هي ٻار ته آهن ننڍڙا گُل

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محترم سنڌ سلامت جا دوستو اڄ هڪ اهڙو نظم کڻي آيو آهيان ، جنهن جي تقريبن پوري سنڌي ادب ۾ الاهي ساري کوٽ آهي، ته ڳالهه ڪريان پيو ٻاراڻي ادب جي، دنيا جي سڀني قومن پنهنجي ايندڙ ۽ اُڀرندڙ مستقبل جي نشو نماءُ لاءِ گهڻو ڪُجهه ڪيو آهي، پري ڪونه ٿا وڃون اسان صرف پاڪستان ۾ اردو ادب ڏانهن نظر وجهنداسين ته کوڙ سارا ٻاراڻي ادب جا رسالا اسانکي ملندا، اسان جي سنڌي سائٽن ۾ سوا سنڌي ادبي بورڊ واري سائٽ جي ٻاراڻي ادب واري شعبي کي ڇڏي باقي ٻاراڻي ادب جو مواد ڪنهن به سنڌي سائٽ ۾ ڪو ورلي نظر ايندو۔ اڄ هڪڙو نظم ” هي ٻار ته آهن ننڍڙا گُل“ لکيو اٿم ، مون ڪو تير ڪونه ماريو آهي، پر حضرت يوسف جي خريدار واري ڳالهه جي مصداق ٻاراڻي ادب ۾ ٻاراڻي شاعري لکي ان لسٽ ۾ نالو ضرور لکايو اٿم، سائين رشيد سمون کي گُذارش آهي ته پليز ٻارن جي شعبي جو سنڌ سلامت ۾ اضافو ڪري سنڌ جي لکين معصوم ٻارن جون دليون کٽيون وڃن ۽ مُنهنجو هي نظم ان شعبي ۾ براءِ مهرباني ٽرانسفر ڪيو وڃي في الحال ڊيزائن شاعريءَ ۾ پنهنجي هي نظم سڀني سنڌي دوستن سان شيئر ڪريان ٿو۔توهان جي مفيد مشورن ۽ راين جو شدت سان انتظار رهندو

    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام عليڪم سائين نثار احمد ناز صاحب
    سائين هر ڀيري جيان هن دفعي به توهان جي شيئرنگ نرالي آهي asul matt
    shabash


    shal judy hujeen



    sindhsalamatsaathsal
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني مٺا وحيد ڦلپوٽا شال جُڙيو هُجين۔ هر ڀيري هميشهه جيان سڀ کان پهرين توهان ئي دل جي گهرائين سان مُنهنجي شيئرنگ کي پسند ڪندا آهيو۔ اهي محبتون اهي پيار جنهن جو ڪو مَٽِ ئي ڪونهي۔ مهربانيون پيار ا وحيد
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    سائين شل جڙيا هجو اوهان جي اها شاعري پڙهي مهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا سائين اسان جي چمن ۾ به هڪ گل هو پر ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔

    شايد ان مالڪ کي گهڻو پسند اچي ويو جو ان کي گهرائي ورتو اسان وٽ ان جي خوشبو رهجي وئي ۽ ڪجه يادون

    [​IMG]
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا علي علي رب جي رضا آڏو هر ڪو مجبور هوندو آهي ۽ اها رب جي رضا هر هڪ کي مڃڻي پوندي آهي پو۽ اهو ننڍو هجي وڏو هجي امير يا غريب هجي
    ادا اهو سلسلو قيامت تائين هلندو رهندو
    الله پاڪ هن معصوم کي جنت ۾ جا۽ ڏني هوندي .
     
  6. منتظرعلي

    منتظرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا علي علي توهان جي گل جي خوشبو تاحيات هن دنيا ۾ رهندي ۽ توهان کي مان اِها خوشخبري ٿو ڏيان ته الله رب العزت جي حڪم سان توهان جي چمن هڪ ناياب گل اچڻ وارو آهي.
     
  7. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    مکڻ ۽ چاڻو سبق پراڻو
    علم اسان جو آهي ناڻو
    ايڏو ڀنڀوري هاڻي نه رل
    هي ٻار ته آهن ننڍڙا گل

    مان انگريزي اسڪول ۾ ٽيچر آهيان جتي سنڌي پڻ سبجيڪٽ طور تي پڙهائبي آهي مون کي هي گيت ايڏو وڻيو مان ته ادبي بورڊ وارن کي چوندس ته هي گيت نصاب ۾ شامل ڪن باقي ادا رشيد ته ٻڌايو پي ته اکر پڙه الف جو نالي ٻارنجو حصو ٺاهيو اٿم
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اد نثار ناز،
    اوهانکي جس هجي جو ان طرف به اوهانجي سوچ وئي ... بلڪل! سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي انتهائي کوٽ آهي ... سڀني سنڌي سڄاڻ دوستن کي ان طرف وڌڻو پوندو ...
    اوهانجي ان پوسٽنگ تي هي ننڍڙن ٻارن جون ڪجه مسڪراهٽون اوهان لاءِ تحفي طور پيش آهن ...
    سدائين گڏ



    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    مهرباني ادا منتظر پر اهو وري ڪڏنهن ايندو ڪجه ٻڌايو ته سهي ؟
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا علي علي
    حق موجود؛
    ماندي ٿي نه مارئي، تنهنجو الله به آهي ...

    ڀائڙا ... ڇا توکان حضرت ذڪريا عليه السلام جو قصو وسري ويو آهي ڇا؟ جنهن صرف هيءَ دعا گهري ” يا خير الوارثين“ ته الله کيس حضرت يحيا عليه السلام جهڙو پيغمبر پٽ عطا ڪيو ۽ اهو به ان عمر ۾ جنهن ۾ تو واري ڪراڙپ جو ته ڪو حساب ئي نه هو ...

    همٿ مردان مدد خدا ...
    اسانجو دعائون، اوهان سان گڏ آهن .. باقي ڪم الله تي ڇڏيل آهي ...

    صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺي سون
    پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون،
    جي راضي ٿئين تون، ته ميريائي مان لهان ...
     
  11. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    جي سائين بلڪل ياد آهي سائين هون ته باري بي پرواه آهي ان جي اڳيان دير آهي پر انڌير ناهي الله مالڪ آهي من ڪو معجزو ڏيکاري
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مٺا علي علي مونکي به خبر ناهي ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇا ٿي ويندو آهي، جو پنهنجون ڪجهه اهڙيون پوسٽون شيئر ڪندو آهيان ، جو مُنهنجا دل گهريا مٺا منٺار دوست انهيءَ شيئرنگ تي ڳوڙها ڳاڙهي ويهندا آهن. مٺا اهو پڙهي تمام تمام هينئڙو جُهري پيو جو توهان جي چمن جو گُل ڏاتارَ رب سائين پنهنجي چمن لاءِ واپس گهرائي ورتو. ها ادا علي علي واقعي توهان جي چمن جو گُل نهايت ئي من مُهڻو هو. الله سائين کيس پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي. الله سائين جي رحمت کان مايوس ڪونه ٿبو آهي. مٺڙا. رب سائين وري توتي ڪرم ڪندو، ۽ تُنهنجي سُهڻي گُلشن ۾ دوباره وري اهڙا اکين کي ٿڌڪار ڏيندڙ گُل، دل کي آٿت ڏيندر گُل ٽڙي پوندا (آمين) ادا علي علي معاف ڪجان حد کان وڌيڪ مصروفيتڻ جي ڪري توکي وقت سر جواب ڏئي نه سگهيس. مهرباني مٺا.
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا وحيد سمان شال جُڙيو هُجين۔ اهو سُڻي تمام خوشي حاصل ٿي ته توهان انگلش اسڪول ۾ ٽيچر آهيو، ادا وحيد اُستاد جو عظمتون ڪنهن کان به ڳُجهيون ڪونهن، هن ساري ڪائنات ۾ ڪو اُجالو آهي ته اهو ” علم جو آهي“ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي حديث مُبارڪ آهي ته علم حاصل ڪريو ماءُ جي گود کان وٺي قبر جي گود تائين۔ توهان ته ماشاالله اُستاد آهيو۔ اُستاد جي عظمتن آڏو مان ته ڇا پر ساري دنيا تعظيم سببان سرڙو نمائي ٿي۔ توهان کي مُنهنجو حقير ٻاراڻو نظم سُٺو لڳو۔ تمام مهرباني ادا۔ باقي سائين بورڊ تائين پهچڻ جا اسان ٽي درجي وارا شاعر اهل ئي ناهيون۔ بس اسان جو بورڊ به سنڌ سلامت آهي۔ ۽ توهان ان شاعري کي پسند ڪيو مُنهنجي لاءِ ڪافي آهي۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار ابڙا شال جُڙيو هُجين ۔ بس مٺا ، انهيءَ سوچ ۽ لوچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي وڃائي ويهيو رهان۔
    بس پوءِ لطيف سائين جو اهو بيت جهونگارڻ لڳندو آهيان ته
    تون سپڙُ آئون سيڪڙو، تون ڏاتار آئون ڏوهه
    تون پارس آئون لوهه ! جي سِڃين ته سون ٿيان۔​

    بس ان مالڪ مهربان جي هردم پناري آهيون ته من ڪا مهرباني ڪري پنهنجي نظر ڪرم جي۔ توهان جي ٻارن واري تصويري ڪليڪشن انتهائي شاندار آهي، مهرباني
    ٿورو دير سان جواب تحرير ڪري رهيو آهيان ڪجهه مصروفيتن جو بهانو ٿو بنايان ۽ ڪجهه ادا رشيد سمون واري پوسٽ جديد بيماريون ۽ ان جو علاج وارو بهانو ٿو بنايان ۔
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين نثار ناز هن پوسٽ کي اکر پڙهه الف واري سيڪشن ۾ منتقل ڪري رهيو آهيان. سائين چوندا آهن جيڪا شيءِ جٿان جي هجي انهي کي اُتي رکيو وڃي ته سهڻي لڳندي آهي.
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سُبحان الله خالص ٻارن واري پوسٽ کي شاگردن واري شعبي ۾ کڻي آيا، يار وهاب قمبراڻي ”تو واري اکر پڙهه الف واري شعبي جو مون پنهنجي هوش وحواس سان اڳ ۾ ئي مطالعو ڪيو هو۔ افسوس ڪنهن کي ٻار ۽ شاگرد ۾ ڪو فرق نظر ڪونه آيو، ٻارن جي هڪ مخصوص عمر هوندي آهي پر شاگرد جي عمر ماءَ جي گود کان وٺي قبر جي گود تائين هوندي آهي۔ ان هوندي به ايڊيٽر هروڀرون ضد ڪري مون واري هن پوسٽ کي شاگرد واري شعبي ۾ کڻي آيو آهي ۔ٿي سگهي ٿو مستقبل ڪا پوسٽ مان شاگردن جي باري ۾ شيئر ڪيان ته ان پوسٽ لاءِ شايد وڏي ائڊمن کي ٻارن جو شعبو ڌار بنائڻو پوندو۔ !!!؟؟
    هم دُعا لکتي رهي وه دغا پڙهتي رهي
    ايڪ هي نقطي ني مُحرم ڪو مُجرم بناديا​
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سائين، اگر منهنجي هن پوسٽ ٻئي سيڪشن ۾ منتقل ڪرڻ سان توهان جي دل آزاري ٿي آهي، مان توهان کان هٿ ٻڌي معافي ٿو وٺان، اگر جي معاف نه ڪندا ته پوءِ مان پوري سنڌ سلامت ٽيم سان گڏ توهان وٽ ايندس، صرف ناشتو ڪرڻ.
    khil sahi suhnan saan sindhsalamatsaathsal wslam
     
  18. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مٺا علي علي اهو دردناڪ سانحو ڪڏهن پيش آيو
    ڀاءُ پرودرگار رحمان رحيم آهي پنهنجي لطف وڪرم سان توهان جي چمن کي وري آباد ڪندو
    معاف ڪجو مان هي تحرير دير پڙهي تڏهن دير سان جواب موڪليم
    الله تعالي توهان کي صبر عنايت فرمائي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو