٽين نمبر ڌڙي جي آڏو گوڏا کوڙڻ وارو آهي بلڪ هاڻ وفاق پرست سنڌي هڪٻئي جا ترا ڪڍڻ جي چڪر ۾ ان ئي ڌڙي جي در تي وڃي پنهنجا پٽڪا ۽ ٽوپيون رکن ٿا ....

    فوجي ۽ عسڪري قوتون پڻ انهن جي ڏاڍ ۽ هٿيار کان لنوائن ٿيون ۽ انهن سان ساٿ ڏيڻ ۾ پنهنجي آخرت محفوظ سمجهن ٿيون ... ڇاڪاڻ ته چور ئي چور جو ساٿياري هوندو آهي، چور ته چاهيندو آهي ته پاڙي وارو چور به ڪجهه سگهارو ٿئي ته جيئن هو انهن جي ڊپ ۾ ڀاڳين کي اڃان وڌيڪ غلاميءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌندو وڃي ...

    ننڍڙي لاءِ جڏهن اسين ضد ڪندا هئاسون ۽ رات جو روئيندا هئاسون ته امڙ سڳوري اسانکي ڊيڄاريندي هئي ته چپ ٿيو نه ته رات جي ماءُ ايندي ۽ اوهانکي کڻي ويندي ۽ پوءِ اوهانکي کائي ويندي، اسين ان رات جي ماءُ جو تصور هڪ ڀيانڪ، ازدها جهڙي بلا سان ڪندا هئاسون ۽ چپ ٿي امڙ جي هنج ۾ وڃي منهن لڪائي سمهي رهندا هئاسون ...

    دوست هن وقت اها مهاجرن جي ٽين سگهه ان رات جي ماءُ جيئان ازدها جي مثل ٿي پئي آهي جنهنجي آڏو ڪئي ڪونڌر جهڪيو پون ... هاڻ تازا مثال اسانجي سامهون آهن ...

    هاڻ اچجي ته پاڪستان يا وفاق جي سحر ۾ ڦاٿل پارٽيون ته آهن ئي سوداگر انڪري سوداگري ڪري جان ڇڏائن ٿيون ته ڀلا جيڪي پاڻ کي سنڌ دوست، حب الوطن ۽ قومپرست پارٽيون چوائن ٿيون انهن ۾ ڪيتري سگهه آهي يا ڪيتري پختگي آهي جو هو نه فقط پاڪستان جهڙي ظالم فوج ۽ سگهه سان گڏوگڏ هن رات جي ماءُ سان وڙهڻ يا مهاڏو اٽڪائي سگهڻ جي سورهيائي ڏيکاري سگهن ...

    اوهان جيڪي سنڌ دوست پارٽيون ڄاڻايون آهن ....
    جيئي سنڌ، قومي محاذ ، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي ، ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، سنڌ نيشنل فرنٽ، سنڌ ساگر پارٽي وغيره

    الله جنت نصيب ڪري محترم سن واري سائينءَ کي جو جيئرو هو ته سمجهه ۾ ايندو هو ته سنڌ دشمنن آڏو ڪو جبل آهي جو بيٺو آهي، ڪيئن به ٿئي پر سائينءَ جي هوندي اسين پاڻ ۾ ٻل سمجهندا هئاسون .... پر ان محترم ارڏي شخصيت جي گذر ڪري وڃڻ کانپوءِ ايئن لڳي ٿو ته قومپرست سياست يتيم ٿي وئي هجي، سنڌ بي واهي ٿي پئي هجي، جنهن وٽ نه سگهه آهي نه ساهه ... نه ازم آهي نه نظم، نه سچ آهي نه حق، نه ٻل آهي نه ٻلوان ...

    ڳالهيون ته سڀ وڏيون ڪن ٿا پر آهي ڪو جو رڳو ئي رڻ گهري ....؟

    دوست! قومن جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ واري راهه ۾ ٻه وڏيون اهم سچايون هجڻ ضرور آهن، هڪ ان ۾ اڳواڻن جو هجڻ جيڪي وقت سر، پنهنجي معاشري جي واڳ ورائي سڌي راهه تي آڻڻ جو ڪم ڪندا آهن، ٻيو قوم ۾ ڪنهن نظريي جي طرف جهڪاءُ، هن وقت سنڌي قوم پاڪساني قوم جي زهر ۽ سنڌي قوم جي امرت واري فرق جي سمجهه کان عاري آهي ... هن وقت به سنڌ ۾ اڳواڻن جي خطرناڪ حد تائين ڪمي آهي ۽ جيڪي اڳواڻ پئدا ٿيا سي يا ته پاڪستان لاءِ سر ڏئي وڃي قبرن ۾ قلندر ٿيا ۽ جيڪي سنڌ جي ڳالهه ڪندا هئا سي به الله جا پيارا ٿي ابدي ننڊ ۾ وڃي سمهي رهيا آهن ...

    باقي رهيو ممتاز ڀٽو، بشير قريشي، عبدالواحد آريسر، رسول بخش پليجو ۽ قادر منگسي، تن ۾ آسرو ڪرڻ ائين آهي جيئن ٻٻرن مان ٻير گهرڻ ... ڪي شرابي، ڪي ڌاڙيل، ڪي جذباتي موسمي ڀاڙو ته ڪي وري مال ۽ ملڪيت جا دلداده ....


    هاڻ رات جي ماءُ سان ڪير منهن ڏيندو، پاڪستان جي ڪروڙين انسانن جي قاتل فوج سان ڪير منهن ڏيندو .... سنڌ جي معاشرتي ۽ سماجي ڀنڃ ڊاهه سان ڪير مهاڏو اٽڪائيندو ....... وغيره وغيره ؟ اهي سوال آهن جيڪي جڏهن به سنڌ جي قوم ۽ قوميت تي سوچجي ٿو ته سامهون اچن ٿا ....؟ اهي سوال پوءِ ڇون سنڌ دشمنن جا ئي پئدا ڪيل هجن پر آهن پنهنجي جاءِ تي سچ ....

    مزي جي ڳالهه انقلابي سگهه جيڪا قومن جي آزاديءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي ... اسين ..... هيٺئين ۽ وچين طبقي جا ماڻهون ڇڙوڇڙ، مختلف گادين تي ويٺل واڳن جي پٺاڙن سان ٻڌل آهيون ۽ جان ڇڏائي نه سگهيا آهيون ...

    اچو ته ان سوچ تي سوچيون ۽ سنڌ جي آجپي واري ويڙه ۾ ڪنهن طرف وڌي سگهون ... اوهانجون ڳالهيون سون جهڙيون ... سچ ۽ حق آهن ۽ صدين جون صدائون آهن ... اڄ جون نه انگريزن جي حڪمرانيءَ کانوٺي اڄ تائين جي وارتا آهن ... ويساهه گهاتيون آهن ....

    رب العالمين سنڌين کي حق ۽ سچ طرف وڌڻ جي سگه عطا ڪري ... آمين
    [/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو