سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي هڪ مثالي وسندي آهي. سچل ڳوٺ جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪراچيء ۾ سنڌين جي هيء واحد بستي آهي جتي 100 في صد سنڌي رهن ٿا. سچل ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪمن جي شروعات ۽ پلاننگ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪئي هئي ۽ ان کانپوء سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي جو بنياد وڌو ويو جيڪا هتان جي نمائنده تنظيم آهي.

    مڊل ڪلاس ۽ لکيل پڙهيل سنڌين جي هيء وسندي سچل ڳوٺ مِني سنڌ جي نالي سان به مشهور آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هتي سنڌ جي هر علائقي ، ضلعي ، تعلقي ۽ شهر جو ماڻهو آباد آهي. ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سمايل سموري سنڌ جا ماڻهو هتي آباد آهن.

    جتي سچل ڳوٺ وارن پنهنجي ٻَڌي ۽ ايڪي سان گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن پر پوء به هتي ڪافي مسئلا پڻ آهن. ڪجه ڏينهن اڳ پاڪستان ٽيليويزن پاران سچل ڳوٺ تي هڪ خصوصي پروگرام واء سواء ۾ هلايو هو جيڪو دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.
    [/JUSTIFY]





    [​IMG]
    سچل ڳوٺ جي مٿان مينهوڳيء جو نظارو​
    [​IMG]
    [​IMG]
    سچل ڳوٺ جي ٺهندڙ مين روڊ جي تعمير​
    [​IMG]
    روشن تارا اسڪول روڊ سچل ڳوٺ​
    [​IMG]
    سچل ڳوٺ جو گوگل ارٿ تان ورتل فوٽو​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    واھ واھ سائين ڳوٺ وڃن وقت ڪڏهن ڪڏهن گاڏي سچل مان ڪراس ڪندي آهي۔۔رڳو جسقم جا جهنڊا ۽ پ پ پ جا جهنڊن سان گڏ سنڌين جي خوشبو ايندي آهي۔۔۔تمام بهترين ڪم پيا ٿين ماشاالله۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    ماشاالله ادا سليمان وساڻ صاحب

    تمام بهترين ونڊ آهي اهو به سٺو ته ڪراچي ۾ ڪٿي ته خالص خاص طور تي سنڌين جي سڃاڻپ بڻيل آهي سچل ڳوٺ الله ان کي آباد ڪري آمين

    سچل ڳوٺ سان پنهنجي به روحاني لڳاءُ آهي ڇو جو اتي سائين نثار ابڙو جهڙا ڏاها ۽ دوستن جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب جن جي به رهائشگاهه آهي ٻيا به کوڙ سارا دوست رهندا آهن

    اي منهنجا مالڪ سنڌين جي وسندين کي آباد رک

    آمين

    سداِئين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    ادا سليمان وساڻ صاحب توهانجي هن ونڊ سان تمام وڏي خوشي ٿي انشاالله الله تعالي کان دعا ڪريو ٿا ته اسان جا سنڌي هميشه آباد شاد رهن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    سلام دوست وساڻ! اوهان وقت به وقت سچل ڳوٺ جي مسئلن تي نه فقط بحث ڪريو ٿا پر عملي طور به جاکوڙي ڪراچي جهڙي قهري انڌير ۾ قائم سنڌين جي اميدن جي ڏيئي کي پنهنجي رت ست سان ٻاري روشن رکو ٿا ۔۔۔ جيتوڻيڪ اڃان سنڌ گدڙن ناهي کاڌي، اڃان ڪراچي سنڌين جي آهي ۽ جيڪڏهن سنڌي اتحاد ڪن ته سنڌين جي هٿ وس آهي ۔۔۔۔ ڌاريا ته بس اسانجي ناچاڪائي ۽ ايڪتا جي نه هجڻ جو فائدو وٺن ٿا ۔۔۔

    ياد آهن اهي ڏينهن 88 19کان 91 تائين جا جنهن ۾ سنڌين جو قتلام ڪيو ويو هو، سنڌين لا ڪراچي جي شهر کي باهه ٽامو ڪيو ويو هو ۔۔۔ ان وقت سنڌ جي سڄڻن ۽ جي ايم سيد جي متوالن سنڌين کي ڪراچي مان ڀڄي وڃڻ کان روڪڻ لا سنڌ جا ڳوٺ آباد ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي شانتي ننگر، سچل ڳوٺ ۽ ٻيا ڳوٺ آباد ٿيڻ شروع ٿيا ۔۔۔۔ ۽ هاڻ ماشآء الله اهي ڳوٺ ڪراچي ۾ سنڌين جي اميدن جا مرڪز آهن ۔ ۔۔ خاص ڪري سچل ڳوٺ جهڙو وڏو ۽ پختو ڳوٺ ڌارين جي سيني تي منڱ ترڻ لا ڪافي آهي ۔۔۔

    مٿاان وري اوهان جهڙن دوستن جي محنتن سان هن وقت سٺي حالت ۾ آهي، جيتوڻيڪ اڃان ڪراچي جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه صفائي، روشني، رستن ۽ نظمي مسئلن جو شڪار آهي پر اميد آهي ته جهڙي طرح اوهان دوست انهن مسئلن کي گهٽائڻ ۾ لڳا پيا آهيو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو سچل ڳوٺ م رهندڙ ماڻهون پاڻکي هڪ خيالي شهر ۾ رهندي محسوس ڪندا ۔۔۔

    الله ڪندو ته سنڌ سموري خوشحال ٿيند ۔۔۔ ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ پنهنجي هوندي ۽ سنڌ جا شهر ۽ واهڻ هڪجهڙين سهولتن سان آراسته هوندا ،۔۔۔۔ رب ۾ اميدون آهن ۔۔۔ اميدو لاهڻ ڪفر آهي ۔۔۔
    انشاء الله
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    ادا عاشق ٿورا

    سچل ڳوٺ آهي ئي سنڌين جي نگري ته اهي ڳاڙها جهنڊا، ڪهاڙين ۽ پ پ پ جا ٽه رنگا جهنڊا ته هوندا۔ بس دعا ڪيو ته سڀ سچل جي ڀلائيء ۽ سنڌين جي چڱائيء لاء ڪم ڪن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    فقير سائين لک قرب

    بلڪل سچل جي نگري سائين نثار جي نگري آهي، اسان ته بس مڙئي دوستن جي سهاري پيا هلون۔ سچل جي دوستن مان غلام مرتضى وساڻ ، تسليم جاويد ڀٽو ، نويد ڪلوڙ ، حڪيم راڄڙ ۽ نور چانڊيو به سنڌ سلامت جا ميمبر آهن۔

    هونء به سچل سنڌين جي وسندي آهي ۔ اوهان جو انتظار آهي ڪڏهن اسان جا مهمان ٿيو ۽ خدمت جو موقعو ڏيو۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    ادا همانگير مهرباني

    بلڪل اسان جي ڪوشش آهي ۽ دعا به آهي ته گهڻي کان گهڻا سنڌي ڪراچيء ۾ آباد ٿين ۽ سچل ڳوٺ جهڙيون ڪيتريون ئي وستيون آباد ڪن۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    سائين نثار سلام

    يقينن اوهان کي ياد هوندو اهو دور جڏهن سچل ڳوٺ جي رٿا ٿي هئي ۽ پوء هي جهنگ هاڻي سنڌ جي مثالي وسندي بڻجي وئي آهي۔ ان سموري ڪم م سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ، سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي ۽ هتان جي سماجي ۽ سياسي تنظيمن کانسواء باشعور ماڻهن جو به وڏو هٿ آهي جن کي سلام ٿو پيش ڪجي۔

    يقينن سنڌي ماڻهن جي مزاج کي تبديل ڪرڻ ۾ وقت لڳندو پر اميد آهي ته هڪ ڏينهن سچل ڳوٺ جو مثال تمام سگهاري شهري سوچ رکندڙ ماڻهن واري لسٽ ۾ هوندو۔

    لک قرب اوهان جا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سچل جا دوست اوهان کي سلام پيا چون
     
  10. قاسم علي شاه

    قاسم علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    حق موجود ، سنڌ موجود ، سچل ڳوٺ موجود، سنڌ سلامت سچل ڳوٺ سلامت بهترين تحرير آهي۔ ڪاش سنڌي ميڊيائي مدارين ۽ سياسي جادوگر کان پري رهي ، خواجن، ڪاٺياواڙين، ڪڇي ميمڻ وانگر ترقي ڪن،۽ ڀارت لڏي سنڌي ڀائبندن ۽‌عامل وانگر ترقي ڪري سگهن ۔ اميد ته ائين ٿيندو۔ سيد قاسم علي شاه
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    سائين مهرباني

    يقيننن ايئن ٿيندو ۔ اميدون ته گهنيون آهن دوست گڏ ٿين ، انائون ڇڏين ۽ صرف سنڌ لاء سوچين ته سڀ ڪجه ممڪن آهي۔
     
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي


    واليڪم السلام ادا

    بلڪل ادا جڏهن به ڪراچي جو پروگرام ٿيو ته توهان وٽ حاضري ضرور ڀرائبي

    لک لائق ادا

    فلحال لاڙڪاڻي جو پروگرام ته سيٽ ڪيو :d:d:d:d

    سدائين گڏ
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    فقير سائين سلام

    ادا لاڙڪاڻي واري پروگرام ۾ ڪجه ڦير ڦار پئي لڳي۔ سرديء جي سخت لهر سموري شيڊيول کي لوڏي ڇڏيو آهي۔ وڏي ايڊمن کي به سردي لڳي آهي تنهنڪري پاڻ اڃان ڪو پروگرام سيٽ ناهيون ڪري سگهيا۔

    دعا ڪيو الله بهتري ڪندو
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    سهڻا ۽ سچا دوست هميشه ٻين دوستن جو مان ڪندا آهن، لک ٿورا فقير جو تو ايترا سهڻا لفظ استعمال ڪيا، اسين ته بس سنڌ ۽ سنڌيت جي عشق ۾ ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون ڪندا آهيون پر مٿي وارو ستار آهي جو عزت رکي ويندو آهي ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    ادا فقير اسان به سائين ابڙي ۽ سائين وساڻ صاحب جي درگاه جي حآضري ڀري آيا آهيون سو اوهان به دير نه ڪيو ڊيوٽي ڏئي اچو ۔۔ ۔ ۔۔ ۔ ادا دعا ڪيو ته اسان به ڪا جهوپڙي اتي اڏيون ويسي اسان جو به شوق ٿئي پيو سچل ڳوٺ کي وسائڻ جي باري ۾ پر جي پرين (سائين نثار۽ سائين سليمان )اجازت ڏين ۽ اسان جي مدد ڪن ته اسان به هٿ پير هڻون ۔۔
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    علي علي جهڙو ڀاء سچل ڳوٺ ۾ اچي ته اسان جون اکيون ٿڌيون

    دوستن جو انتظار آهي ، اسان هروقت اوهان جي خدمت لاء حاضر آهيون ۔
     
  17. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي


    ادا وساڻ توهان سچل ڳوٺ جو ذڪر ڪري سنڌي ڳوٺ جو حق ادا ڪيو آهي ۽ اسان کي گهرجي ته اسان سنڌ جي هر ننڊي وڏي وسندي ۽ ڳوٺ جي معلومات رکون ادا توهان سچل ڳوٺ جو تمام سٺو ۽ تعريف جهڙو ذڪر ڪيو آهي ۔ ادا وساڻ صاحب سچل ڳوٺ لاء ڇا لکي ڇا لکجي، سچل ڳوٺ ڪراچي جو هڪ نج سنڌين جو ڳوٺ آهي ( جنهن کي ڏسي ڪري دل باغ بهار ٿئي ويندي آهي ) ۽ ان سان گڏ شانتي نگر به هڪ سنڌين جي خوبصورت وسندي آهي، جيڪي غيرن کي چڀنديون رهن ٿيون، ادا وساڻ صاحب توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته شانتي به ڪڏهن متحده جي هڙتال تي بند ناهي ٿي، ۽ اگر شانتي ڪڏهن بند به ٿيندي آهي ته اها به سنڌين جي ڪنهن هڙتال تي باقي نه، سو ان ڪري به اهيا ڳالهه غيرن کي چڀندي رهي ٿي،

    سچل ( جيڪو منهنجي خيال ۾ سنڌ جي هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست رح جي نالي جي نسبت سان آباد ٿيل آهي ) ڳوٺ جيڪو سموري سنڌ ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ هڪ حسين ۽ ماڊرن ڳوٺ تصور ڪيو ويندو آهي، جنهن جا روڊ رستا گهٽيون ڪشاديون ۽ چوڌاري گهرن توڙي گهرن اڳيان وڻ ٽڻ، ٻوٽن ۽ ڇٻر جي ساوڪ دل کي موهيندڙ آهي. هتي سچل ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهو تمام بردبار، بهادر، باشعور ۽ متحد آهن، انهن بهادر ۽ هڏڏوکي ماڻهن مان سماجي اڳواڻ عوام دوست پينل جو اڳوڻي نائب ناظم تاج محمد وساڻ پڻ هڪ آهي، جيڪو نائب ناظم شپ کان اڳ به اهڙو ئي هڏڏوکي ۽ سچل ڳوٺ ۽ آسپاس جي علائقن لاءِ سوچيندڙ لوچيندڙ هيو هن پنهنجي اڳين دور ۾ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪاميٽي سربراهه ۽ سماجي اڳواڻ هجڻ ناتي ڳوٺ جي ترقي لاءِ سچل ڳوٺ کي گورنمينٽ پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، نياڻين لاءِ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول ميٽرنٽي هوم، روڊ رستن سميت انيڪ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. اڳوڻي نائب ناظم تاج محمد وساڻ جي سياسي حيثيت ٻين کان تمام مختلف آهي، پاڻ شروعات کان وٺي پاڪستان پيپلزپارٽي سان منسلق رهيا. جنهن سبب سچل ڳوٺ ۽ آسپاس جا علائقا پ پ پ جو ڳڙهه رهيا آهن، (توهان هن ڳوٺ ۾ جڏهن به گهڙندو ته توهان کي سنڌين جي پارٽين جا جهندا ئي جهندا نظر ايندا جنهن ۾ جيئي سنڌ کان وٺي پيپلز پارٽي تائين، ۽ ان کان علاوه ڪجهه ٻين سنڌين جي پارٽين جا جهندا ملندا۔) انهي سبب هو عوام دوست پينل تان چونڊجي نائب ناظم بڻيو.
    سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون جي يوسيءَ ۾ هڪ اهم ڳوٺ جي حيثيت رکي ٿو. جڏهن ته ڪراچي جي نقشي ۾ هڪ ماڊل ڳوٺ جي حيثيت ماڻي چڪو آهي. هن عوامي جمهوري حڪومت اقتدار ۾ اچڻ سان ئي ڪراچي جي قديم وسندين کي پڪو ڪندي پهريون تحفو سچل ڳوٺ واسين کي ڏنو جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صاحب هنجي هٿن سان سچل واسين کي مالڪاڻي حقن جون سندون گفٽ طور ڏنيون، سچل ڳوٺ جي آبادي هينئر اٽڪل سٺ ستر هزارن کان مٿي آهي. مالڪاڻا حق ڏيڻ کان پوءِ علم دوست نوجوانن جي سهولت لاءِ سنڌحڪومت ساڍا ٽي ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ لائبريري پڻ منظور ڪري ڏني آهي، جنهن جو سنگ بنياد صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت کاتو سسئي پليجو جن پنهنجي هٿن سان سنڌ جي عظيم نياڻي شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪندي بنياد وڌو، جنهن جو ڪم تيزي سان آخري مرحلي ۾ هلندڙ آهي. انشاءَالله تعاليٰ هن عوامي حڪومت جي دور ۾ هن جو افتتاح ڪرايو ويندو، سچل ڳوٺ ۾ پاڻي جي اڻاٺ کي ختم ڪرڻ لاءِ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي پاران ٽي ڪروڙ ستر لک روپين جي لاڳت سان سمورين گهٽين ۾ نئين سر پيئڻ جي پاڻي جون لائنون وڇايون ويون آهن، جڏهن ته پاڻي زخيرو ڪرڻ لاءِ واٽر ٽينڪ جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن جي چالو ٿيڻ کانپوءِ پاڻي جي ڪا به کوٽ نه رهندي، انشاء الله ۔۔۔سچل ڳوٺ جي نوجوانن لاءِ صحتمند سرگرمين جي لاءِ پلي گرائونڊ ۽ مرڪز عيدگاهه پڻ موجود آهن، جنهن جي حالت بهتر نه آهي، جنهن جي ڊولپمينٽ لاءِ وڌ کان وڌ ضرورت آهي. جنهن ڏانهن پڻ موجوده حڪومت کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي اميد ته هي ڪم به ڪي ويندو، هتي هڪ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت تمام زبون ٿي چڪي هئي جنهن کي ڊهرائي هڪ خوبصورت بلڊنگ ٺهرائي وئي آهي جنهن ۾ ڇهه ڊبل اسٽوري ڪمرا ليٽرين، پيئڻ جو صاف پاڻي واٽر ڪولر وغيره جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سچل ڳوٺ جي مين روڊ جو ڪم پڻ هلندڙ آهي. هن سان گڏ ڳوٺ جي حفاظت خاطر مين روڊ ۽ گهٽين کي وڏا حفاظتي گيٽ سنڌ جي صوفي بزرگن جي نالن سان منسوب ڪري لڳايا ويندا. هن سان گڏ پوليس انتظاميا جي مدد سان چوڪيداري نظام ۾ پڻ سڌارا آندا ويا آهن مگر ان هوندي به هت ڦر ۽ چوري جو وڏو عذاب آهي ڏينهن ڏٺي جو ماڻهن لاء ويل ٻريل آهي، جنهن ڏانهن پوليس ۽ باقي انتظاميه کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ،تاج محمد وساڻ پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي خدمت جي لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي آفيس پڻ قائم ڪئي آهي، هن جي ڀر ۾ (پي سي ايس آر ليبارٽريpcsir, laboratory ) جي ڊگهي ديوار تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد سرواڻن جي تصويرن جو هڪ زبردست ڪارنر قائم ڪيو آهي جتي شام جو هر روزاني جو تاج محمد وساڻ پارٽي ڪارڪنن سان گڏجي عوامي مسئلا ٻڌڻ لاءِ پڻ ويهندو ۽ مسئلا ٻڌندو آهي هن کان علاوه تاج محمد وساڻ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) جو بنيادي ميمبر ۽ سچل ڳوٺ شاخ جو فائونڊر پڻ آهي، سگا پاران سچل ڳوٺ ۾ ماڊرن روشن تارا اسڪول قائم ڪيو آهي، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان ڳوٺ توڙي آسپاس جي علائقن مان ايندڙ سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي فيضياب ڪري رهيو آهي ۽ هر سال امتحانن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پوزيشنون ماڻينديون آهن. روشن تارا اسڪول چيئرمين پڻ تاج محمد وساڻ جن آهن، جڏهن ته هن سموري سفر ۾ تاج محمد وساڻ جن سان ساٿ ۾ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ چيئرمين ربنواز ڀٽو سابقه پ پ پ ڪلچرل ونگ ڪراچي ڊويزن صدر مولا بخش چنڊ (سگا سچل شاخ صدر سراج الدين ميمڻ) سگا سچل شاخ جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنا، سگا شاخ اڳواڻ غلام رسول ٻٻر علي انور بالادي پرنسپال سچل پبلڪ اسڪول، سماجي ڪارڪن غلام سرور جوکيو، پ پ سچل يونٽ جو صدر مينهل خان ڇٽو، عطاءُالله عباسي، شاهه محمد چنا، سپاف پ پ صدر امداد ڏهر، علي حسن سومرو، محمد يعقوب سولنگي) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڳوٺ (سيتانگر) سماجي ڪارڪن منظور احمد شاهه، غلام سرور ڀٽو، سميت انيڪ سياسي سماجي ۽ ادبي دوستن جو ساٿ رهيو. (1)(5) سچل ڳوٺ ۾ هڪ پلي گرائونڊ پڻ آهي جنهن پلي گرائونڊ تي ڳوٺان ٻارڙن ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون کيڏندا رهن ٿا

    ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جي وري به مهرباني جو توهان ڪراچي جي ڳوٺ سچل ڳوٺ جو ذڪر ڪيو آهي
    ادا وساڻ صاحب توهان ڪراچي جي هڪ سهڻي سنڌين جي اڪثريت واري ڳوٺ۔۔۔ سچل ڳوٺ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن سان اسان جون ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن جنهن کي مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان، سچ پڇو ته مون کي پنهنجو ماضي وارو سچل ڳوٺ ۾ گذاريل وقت ياد اچي ويو، ادا وساڻ صاحب 2001ع جي ڳالهه آهي ۽ مان پنهنجي ڪجهه دوستن سان گڏ سچل ڳوٺ ۾ ڪٽپر چونڪ وٽ هڪ پالارين جي جڳهه ۾ رهندو هئس، جنهن ۾ منهنجا باقي دوست هي هئا، محترم دوست نياز ملاح، پٺاڻ خان ٻاٽ، ظفر جوڻيجو، ۽ ڪالم نويس ڪامريڊ خادم ٿهيم جو ڀاءُ محترم دوست لياقت علي ٿهيم صاحب ۔ادا مون کي ياد آهي ته اسان سچل ڳوٺ ۾ گوڙ گمسان کان پري سڪون جي زندگي گذاريندا هئاسين، ۽ رات جو ماني کائڻ کانپوء مان ۽ منهنجو دوست لياقت ٿهيم سچل ڳوٺ کان موسميات تائين روزانه واڪ ڪندا هئاسين، ۽ ان واڪ دوران اسان کي گفتگو ۽ ڪچهري لاء هڪ پرُ سڪون ماحول ملندو هو ۽ اسان سچل ڳوٺ کان موسميات تائين خوب ڪچهري ڪندا هئاسين، ۽ دنيا جي مختلف عنوانن تي پڻ گفتگو ڪندا رهندا هئاسين، جنهن جو مزو ۽ سڪون هڪ پنهنجو مزو هو جنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي، بس ادا وقت ڪنهنجو انتظار ناهي ڪندو، بقول شيخ اياز صاحب ته ( وئي جواني وئي جواني تيز ٻرانگون پائي، وهندڙ پاڻي لهندر ڇايا ڪير سگهي ترسائي) ادا اهي سچل ڳوٺ ۾ گهاريل ڏينهن مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان، ان ڳوٺ ۾ هڪ پنهنجائپ هوندي هئي، ۽ کوٽي واڌي ۾ دڪاندارن کان به گهر جو سامان اوڌر تي وٺي ڪري پنهنجو گذران ڪندا هئاسين۔ وڏي ڳالهه ته سچل ڳوٺ مان ئي پنهنجي ڳوٺ وڃڻ لاء المدينه ڪوچ ملي ويندي هئي، اسان کي انهيء حساب سان تمام گهڻي آساني هئي، گهران ڪوچ ۾ ويهندا هئاسين ۽ وڃي گهر لهندا هئاسين۔
    هيئر به ڪجهه نه ڪجهه سچل ڳوٺ جي اندر گاڏين جو گوڙ گمسان ڪونهي باقي هاڻي اهو سڪون ته سچل ڳوٺ کان موسميات تائين به ناهي رهيو، مگر پوء به ڪراچي جي ٻين علائقن کان اتي ڪجهه نه ڪجهه فرحت آهي، جنهن ڳالهه کان اسان کي به انڪار ڪونهي۔
    [/quote]
    ادا دعا آهي ته ڪراچي ۾ اهڙا مثالي ڳوٺ گهڻي مان ًگهڻا آباد ٿيندا رهن ۽ ان ۾ اسان جا سنڌي نوجوان، پيرمرد، توڙي ٻارڙا پنهنجن خوشين سان گڏ آباد رهندا اچن۔ آمين۔۔

    سچل ڳوٺ جي روشن تارا اسڪول ۾ الطاف شيخ جي ٻارن سان هڪ تصوير ۔

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    ادا ممتاز اوهان جا لک ٿورا

    سچل ڳوٺ جي باري ۾ انتهائي ڪارائتي معلومات دوستن سان ونڊ ڪري دوستن جي معلومات ۾ اضافو ڪيو آهي۔ مان ٻڌائيندو هلان ته هتي سچل ڳوٺ ۾ مين روڊ سان چئن سرڪاري اسڪولن جون خوبصرت عمارتون آهي جتي ڪيترائي ٻار زير تعليم آهن۔ انکانسواء خانگي اسڪولن ۾ روشن تارا ماڊل اسڪول ، سچل پبلڪ اسڪول ، انڊس پبلڪ اسڪول ، ماريه ملينيم اسڪول ، حرا پروگريسو اسڪول شآمل آهن جتي انگريزي ۽ پنهنجي مادري ٻولي سنڌيء ۾ به تعليم ڏني وڃي ٿي۔

    هتي عورتن جي لاء ووڪيشنل ٽريننگ اسڪول به آهي جتان عورتون هنري تعليم حاصل ڪن ٿيون۔ سيڪيورٽيء جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاء سيڪيورٽي گيٽس نصب ڪيا ويا آهن جيڪي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺاڻن گڏجي ٺاهيا آهن جن تي ڪم جاري آهي۔

    انشاء الله وقت سان گڏ هي ڳوٺ وڌيڪ ترقي ڪري سنڌ جي رهبري ڪندو
     
  19. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    سچل ڳوٺ کي مِني سنڌ جو لقب مرحوم علي احمد بروهيء ڏنو هو ۔ کيس سچل ڳوٺ سان خاص پيار هو۔ سدائين ڀيرو ڀڃندا رهيا۔ ممتاز صاحب جي به مهرباني جن سچل لاء سهڻو لکيو آهي۔

    ادا نثار ابڙي جو ڳوٺ آهي سائين کي هي سڀ ڪجه ڏسي سچل گهڻو ياد ايندو هوندو۔ سائين اوهان کي سڪ ڀريو سلام
     
  20. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سچل ڳوٺ ، ڪراچي سنڌ جي مثالي وسندي

    ادا اهيا توهان جي محبت ۽ قرب چئبو، جو توهان منهنجي سچل ڳوٺ بابت ونڊ کي به پسند ڪيو آهي، جنهن لاء اوهان جي مهرباني​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو