تنهنجو نصيب توسان مُنهنجو نصيب مونسان

'وڊيو گيت' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    هن چرئي شاعر جي پسند بگڙي چُڪي آهي، مُنهنجي پسند آهي لازمي ڪونهي سنڌ سلامت وارا سمورا دوست ان کي پسند ڪن، سائين الجميلي ادا مخدومي ادا زاهد سومرا هن ۾ ڪابه سرپرائيز ڪانه رکيل اٿئي هن ۾ ڪوبه گبر سنگهه ڪونه آهي جي توکي نظر اچي وڃي ته ٻُڌائي کڻي۔ادا علي علي جهونا، ڪيئن ڪو آهي هن ۾ گبر سنگهه، فقير ڦلپوٽا ڇا اڃان به تون مَٽَ ڀڃندين، مٺا وهاب قمبراڻي مُنهنجي پسند يقينن توکي ضرور پسند ايندي، جي نه اچي ته توکي اجازت آهي مٽ ڀڃي سگهين ٿو، باقي رهيو ادو رشيد سمون سو وڏي ايڊمن آهي، پوءِ ان جو نصيب ان سان نثار ناز جو نصيب به اُن سان، اڙي ها ادا سُلطان توکي ته سرپرائيزن کي دل سان سانڊڻ جو شوق آهي، ڀلا گبر سنگهه به ڪي ياد رکبا آهن ڇا؟ نثار ابڙا، مڪي پاڪ وارا، ير مُنهنجي پسند بگڙي چُڪي آهي، ڪجهه ذائقو خراب ٿي چُڪو آهي، ڪو ڏس پتو ڏي، حڪيم محمد يوسف کتري ته مونکي پري کان ڏسي چيو آهي ته چرين شاعرن جي دوا کيس وٽ ڪونهي تون به اسان جي سنڌ سلامت فورم جو اڌ حڪيم آهين هي وڊيو ڏسي ڪو مون لاءِ علاج تجويز ڪر، هڪڙي ٻي ڳالهه توسان شيئر ايڊوانس ۾ ڪندو ٿو هلان ته مُنهنجي ايڊوانس بوڪنگ آل ريڊي ٿي چُڪي آهي حيدرآباد جي حسين آباد واري مشهور اسپتال ۾ ڪنهن زماني ۾ ان اسپتال کي ديوان گُدو مل واري اسپتال ڪوٺيندا هئا. بس يار مُنهنجو بلو ڪريو جلدي نه ته هن شاعر جو اصل ...................... ! ! ! ؟

     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جيئري جدا ٿيڻ کان پهريئن ملي وٺو پو۽ تنهنجو نصيب تو سان منهنجو نصيب مون سان
    قسمت ڪئي غداري پردن ۾ قيد آهيان ،
    واه سائين واه تمام پيارو گيت آهي .
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    شڪر ادا وحيد جو هن دفعي تو مٽ ڪونه ڀڳا، صرف ادا زاهد سومري کي پُڄڻ ڏي پاڻهي ٿو اڇا ڪارا پڌرا ڪري۔ بهر حال مهرباني جو توکي مُنهنجي پسند پنهنجي پسند لڳي۔
     
  4. منتظرعلي

    منتظرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي. توهان جي انهن شيئرنگس ته اسان کي سنڌ سلامت تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي باقي فورمن تان اسان جي دل ڀڄي پئي آهي.
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀائڙا نثار ناز؛
    حق موجود؛
    ڀائڙا! اڄڪلهه گبرسنگهه وارن ڪردارن ۾ ڀلا اوهانکي ئي ڇو رکيو وڃي ٿو، يا پاڻ اوهانکي ظالمن جي فهرست ۾ پاڻ ڳڻائڻ ۾ ڪا عافيت محسوس ٿئي ٿي ... مٿان واري گدو بدر واريون ڳالهيون، الله خئير ڪري يار ايئن ته نه ڪري، اصل يارن کي اهڙا ڏک ته نه ڏي ... هن دفعي ته عاشق کي اصل افٽ ماري وڌو اٿوَ ...
    بهرحال ڀوڳ پنهنجي جاءِ تي، گيت سٺو آهي ۽ هن دفعي مڙئي ڳالهه ۾ دم هو يعني فلمائيزيشن به ڪهاڻي ۽ ڪردار سان گڏ هلي پئي ...

    سدائين گڏ
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين هتي ته گبر سنگهه کان به ڪم چڙهيل آهي گبر سنگهه صرف ٻانهون ڪپيون هيو ن اوهان ته مڙس جي جان ئي وڃائي ڇڏي

    تمام بهترين پرفارمنس هئي سائين سمجهڻ وارا سمجهي ويا سائين ڳوٽ ته سائين ابڙي صاحب ئي ڀڃي ڇڏي باقي اسان ليٽ پهتا سي اوهان جو چماٽون ڏسي اصل مان به ڊڄي ويو آهيان اسان کي به اسڪول وارو زمانو ياد اچي ويو shal judy hujeensuhnan saan
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)

    محترم سائين نثار ابڙو صاحب ڪالهه اوهان جي تحرير تي نظر پئي جڏهن جو مون گيت کي هلائڻ لاٌٌءِ پلي وارو بٽڻ مائوس سان ڪلڪ ڪيو ته لائيٽ به ڪلڪ ٿي وئي۔۔۔ اڄوڪي ڏينهن ۾ ته صرف هينئر ئي سنڌ سلامت تي لاگ ان ٿيو آهيان۔۔۔۔

    سائين اوهان جي ڪاغذن ۾ ته اصل معافي واري ڳالهه ئي ڪونهي، عاشقن جي لاءِ ته اصل پويون ڏينهن آيو۔۔۔ ايڏو جلال اصل صفا ويچاري جا ڌاڻا به ڪڍي ڇڏيو۔۔۔۔۔۔ سائين ٻيلي ڪجهه پيار وارن تي رحم ڪندا ڪيو اوهان جو اهڙو جلالي هجڻ طبيعت جي اصل برعڪس آهي۔۔ اوهان اهڙن پيارن کي ڳنڍڻ وارو ڪو ڪردار ادا ڪيو۔۔۔ عاشق اڳئي سورن ۾ هوندا وري مٿان اوهان واريون چماٽون پوءِ ته اصل ويچارن جو اهڙو حال ٿا ڪري ڇڏيو جيئن دک ٻلو پالڪ ۾ پيو هجي۔۔۔ ويچارو موچڙن کان پوءِ ائين پيو لڳي۔۔۔۔۔۔۔۔

    بهرحال سائين اسانجو هڪڙو ننڍڙو عرض آهي ته، هن دفعي پيار وارن جي پاس خاطري ڪندا نه ڪي ڪو انهن جي مخالفت ڪندا۔۔۔۔۔

    مهرباني سائين لک قرب اوهان جا، انهي بهاني اوهان جو ديدار ته نصيب ٿيو۔۔۔۔۔

    shal judy hujeen
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مٺا منتظر علي توهان کي اسان جي پسند پنهنجي پسند لڳي مهرباني دوست، باقي دوست دل ڀرُندي يا ٽُٽندي ناهي، هي ڪو ٺڪر جو ٿانءُ ناهي دل ته ويچاري وڍبي آهي ، ڪَٽِبِي آهي، دل ويچاري گوشت پوشت جِي قدرت جي طرفان بنايل شيءَ آهي۔ اسان دُعا ٿا ڪريون ادا منتظر ته توهان جي دل سدائين سَرهِي رهي، سدائين محبتون ماڻي، مٺا توهان سنڌ درتيءَ جا نوجوان آهيو، پنهنجي دل کي ايترو مضبوط بنايو جو هر سنڌ جو ويري چئي ته سنڌي جوڌا واقعي وڏا دلير آهن۔ ٻن دلين وارا آهن۔
    مَچِي ته مَچِ مَچَي ته ڇا
    جَلِي بدن جَلَي ته ڇا
    نه حوصلو ٿو هارِجي
    درد پيو وڌي ته ڇا
    تپي ٿا لوهه لڱ ٿين
    لڳِي جڏهن به لُوءُ آ
    حسِينِ کان جميل تر
    سُشِيل سنڌ جِي جُوءُ آ​

    سدائين آباد هُجين پنهنجي پيارن سان
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    بس علي علي تو جهڙا سنگتي اچيو فلمون ڳچيءَ ۾ وجهن، باقي سچي ڳالهه اها اٿئو ته همراهه کي بلڪل سچي چماٽون لڳيون هُيون، ان کان علاوه همراهه تي جيڪي لٺون ۽ لتون هليون هيون انهن مان ڪافي ساريون لٺيون بلڪل سچي ۾ همراهه کي لڳيون هيون ۽ وري لتون به همراهه سورهان آنا سچوليون کاڌيون هُيون ان همراهه کان ڪنهن جنم جو بدلو ساري يونٽ وارن ورتو هو۔ مزي جهڙي اها ڳالهه آهي ته جنهن ڳوٺ ۾ اها شوٽنگ هلي هُئي اهو ڇوڪرو به انهيءَ ڳوٺ جو هو، سو ڪافي ڳوٺ وارن اها شوٽنگ ڏٺي پي سو انهن وڃي انهيءَ ڇوڪري جي گهر خبر ڪئي ته ”عبدالغفور سمون“ کي ماري ماري ڳاڙهو ڪري ڇڏيو اٿن۔ معاف ڪجهو اهو ڪردار ادا ڪرڻ واري ڇوڪري جو نالو عبدالغفور سمون آهي۔ سو غفور سمون جا سمورا گهر وارا اصل لٺيون ڪهاڙيون کڻي شوٽنگ واري جاءِ تي پُهچي ويا۔ مسين مسين مون وڃي کين راضي ڪيو ته اها شوٽنگ پئي هلي۔ باقي عبدالغفور جيڪي سچي مُچي کلا کاڌا هُئا سو اُٿندي شرط جن لٺون ۽ لتون پي هلايون انهن تي چڙهي ويو۔ مطلب ته اهي ڳالهيون ساري ساري اسين ڪافي ڏينهن کلندا رهياسين۔ مهرباني علي علي جو توهان ايترا سُهڻا ڪامينٽس ڏنا
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڇا ادا زاهد مان توهان کي سچ مُچ اهڙو ظالم سنگهه لڳان ٿو۔ نه نه! توهان جهڙا دوست جيڪي انهيءَ شعبي ۾ آهن سي اچيو منٿون ڪن ته سائين ٻيو ڪو توهان جي عمر وارو گبر سنگهه ملي ڪونه ٿو۔ ان ڪري اهو ڪردار مونکي دل نه چاهيندي به ادا ڪرڻو ٿو پوي۔ يونٽ وارن کي مجبوري اها آهي ته مُنهنجي موجودگيءَ جي ڪري ڳوٺن جا وڏيرا کين جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن۔ پنهنجون فل ڊيڪوريٽ ٿيل اوطاقون انهن جي حوالي ڪريون ڇڏين۔ مانيون ٽڪيون فري ۾ مليو وڃن، ان ڪري مون جهوني کي وٺي وڃڻ انهن جي مجبوري آهي باقي دوست مان تمام شريف ماڻهو آهيان عدم تشدد جو پرچار ڪندڙ آهيان
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا ڀا٪ءُ نثار ابڙا: حق موجود آهي ۽ رهندو پر حق جي ڳالهه ڪرڻ واري جي سسي وڍي پوءِ عالم آشڪار ٿي نروار ٿيندو۔ باقي مٺا شابس هُجي توهان کي جو توهان مونکي هن وڊيو ۾ سُڃاڻي ورتو۔ مهرباني مٺا باقي اهي چريائپ واريون ڳالهيون ڀلا شاعر نه ڪندا ته پوءِ ڪير ڪندو۔ اسان شاعر ڇا ٿياسين جو صفا اسان جا ويجها ڀي اسان کي چريو ۽ پاڳل ڪري پُڪارين ته پوءِ گدو کان سواءِ تون ڏس ڀلا ڪهڙو ٿو رستو بچي۔ باقي هي شو بز زندگي جي گاڏي کي ڌڪو ڏيڻ جا بهانا آهن۔ سي ڏيو ويٺا آهيون۔ اگر مُنهنجي بيڪار ذات ۾ ڪنهن کي ڪو فائدو ٿيو وڃي ته پوءِ ڀلا مونکي ڪهڙو اعتراض آهي۔ باقي اڃا ڪافي سارا اهڙا البم آهن جنهن ۾ مونکي مسلسل اهڙو ڪردار ادا ڪندي ڏسندا پر مان هاڻ اهي وڊيو توهان سان شيئر نه ڪندم۔ باقي هڪڙو فلسفو جنهن کي ڪافي سارو ويجهڙائي سان ڏٺو اٿم ته پان کي خراب ڄاڻائي زماني جي سمنڊ کان ڪنارو ڪرڻ ٿو چاهيان۔ پر دوست مونکي خبر آهي ته مان ڇا آهيان، سائين سچل سرمست چيو آهي ته مان جو ئي آهيان سوئي آهيان۔ تُنهنجا لک ٿورا جو مون کي پنهنجو دوست سمجهين ٿو
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين منهنجا تمام بهترين شيئرنگ آهي۔
     
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين ائين نو ڪجو سچ پچو ته اسان اوهان جي ڪرادار ڏي نه پر اوهان ڏي ڏسي ڪر پيا ٽرندا آهيون باقي اهو ته سڀڪو سمجهي ٿو ته اداڪار کي جهڙو به ڪرادر ملي اهو ڪري ڏيکاري تڏهن مڃبو ته ان ۾ ڪجه داڻا آهن سائين اوهان جي اهڙي پياري ويڊيو جو اسان کي انتظار رهندو سائين اهڙو ظلم نه ڪجو اسان کي ان شي کان محروم نه ڪجو ڊراما ته اسان به اسڪول جي زماني ۾ ڪيا هئاسي ۽ ۽ اسان جي يونٽ مان هيئر ڪافي دوست ڪي ٽي اين تي فلمن ۾ به ڪم ڪن پيا جن ۾ هڪ مهنجو تمام پرين پيارو دوست ناشاد نائب علي آهي جنهن تمام گهڻين فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي مهرباني اوهان جي سائين اسان کي اوهان جي انهن ڪاوشن جو انتظار رهندو
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا نثار ناز؛
    دوست به چوائين ٿو ۽ پردا به ڪرين ٿو ، اها ڳالهه ٺهي ڪونه ٿي ... اوهانجي ٻين اهڙن آل + بمن کي ڏسڻ جو چاه رهندو ... ڪاوڙج نه يار، ڀوڳ چرچا ته پيا ٿيندا آهن ...
    مستن تي ڪهڙي معيار ، پاڻ ڪڏهن ڪڏهن مستيءَ ۾ ڪا گستاخي ڪري وڃون ته معاف ڪري ڇڏيندا ڪريو ...
    چڱا ڪن چڱايون ...
    سدائين سرها رهو ...
    suhnan saan
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين اوهان بلڪل سچ پيا چئو ويسي به اسان غلطي نه ڪندا سي ته ٻيو ڪير ڪندو سائين سائين ناز صاحب جي هر جملي ۾ هونئن به پيار هوندو آهي اسان کي ميار نظر ئي ڪونه ايندي اسان ٻوڙا آهيون اسان کي بيا به البم کپن اسان ڏسڻ ٿا چاهيونasul matthall chari
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو