ڏات ڌڻين جي حوالي سان ثقافت کاتي جي بيحسي
سنڌ جو ناليوارو اديب، شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال 10 ڊسمبر 2010ع کان سول اسپتال ڪراچيءَ جي گردن واري وارڊ ۾ داخل آهي. ڊاڪٽر صاحب جا ٻئي گردا فيل آهن. جنهن شخصيت 27 سال ايم بي بي ايس کان پوءِ ٻهراڙيءَ جي علائقي ۾ غريب ماروئڙن جي خدمت ڪئي، اڄ اهو مسيحا پاڻ مريض جي روپ ۾ اسپتال داخل آهي.
پهرين جنوري 1957ع تي ڦلجي اسٽيشن ضلعي دادو ۾ جنم ورتائين۔ پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن علم ۽ ادب جي خدمت ڪندي گذاريا آهن، هن هوش سنڀاليو ته لکڻ شروع ڪيو. هزارين گيت، غزل، وايون، چوسٽا، ٽيڙو ۽ بيت سرجيا. هن جا مضمون، تبصرا، خاڪا ۽ ڪهاڻيون به ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿيون. سنڌي ادبي سنگت جو سچو ڪارڪن آهي. 5 ڀيرا ”ساس“ جو ضلعي دادو جو ضلعي رابطا سيڪريٽري چونڊيو ويو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) سان 1989ع کان سلهاڙيل رهيو آهي. 5 سال ڦلجي اسٽيشن ۾ مفت ”جمع ڪلينڪ“ هلايائين. ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ريڊيو جي دنيا ۾ به ڇانيل رهيو. سندس ادارت هيٺ ”ريڊيو پبليڪيشن ڦلجي اسٽيشن“ جا 12 پرچا ڇپجي چڪا آهن، جنهن ۾ ريڊيو متعلق وسيع معلومات ۽ ادبي مواد سهيڙيل آهي. پنهنجي علائقي ۾ ريڊيو جا چار وڏا فنڪشن به ڪرايائين، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا شاعر، فنڪار شامل ٿيا.
همت وارو هي ڪردار سخت بيمار آهي. پهرئين ڏينهن کان ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر محمد علي مانجهيءَ کي اطلاع ڏنو ويو آهي پر وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته ثقافت کاتي وارن مالي مدد ته نه ڪئي آهي پر طبيعت پڇڻ به نه آيا آهن. ثقافت کاتو آخر ڇا پيو ڪري؟ قلمڪارن لاءِ رکيل بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؟ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو به ادبي گهراڻي سان تعلق رکي ٿي پر ان کي به هڪ اديب جي وقتائتي سار لهڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي.
آصف علي جهتيال/گلشن حديد (ڪراچي)