1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

جلال چانڊيو جي ورسيء جي موقعي تي کيس ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ جي بي تاج بادشاهه ناليواري راڳي جلال چانڊيو جي 9 ورسي جي مناسبت سان

    تحرير : حميد ڀٽو

    [JUSTIFY]پنج هزار سال اڳ سنڌ ۾ جيڪي اثار مليا آهن، تنهنکي گذري ويل ماڻهن جو شهر ”مئن جو دڙو“ سڏيو وڃي ٿو، انهي مئن جي دڙي مان ملندڙ مختلف مجسمن مان جيڪي 2 مجسما مليا آهن تن ۾ ماهر ڳائڻين ۽ ناچڻين جا آهن، اهي ثابت ڪن ٿا ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ سنڌ ۾ جئين هنر ۽ فن جي ٻين شعبن ۾ ترقي ٿي تئين راڳ ۽ رقص جو فن پڻ اوج تي پهتو، تڏهوڪي راهواسين کي فن جو ايترو ته ذوق شوق هو جو راڳ ۽ رقص ڪندڙن جا مجسما ٺاهيائون. انهن ٻن مجسمن مان هڪ وڌيڪ سلامت آهي، اهو مجسمو ڳهن سان سينگاريل آهي، ان جي شبيهه پيشه وارانه فنڪارن جي هجڻ جي شاهدي ٿي ملي. خاص ڪري انهي جي قدمن جي بيهڪ، هٿ جي کڻڻي ۽ منهن جو رخ، راڳ ۽ ناچ جي فني ناز ۽ انداز کي ظاهر ڪرڻ آهي. هزارين سالن کان سنڌ اندر فنڪارن جي طرفان فن جو اظهار ڪرڻ جون هزارين شاهديون سنڌ اندر ملن ٿيون، دريا مٿان آباد سنڌ جي ڌرتي هميشه خوش ستابي ڌرتي رهي آهي. هتان جي باشندن فنڪارن جو قدر ڪيو آهي ۽ دريا جي وهڪرن جيان سنڌي فني دنيا ۾ اٿل پٿل رهي آهي. سنڌ مٿان مختلف وقتن ۾ جيڪي ڪاهون ٿينديون رهيون آهن، انهي سان هتان جي فن کي پڻ هاڃو رسندو رهيو آهي. هميشه غير سنڌين سنڌ تي ڪاهون ڪري سنڌ سان گڏ سنڌ جي ثقافت کي پهريان ڌڪ رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر سنڌ جي ثقافت واري مٽي صدا زرخيز رهي آهي. جنهن ثقافتي مٽي مان هزارين فنڪارن، تخليقڪارن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جنم ڏنو آهي، جنهن سبب ڌارين جي يلغار کي وقت به وقت مختلف فنڪارن منهن ڏنو آهي.

    پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي موسيقي کي وڏو ڌڪ رسيو. 1947 کان پوءِ سنڌ جي ثقافت کي ڌڪ رسائڻ لاءِ پنجابي ڪلچر کي سنڌ اندر وڌائڻ جي سازش سٽي وئي، سڄي سنڌ ۾ چانهه جي هوٽلن ۽ ميلن ملاکڙن توڙي جهرجهنگ ۾ پنجابي ڪلامن جا واڄٽ پيا وڄندا هئا. هزارين پنجابي فنڪارن جا ڪلام رڪارڊ ڪرائي سنڌي ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان ڦريو لٽيو پئي ويو ته 1970 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ننڍڙي شهر مورو سان تعلق رکندڙ فنڪار جلال چانڊيو ٽوپي نرڙ تي رکي هٿ ۾ چپڙي يڪتارو کڻي نروار ٿي ويو، جنهن پنهنجي سادي سودي شاعري سان سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ڇڏيو، جهر جهنگ ٽريڪٽر ٽرالين، هوٽلن، ميخانن، توڙي گهرن کان حويلين تائين جلال چانڊيو جا گيت گونجڻ لڳا. جلال چانڊيو پنهنجي جلالي انداز ۾ سنڌ اندر سنگيت جي دنيا ۾ نوان لاڙا ڏيندي پنجابي ۽ ٻين غير سنڌي فنڪارن کي پنهنجي سنگيت وسيلي ڊوڙائي ڌڪي ڪڍي ڇڏيو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلال چانڊيو جو نالو روشن ٿي ويو پر هي سنڌ جو انوکو ڪردار رکندڙ جلال چانڊيو جي زندگي ڏانهن ڏسبو ته به سندس زندگي جا انوکا پاسا نروار ٿين ٿا.

    جلال چانڊيو 10 آگسٽ 1944 ڌاري تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر پيدا ٿيو. جلال چانڊيو هوش سنڀاليو ته گهر جو ماحول مالوند ماڻهن وارو هو ٿورو وڏو ٿيو ته جلال جي والد فيض محمد کيس درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ مورو ۾ هڪ استاد وٽ ڇڏي آيو پر جلال چانڊيو جو درزڪو ڪم ۾ دل نه لڳو، اتي پيو مختلف فنڪارن جا ريڊيو ۽ ٽيپ ريڪارڊ تي ڪلام ٻڌندو هو، جنهن سبب سندس دهيان ڪلام ٻڌڻ ڏانهن وڌيڪ هو ۽ پرايا ڪپڙا سبڻ بجاءِ خراب ڪندو هو، استاد جي مارڪٽ سبب اچي اتان به بيزار ٿيو ۽ ڳوٺ واپس اچي مال چارڻ لڳو مال چارڻ دوران جهنگ ۾ ٺڪريون ۽ ڪاٺيون کئي پيو وڄائيندو وتندو هو جهنگ ۾ گائڻ وڄائڻ وارو شوق سندس وڌي ويو مال چارڻ سان به دل نه لڳي جنهن سبب کسي پيادڙڪا اتي به پيا ملندا هئا پر سندس کي سنگيت سان عشق ٿي ويو هو،

    سندس سنگيت سان جنونيت جي حدتائين عشق کي ڏسندي جلال جي مائٽن به کيس گائڻ جي لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي شهر ميرپور ماٿيلو ۾ استاد علي گل مهر وٽ شاگردي لاءِ حوالي ڪيو. استاد علي گل وٽ جلال راڳ جي ابتدائي سيکا ورتي ۽ پنهنجي استاد سان گڏجي ترجي مختلف درگاهن تي وڃي پيرن فقيرن جي اڳڻ تي ويهي ڊيوٽي ڏيڻ سان گڏ گائڻ شروع ڪيو. سندس آواز اهڙو جو لائوڊ اسپيڪر جو محتاج نه هو جلال چانڊيو، جنهن دور ۾ گائڻ شروع ڪيو ته تڏهن سنڌ اندر جهرجهنگ غير سنڌي فنڪارن جو اوج هو، هن ان دور ۾ وڏي همٿ پاڻ ۾ پيدا ڪري 1970 ڌاري پارس ڪيسٽ ڪمپني طرفان آڊيو ڪيسٽ تيار ڪرائي. انهي ڪيسٽ ۾ سندس ڳايل ڪلام ”هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري“ تمام گهڻي مقبوليت مائي. جنهن بعد جلال چانڊيو لاءِ سنڌي سنگيت ۾ دروزا کلڻ لڳا نج ڳوٺائڻ انداز واري ٽوپي ۽ لباس ۾ ٿوري جدت آئي چيڙي يڪتاري جي گونج ۾ سنڌ اندر تڏهن عام ڄام ٿيندڙ ٿيٽرن، ميلن ملاکڙن ۾ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو ته ان دور ۾ عير سنڌي فنڪارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيائين ۽ سنڌ جو بي تاج بادشاهه فنڪار طور اوج ماڻي ورتائين سنڌ ۾ جلال، جلال ٿي ويو. سندس اڳيان پويان تڏهوڪي ڪيسٽ ڪمپنيز جا مالڪ پيا سلامي ٿيندا هئا سوين ڪيسٽون جلال چانڊيو جون جاري ٿيو۔ ريڊيو، ٽيلويزن جا دروازا جلال چانڊيو لاءِ کلي ويا.

    1985 ڌاري جلال چانڊيو انتهائي اوج وارو زمانو ڏسي تڏهوڪي وقت جي ڪامياب فلمي هدايتڪار جناب شاهه اسد پنهنجي سنڌي فلم لاءِ جلال چانڊيو سان وڃي ڪچهري ڪندي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀرائي ۽ سنڌي فلم جلال چانڊيو ٺاهي جڏهن فلم جلال چانڊيو سنڌ جي سينمائن تي لڳي ته سنڌي فلمن جي دنيا ۾ نوان بزنس جا ريڪارڊ قائم ڪيا. انهي فلم کي تمام گهني عوامي موٽ ملي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن سنڌي فنڪار تي ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم جلال چانڊيو لاءِ ٺهي جلال چانڊيو سان سنڌ جا ماڻهو انتهائي گهڻو پيار ڪرڻ لڳا ۽ جلا ل ته اڳ هي حسن پرست هو، سونهن جو پوڄاري هو، جنهن سبب جتي به جنهن به شي ۾ سونهن ڏسندو هو ته دل ڏئي ويهي رهندو هو. جانورن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو، ميهون ۽ گهوڙا پالڻ جو شوق تمام گهڻو هئيس. سنڌ اندر پنهنجي وقت جو انتهائي مصروف فنڪار هو، جنهن سبب سنڌ اندر سوين ماڻهو پنهنجي شادين، مرادين ۾ گهرائڻ لاءِ پروگرام جي تاريخ پهريان جلال چانڊيو کان وٺندا هئا. پوءِ پنهنجي شادين جون تاريخون طئي ڪندا هئا. جلال چانڊيو رنگين طبعيت جي مالڪ هجڻ سان گڏ انتهائي طور نماز جو پڻ پابند هوندو هو ۽ انسانيت جي خدمت سان سرشار جذبو رکندڙ شخصيت هو. پنهنجي علائقي جي غريبن جي نياڻين جي ڏاج ڏيڻ کان وٺي غريبن جي مدد ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. سنڌ اندر ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ نه هوندو جتي جلال چانڊيو پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪيو هجي. هر هنڌ پنهنجي فني دنيا جي اوج وارن ڏينهن ۾ سنڌي سنگيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ تمام گهڻو ڳائي وڄائي انگريزن کي به حيران ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته سندس ڳائڻ وقت چپڙي يڪتاري وڄائڻ سان گڏ سندس منهن جو رخ، ويهڻي ۽ هٿن جي بيهڪ وارو انداز اڄ تائين ڪوئي به فنڪار پيدا نه ڪري سگهيو. سڄو جسم سندس جو ڳائڻ سان گڏ پيو پرفارم ڪندو هو. هو ويٺي ويٺي ڳائيندي به ائين لڳندو هو جو ڄڻ نچي رهيو هجي.

    جلال چانڊيو 2 شاديون رچايون، هڪ پنهنجي مائٽن مان ننڍپڻ ۾ ته ٻئين شادي پنهنجي پسند سان ڪئي. فني دنيا ۾ انتهائي اوج واري زندگي ۾ جڏهن ته جلال چانڊيو جنهن محفل ۾ ڳائڻ ويندو هو، اتي اوڙي پاڙي جون سوين عورتون پنهنجي گهرن جي ڪوٺن تي ويهي جلال چانڊيو جو راڳ لازمي ٻڌنديون هنيون. جلال چانڊيو انتهائي مقبول فنڪار پنهنجي شروعاتي دور کان حياتي جي آخري لمحن تائين رهيو، کيس ڪرڪيٽ ۽ ڪوڏي ڪوڏي راندين سان تمام گهڻي دلچسپي هئي ۽ ڏاندن جي گوءِ، ڪڪڙن جي ميل سان به ڏاڍي دلچسپي هئي.

    سال 2000 جي شروعات کان هو گڙدن جي خرابي سان بيمار رهڻ لڳو، جنهن سبب لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ اچي داخل ٿيو، هڪ مهينو علاج ڪرائڻ سبب ٺيڪ ٿي واپس ڳوٺ ويو. جڏهن ته لياقت اسپتال ۾ بيماري دوران تڏهوڪي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري حميد آخوند پڻ جلال چانڊيو جي سهائتا ڪئي ۽ اسپتال اندر روم ۾ جلال چانڊي جي خواهش مطابق ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ٽي. وِي. سيٽ لڳرائي ڏنو. اسپتال ۾ داخل هجڻ سبب جلال سان ڏاڍيون ڪچهريون ٿينديون رهيون. ڪچهري جو ڪوڏيو مڙس ماڻهو يارن جو يار تڏي جو ڀلو انسان هو. سنڌ اندر سوين شاگرد پيدا ڪيائين، جيڪي اڄ پنهنجي استاد جي فن کي اڳتي وڌائن ٿا.

    جلال چانڊيو سان 2000 جي ڊسمبر مهيني ۾ ٻيهر بيمار ٿي پيو، پهريان حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ٿيو، حيدرآباد مان ناز سهتو ۽ نصير مرزا جن فون ڪري اڳاهي ڏني ته جلال چانڊيو سخت بيمار آهي. حيدرآباد ۾ سندس علاج لاءِ ڪراچي ۾ بندوبست ڪيو، جنهن بعد SIUT وارڊ سول اسپتال ڪراچي ۾ پروفيسر منظور ملاح ۽ ڊاڪٽر محمد خان سان رابطو ڪري ڊاڪٽر اديب رضوي کان ٽائيم وٺي جلال چانڊيو کي SIUT وارڊ ڪراچي ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي داخل ٿيڻ بعد ڊاڪٽرن اهيو پئي ٻڌايو ته سندس جا گڙدا خراب ٿي ويا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن سندس طبعيت خراب ٿيندي وئي. کيس کي رت جون ٿيلهيون روزانو جي بنيادن تي لڳايون پئي ويو، پر سنڌ جي هن عظيم فنڪار جي حياتي جا ڏينهن ڏهين جنوري 2001 تي رات جو ساڍين ڏهين وڳي پورا ٿي ويا. هميشه جيان روزانو صبح ۽ رات جو سندس طبعيت پچڻ لاءِ روزانو اسپتال وڃي عيادت ڪندو هنيم. اتفاق سان جنهن وقت سندس وفات ٿي ته SIUT وارڊ جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ ڊاڪٽر منظور ملاح سان گڏجي مان موجود هنيم ڊاڪٽر منظور ملاح ٻڌايو ته جلال چانڊيو لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر الله جي جيڪا مرضي. انهي وقت اسپتال جي بستري تي ننڊ ستل جلال چانڊيو جي مک تي هڪ حسين مرڪ هئي. انهي حسين مرڪ دوران هڪ هڏڪي ڏيندي جلال چانڊيو پنهنجو ساهه ڌڻي حوالي ڪيو ۽ 5 وڳي صبح جو جلال چانڊيو جو مڙهه سندس مائٽن حوالي ڪيو ويو. جنهن بعد ايڌي ايمبولينس ۾ مڙهه جلال چانڊيو جي آباڻي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو ويو. صبح جو سوير کان منجهند جو جلال چانڊيو جي ڳوٺ تائين مڙهه پهچڻ تائين سوين ماڻهن جي گاڏين جلال چانڊيو جي مڙهه جو ائين استقبال ڪيو جئين سندس حياتي ۾ سندس آجيان ڪئي ويندي هئي. جلال چانڊيو جي وچوڙي جي ڏينهن سنڌ جي هزارين گهرن ۾ تڏا وڇايا ويا، جنهنجو مثال سنڌ جي ٻئين ڪنهن وڏي فنڪار جي وڇوڙي تي نٿو ملي.

    اڄوڪي ڏينهن 10 جنوري تي هن عظيم فنڪار جي وڇوڙي کي اڄ 9 سال گذري ويا آهن پر سندس عوامي مقبوليت ۾ اڄ به ڪا کوٽ ناهي ٿي. اڄ به سندس آواز جهرجهنگ گونجي ٿو ۽ سندس فني خدمتن سبب سنڌ کي نوان سنگيت جي دنيا ۾ لاڙا مليا. جلال چانڊيو کي سنڌي سنگيت جي خدمتن عيوض شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، فنڪار ايوارڊ سميت سوين ايوارڊن سان نوازيو ويو. سنڌ جي کوڙسارن شهرن ۾ سندس مڃتا طور سون جون تاجپوشيون پڻ ڪيون ويو. جلال چاڻديو واري فني ڳائڪي جو الڳ انداز جو اڄ به سنڌ ۾ اوڄ آهي، جنهن کي عوامي مقبوليت ملي ٿي[/JUSTIFY]

    http://www.youtube.com/watch?v=yzBj3SJgov0

    http://www.youtube.com/watch?v=RUTLfoTUyhs&feature=related

    http://www.youtube.com/watch?v=9sROWQL7Jkw&feature=related

    سنڌ سلامت تي ادا ممتاز وگهيو پاران ونڊ ڪيل مقيم جلباڻي فتح پوري جو جلال چانڊيي تي لکيل ڪالم پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جلال چانڊيو جي ورسيء جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    سندس عوامي مقبوليت جو اندازو هن ڪلام مان لڳايو ته ڪيئن ماڻهن جا جهم مٿانئس پيسا گهوري رهيا آهن

    http://www.youtube.com/watch?v=vGhTTNlm3AE&feature=related
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جلال چانڊيو جي ورسيء جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    اڄ وري جلال چانڊيو جي ورسي ۽ سندس ياد ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ پاران کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جلال چانڊيو جي ورسيء جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    سائين بلڪل سنڌ جو بي تاج بادشاھ اڄ به ائين ئي ٻڌندڙن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بي تاج بادشاهه
    عوامي راڳي جلال چانڊئي کان اڳ يڪتاري ۽ چپڙي جي سڃاڻپ صرف فقيراڻي سڃاڻپ هئي، يعني يڪتارو ۽ چپڙي صوفي بزرگن جي درگاهن تائين محدود هو، پر جلال چانڊئي هن کي سنڌي لوڪ موسيقي ۽ ڪلاسيڪي موسيقي ۾ متعارف ڪرايو، هو نه صرف يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بادشاهه هو پر سنڌي ڪيسٽ جي دنيا جو به بادشاهه هو، جلال کان اڳ سنڌ ۾ ڪيسٽ جي دنيا تي پنجابي ۽ ٻين ٻولين جي گانن جو راڄ هو، هر هنڌ ميڊم نورجهان، مهدي حسن، عنايت حسين ڀٽي ۽ ٻين فنڪارن کي نهايت ذوق ۽ شوق سان ٻڌو ويندو هو، پر جلال چانڊئي جي ڳائڻ سان نه صرف سنڌي ڪيسٽ ڪلچر سگهارو ٿيو، پر سنڌ مان پنجابي گانن جي جاءِ سنڌي گانن والاري ورتي، گاڏين، هوٽلن، ٽريڪٽرن ۽ ٽرڪن ۾ جلال جو آواز گونجڻ لڳو. هن راڳ جي شروعات 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪئي، شروعات ۾ هن جا گيت ”اڄوڪي رات رهي پئو منهنجي دل ٿي چوي ۽ هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري“ ٻڌندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيا، ڪيسٽ جي دنيا ۾ هن جي مقبوليت ڏسندي تڏهوڪي پروڊيوسر شيخ غلام حسين، کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو، تنهن بعد هو پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان پي ٽي وي تي متعارف ٿيو، جتي هن نيون ڌنون تخليق ڪري موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو هڪ منفرد مقام ٺاهيو، هن پاڪستان کان علاوه دبئي ۽ سعودي عرب کان ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جلال چانڊئي جي مادري ٻولي سرائيڪي هئي، پر هن سرائيڪيءَ کان علاوه براهوي، پنجابي، بلوچي، اردو، سنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ به ڳايو، هن سنڌ جي سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست ۽ استاد بخاريءَ سميت ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام کي پنهنجو نرالو آواز ۽ انداز ڏئي لازوال بڻائي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي لاءِ ڪاميابيءَ جا دروازا هميشه لاءِ کولي ڇڏيا، اڄ به جلال جي نالي جو کٽيو کائيندڙ فنڪار جوڳي جلال، پتڪڙو جلال، سهڻو جلال، صفا جلال، ننڍو جلال، وڏو جلال ۽ آخري جلال جي نالن سان مشهور آهن، جن نه صرف جلال جي آواز ۽ انداز کي اپنايو پر جلال جي شهپرن ۽ ٽوپي واري فيشن کي به پاڻ مٿان طاري ڪري ڇڏيو، جلال چانڊيي جي اچڻ سان سنڌي موسيقيءَ کي هڪ نج ٻهراڙي جي فطرتي ٻولي وارو اصلوڪو فنڪار نصيب ٿيو، جنهن ڪري اڄ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو جلال وانگر ٽوپي نرڙ تي سجائڻ ۽ مڇن جي بيهڪ، جلال وانگر ڪرائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن. جلال چانڊئي کي سندس فني خدمتن جي اعتراف ۾ شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر شهباز ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايوارڊ به مليا، جلال چانڊئي ٽي شاديون ڪيون، گردن جي بيماري سبب 10 جنوري 2001ع تي 57 سالن جي عمر دم ڌڻي حوالي ڪيو.

    مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هئي هئي ڙي هئي سنڌ جا سرموڙ سدا بهار راڳي بادشاهه۔۔۔۔! ابول ڇا ته ڏات هُئي هن ماڻهو ۾، مان سمجهان ٿو جلال چانڊيو وفات ڪري وڃڻ کان پو ئي ڄن زندهه ٿي ويو هجي، ڪنهن زماني ۾ ته جلال جا ٻڌندڙ رڳو ڳوٺائي ۽ قوفي صفت ماڻهو هوندا ها، پر اڄ ڏسو ته هرڪو هر شعبي سان تعلق رکندڙ سنڌي نوجوان پڻ پنهنجي ڪارين توڙي موبائيل فونن ۾ جلال جو راڳ ٻڌندي نظر اچن ٿا۔ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جلال چانڊيو جو آواز مُئو ڪونهي، هميشه لا اسان جي ايندڙ پيڙهين لا امر بڻجي ويو آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ دوست جو ايس ايم ايس مليو آهي. هن لکيو آهي :

    “وساڻ صاحب اوهان سنجيده هوندي جلال چانڊيي جهڙي ڇڇوري فنڪار کي ايڏي عزت ڏئي پيش ڪيو آهي، جڏهن ته هو اسان جي معاشري ۾ هڪ بگڙيل فنڪار هو. هن بازاري شاعري ڳائي سنڌ جي نوجوان نسل کي تباهه ڪيو“

    مان سوچي رهيو آهيان ته کيس ڪهڙو جواب ڏيان. ڇا اها حققت ناهي ته جلال چانڊيي ان دور ۾ سنڌي موسيقي کي عروج ڏنو جڏهن سنڌ جي ڪيسيٽي ڪلچر تي عطاء الله عيساخيلوي، عالم لوهار جهڙن ماڻهن جو قبضو هيو. ڇا جلال چانڊيي اهو غلبو ختم ڪري ڪيسٽ جي دنيا تي سنڌي موسيقي کي عام نه ڪيو؟؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اهڙي ماڻهو کي سنڌ ۽ سنڌيت جي ڪا ڄاڻ ئي نه آهي۔۔۔وڌيڪ جيڪو توهان ان کي چئي سگهو ٿا۔ ڇو ته توهان بهتر ان جي مزاج کي ڄاڻندا هوندا ته ڪهڙي طبعيت جو مالڪ آهي ايس ايم ايم ڪرڻ وارو۔
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,753
    ورتل پسنديدگيون:
    2,729
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جڏهن سنڌ ۾ پنجابي ڪلچر جو راڄ هو تڏهن جلال چانڊيو سنڌي (ٽوپي پائي) سنڌي ثقافت کي هر هند اجاڳر ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔جڏهن لانگ بوٽن جو دور هيو تڏهن به هو نه ڊر رهيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان دوست کان پڇو ته ڪڏهن سنڌي ٽوپي پاتي اٿين ؟؟؟؟؟؟؟ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يقينن ان اهو دوست آمريت ۾ ٻاهر ئي ڪون نڪرندو هوندو۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جلال چانديي جي ياد

    سندس ورسي جي مناسبت سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. حبيب

    حبيب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]

    جڏهن به مٽي جي اوٽ ۾ دفن ٿي وڃون : نوازشاھ ڀاڏائي


    گذري ويل وقت جون يادون سنچور نانگ وانگر رت چوسينديون رهنديون آهن نيٺ هڪ ڏينهن ماڻهون ڀڃي ڀور ٿي مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويندو آهي يادن کي ڏياري جي ڏيئن جيڏو حسن به هوندو آهي ته وري يادن جي تارن ۾ ماتمي ڌنن جو رڌم به هوندو آهي جيڪي ڪنهن پل اوچتو روح جي مٿان ريلو ٿي گذرنديون آهن ان سمي ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ ڪنهن تاڪائين شيشي جيان ٽٽي پوندو آهي ساهن ۾ سٽون اڀرنديون آهن ۽ وجود ڄڻ ٽانڊن جي ڍير مٿان بيٺل محسوس ٿيندو آهي يادن جو واسطو جڏهن ڪنهن سرمئي بادل جهڙي شخص سان هوندو آهي مختلف فردن سان مختلف يادون وابسطا هونديون آهن پر اکڙين کان ڏور ويل ماڻهن جون يادون دل کي تتل سيخن وانگر ساڙينديون رهنديون آهن دنيا جي سمورن حساس انسانن وانگر منهنجي به من مندر ۾ ڪيترن ئي مينهن وساڙن جهڙن ماڻهن جون يادگيريون جيون جي وڏي ميراث وانگر رهيل آهن اڄ به تصور جي اڏام اڏام زريعي آئون ڪيترائي مرڪندڙ چهرا ڏسي رهيو آهيان جن سان منهنجا ازل ۽ ابد جا گهنگهور گهٽا جهڙا گهاٽا رشتا هئا اهي رشتا جن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي ڇڏي آئون رڳو انهن جي حسن ۾ وڪوڙيل هونديون هوس اڄ اهي نظر جي سرحدن کان گهڻو اوجهل رهجي ويا آهن پر آئون سندن ٽهڪن جي پڙلاءُ پنهنجي ڪنن ۾ اوتي رهيو آهيان اهڙو ئي هڪ رشتو مهو منهنجو فقير انسان ۽ سنڌي راڳ ۾ انوکا آلاپ کڻي ايندڙ جلال چانڊئي سان جيڪو اهڙو چانڊيو هو جيڪي ڌن جي بجاءِ دليون کسيندا اهن جلال چانڊيو لوڪ جي اکين ۾ هڪ فنڪار هو پر منهنجي اکين ۾ هن جي ذات جا انيڪ پهلو لڪل آهن هڪ صوفي روح روايتن جو امين پيڙهيل طبقي جو حامي وحدت الوجود جو پيروڪار فيصلا سازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ جلال راڳ کي رستو بڻائي ازل ۽ ابد جي درياھ مان ته رڳو پار پوڻ ٿي چاهيون مجازي عشق جي زريعي حقيقت جي حُسن ڏانهن مڙي آيل جلال چانڊيو هڪ معنيٰ سنڌ ۾ جو سفير هو جنهن رڳو سنڌ مان ڌارين راڳ کي نيڪالي نه ڏني پر ڪشادہ دلي سان ڪيترن ئي ماڻهن جي روحن جي تارن ۾ محبت جا ڪنول پوکيا ۽ هو هڪ ثقافتي بڻجي ويو جيتري هشمت هن جي روايتي سنڌي مردانگي واري رعبدار چهري مان بکندي هئي اوتري سندس دل ملائم ۽ نفيس هئي ۽ اها دل ئي جلال جي ڪل ڪائنات هئي جنهن درزڪو ڪم ڪندڙ هڪ پورهيت جي پٽ کي زماني سان ٽڪرائجڻ جو ساس بخشيو نتيجي طور هڪ فرد جلال چانڊئي جي روپ ۾ هڪ اڏول پهاڙ ٿي اڀريو جنهن جي آواز جون للڪارون ڪنهن چيتي جي چينگهاڙ جيان ماحول کي پنهنجي مٺ ۾ وٺي وٺنديون هيون جو90 ۽80 واري عرصي ۾ سنڌ جا بدنام ڌاڙيل ۽ ڪاٽڪو به کيس پنهنجو اڻ ڏٺل ديوتا مڃندا هئا سنڌي شهپر سنڌي ٽوپي بوسڪي ڪپڙا راڊو واچ ته ڄڻ سنڌ ۾ جلال جي سڃاڻپ جا حواله هئا ۽ ڏسڻا واسڻا ماڻهون سندس نقل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا ٽرڪن جي پٺيان سندس رعبدار تصويرون ته اڄ به نمايان نظر اينديون آهن راجستان ۽ ڪاٺياواڙ ۾ به سندس گيت چاھ مان ٻڌا ويندا آهن ايتريون ساريون سڃاڻپون هڪ فرد جي حصي ۾ آيون پر اهو فرد عمر ڀر ان ئي آرزو ۾ رهيو ته سندس محبوب ڪٿي آهي..؟ محبوب جي تلاش هن جي سموري حاصلات هئي عزت شهرت دولت کان سواءِ ٽي شاديون ڪندڙ جلال هي تن جي ٽشنگي آخر تائين اجهي نه سگهي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ گلي گلي شهر شهر هو پنهنجي آواز جي پڪار سان سڃي زندگي ان پرين جا پار پڇندو رهيو جيڪو بقول سندس ته هن جي بچڻ جي آخري اميد هو. ۽ هن شينهن مڙس جيڪو پنهنجي ڏياءِ ڀرپور بيهڪ جري سنڌ ۾ هڪ جدا سڃاڻپ جو سبب هو اسپتال جي بستري تان آخري بيان به اهو جاري ڪيو ته محبوب ايندو ته آئون چاڪ ٿي ويندس اهو محبوب نه آيو ته جلال به انتظار جي جي واڳ ڇڪي ورتي ۽ سڀ ساز ماٺ ۾ ڇڏي آواز ڏور اڇلي شهرتن جا اعزاز وساري اوچتو ئي عدم جي اونداهين طرف اڏاڻو هليو ويو طنبورا حيرت ۾ رهيا تند سوچندي رهي ته هو ڇا جو ٺهيل هو ۽ هن جي دل ۾ آخر سانت ڇو نه آئي ڊاڪٽرن جي باربار روڪڻ باوجود هو پاڻ کڻائي به محفلن جا ميدان سينگاريندو رهيو شايد ان ڪري ته سندس ڪا صدا من ان انسان جا حواس ٻڌي وٺن جيڪو روايتن جي ڳورين زنجيرن ۾ جڪڙجي ڪٿي رهجي ويو آهي، ۽ پويان جلال جي صورت ۾ هڪ اهڙي پنهنجي عاشق کي ڇڏي ويو آهي جيڪو سانوڻي جي درياھ جيان ٻنا ٻوڙ ڪندو رهندو پر هڪ هنڌ رڪجڻ سندس ڀاڳ جي لڪير ۾ نه هوندو پوءِ واقعي ڦلن جي شهر جي هن ديواني انسان سنڌ جي اداس راتين جي پهرن ۾ اهي گيت ٻُرايا جو آکيرن ۾ ويٺل پکين جو ٽوليون به ٽاھ کائي اڏامي وينديون هيون ۽ دل وارن جي سريرن مان ڄڻ ته ساھ ڇڏائي ويندو هو ماڻهو چوندا هئا هي فنڪار آهي يا ڪو سامي جا جادوگر آهي...! ماڻهن کي منڊڻ سندس کاٻي هٿ جو کيل هو هن پنهنجي راڳ سان روح گرمايا ڌڌڪايون سنڌ اڪيلا انسان سندس صدائن ۾ پاڻ کي تلاش ڪندا هئا ۽ جلال راڳ کي روزي نه پر “راضي” ڪرڻ جو زريعو ڄاتو تڏهن ته وٽس ڪنهن مڪتب جي سند ڪنهن ڪاليج جي ڊگري نه هوندي به لفظن خيالن جا اهي تارون جي خزاني جيترا احساس هئا جن سا هو مريض محبت جو دارون ۽ دوا ڪندو هو لطيف، جانڻ چن، اعجاز سائين، بيدل، راشد مورائي، سچل، حمل، شاھ شريف جهڙن صوفي لاڪوفين جو رموز حقيقت وارو پيغام ۽ ڪلام سندس جيون جو سرمايو هو عام لوڪ جي سادہ مزا جي سبب هو اها به شاعري ڳائڻ جو ڪم کڻندو هو جيڪا مٿس “ فتوائن” جو رستو هموار ڪندي هئي هو بي خوف ٿي سنڌ جي پيڙهيل انسانن جا سڏ ورنائندو هو . بابا سائين مراد علي شاھ سان سندس سالن جي محيط تعلق جي تند کيس اڪثر لاڙ جي انهن اڌورن علائقن ۾ وٺي ايندي هئي جتي کيس نالو لوڪ لاءِ ڄڻ ڪا وڏي بشارت بڻيل هوندو هو هو جڏهن اتر جي اوتن واري ڏينهن ۾ ڏينهن ۾ اسانجي ڳوٺ ۾ ايندو هو ته ميلي وارو سمان مچي پوندو هو هو پنهنجي سانڀر ۾ شهيد بشيرخان قريشي کان سواءِ سنڌ ۾ مون ماڻهن جي محبت جو اهو مقام ٻي ڪٿي ڪونه ڏٺو جيڪو جلال چانڊئي تي متل هوندو هو ماڻهون هڪ ٻي کي لتاڙي سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ جهاتيون پائيندا هئا ايترين هنگامه آرائين هوندي به مجال جو سندس ک تي ڪو بيزارگي جو تاثر اڀري بابا سندس هٿ وٺي کيس اڪثر اسٽيجن تي ويهاريندو هو ۽ عام ماڻهن کي ٻڌڻ ۽ سانت ٿيڻ لاءِ ٻانهون ٻڌندو رهندو هو اڄ اهو بابا به خدا جي محفل ڏانهن موٽي وڃي نيري ننڊ سٿو.... يادن جا انبار رهجي ويا جلال جي طنبوري جي تار سندائين تپندي رهي ۽ اها ڄڻ هڪ د‎﷡ؤر جي دانهن هئي وقت جي واٽ تي اڄ اهو انسان وکري ويو ته حياتي ۽ موت وچ کڙي ٿيل ديوار برلن جي پويان يادگيريون ائين لڪي ويون جهڙوڪر باک کان پوءِ ستارا لڪي ويا آئون عرصو ٿيو سندس ان اڱڻ جي اداس پٽن تي ناهيان ويو خبر ناهي الاءِ اهو علي حسن ٻٻر ڪٿي آهي جيڪو جلال سان پاڇي وانگر گڏ هوندو هو بابا سائين بهج وڃي آسڻ آرامي ٿيا ميهر فقير به تازو ئي موڪلاڻي ڪئي ۽ خبر پئي ته اهو عبدالڪريم زرداري به موت جي خاموش وادي ۾ وڃائجي ويو جيڪو جلال سان گڏ ج0هن ساز تي آڱريون رکي ڏوهيڙا ڏيندو هو ته ساھ جون رڳو مٺ ۾ اچي وينديون هيون يارن جي ڪاڪ اجڙي وئي هڪ ڀرپوري وقت هو جيڪو پنهنجي سمورين حسناڪين سان اڄ منهنجي سامهون آهي آئون ان مان سوچيان پيو ڪهڙا ڪهڙا منظر کڻان جلال چانڊئي جو ڦلن جي هڪ ننڍڙي شهر کان شروع ٿيل سفر بظاهر ته سندس اوطاق جي اڱڻ ۾ اتي پورو ٿيو جتي سندس وصيت موجب کيس سپردخاڪ ڪيو ويو پر ان سفر جون ڪئي ڪٿائون ڪيئي ڪهاڻيون سنڌ جي گمنام گلين ۾ رهجي ويون آهن جن کي رڳو درد سان ئي دريافت ڪري سگهجي ٿو جلال روحن جو رفوگر هو جنهن چڪندڙ زخمن تي پيار جا پها رکيا ۽ هو حققي آرٽسٽ هو جنهن فن کي ملڪيت ٺاهڻ جو نه پر ماڻهون ٺاهڻ جو محور سمجهو هو پر هن ۾ خود داري جي انتها اها هئي ته مرڻ جي بستري تي به هن سرڪار ۽ ان جي ڪنهن بدبودار کاتي کان بچائڻ جي اپيل نه ڪئي ۽ ها البت هو ان سنهئي سرڪار کي سڏيندو رهيو جيڪا سندس جيئڻ جو جواز هئي ۽ اها ان مڪتب جي ڪرامت هئي جو جلال جو نئون جنم ٿيو هو اهو جلال هيلو ويو ته ڄڻ سنڌ جا اسٽيج اداس ٿي رهجي ويا 25سال سنڌي لوڪ راڳ ۾ پنهنجو انوکو رنگ ڀريندڙ جلال 2001ع ۾ وڇڙيو ته ڌرتي جا ميلا ۽ محفلون به ڄڻ پاڻ سان گڏ کڻي هليو ويو ۽ پويان رهجي وئي سندس اکين جهڙي اداسي جيڪا زخمي لونج وانگر ڪرلائي ٿي ته جلال جا آلاپ هنج ٿي اڏامن ٿا جلال ٻيهار ته ناهي اچڻو پر سنڌ کيس زمانن جا زمانه ڳوليندي هڪ مذهبي جنونيت ۾ ورتل اها سنڌ جنهن سندس موت تي “شڪراني” جا بيان ڏنا هئا پر اها سنڌ صفا ننڍڙي آهي جلال سان محبت ڪندڙ سنڌ وڏي ويڪري ۽ لامحدود آهي اها سنڌ جلال جي يادن کي جيءِ ۾ لڪايو ويٺي آهي اهي ماڻهو جن جي وهائن جي مختلف ۾ جلال ڳائي آيو اهي اڄ به آلين اکين سان فخر مان چوندا آهن ته اسان جي پرڻي ۾ جلال غضب جي محفل ڪئي هئي، ۽ سانگهڙ جا اهي ڪولهي به کيس ساريندا هوندا جن بابا کي ٻڌايو هو ته جلال هڪ اعلى آفيسر جي پٽ جي شادي ڇڏي اسانجي غريباڻي ڪاڄ ۾ آيو مذهبي مهندارن لاءِ جلال هڪ “شامت” هو سنڌ جي نام نهاد اديبن لاءِ جلال هڪ “ونگر” فنڪار هو پر هارين پورهيتن ڪڙمين ۽ ڪاسبين لاءِ جلال آڌي جي اڪيلائن ۾ جاڳ جو ڀاڳ هو هڪ آٿت ۽ اُتساھ هو جنهن جي سرن جي سرگم تي ستارا به الهي اچي سندس آنڱرين کي چمندا هئا موڪري ڇاتي سرميانڪ اکين وڏن شهپرن ۽ خوبصورت ٽوپي پاتل ان مرڪندڙ انسان کي ڀلا ڪئين ٿو وساري سگهجي جهنجون ڪچهريون چند جو واس هونديون هيون جهنجا ٽهڪ بانسري جا آلاپ ۽ لفظ ريشم مان ٺهيل هوندا هئا سندس پڄاڻا ڪيترائي جڳاڙي جلال جمنا پر سندس “جلال” جون جهلڪيون ڪٿي به نظر نه آيون هو سندان امر اواز ۽ آلاپن سان وڃي مٽي ماءُ جي ڪڇ ۾ ستو آئون سنڌ جي هن البيلي راڳي ۽ بابا جي دوست کي اکين جا ڌيئا ٻرڻ تائين ياد ڪندو رهندس......
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 جنوري 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. حبيب

    حبيب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مهرباني ادا سليمان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چپڙي ۽ يڪتاري جي بي تاج بادشاهه جلال چانڊيي جي ورسيءَ تي سندس ياد
     
  14. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ورسي تي سنڌ سلامت پاران بهترين ڀيٽا، سنڌ سلامت واحد پليٽ فارم آهي جتان سنڌ جي هر هڪ ماڻڪ کي سانڍي رکيو ويندو آهي..بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جلال چانڊيي جي ورسيءَ تي سندس سار


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,683
    ورتل پسنديدگيون:
    1,185
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جلال چانڊيو يڪتاري چپڙي جو بادشاھ اڄ به سنڌي وڏي شوق سان جلال کي ٻڌندا آھن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    40
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    [​IMG]










    سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاهه جلال چانڊيو جي ورسي جي مناسبت سان

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    ايڏي دير ڪري ڇوٿا يار اچو نه ڪي سار لهو ڪو مئو يا بچو

    جلال چانڊيو سنڌ جو اهو فنڪار هو جنهن پنهنجي آواز ۽ انداز سان سر سنگيت ۾ نرالو نالو ڪمايو رب پاڪ سندس سريلي آواز جو مالڪ بڻايو هو ، سندس مقبوليت ۾ اڄ تائين ڪو به سرسنگيت جو فنڪار يڪتاري چپڙي ۾ مٽ ثاني ناهي .اڄ ڏهين جنوري سال 2017 جي تاريخ هر پرستار ، سر سنگيت سان سلهاڙيل ماڻهن لاءِ ڏک جي گهڙي هوندي ڇو جو سندس ساهه جو سڳو انهي تاريخ تي 16 سال اڳ ٽٽي پيو هو ،سندس واقفيت هن طرح آهي

    هن سونهن ڀري سر زمين سنڌ بيشمار ولين، بزگن، شاعرن، اديبن، دانشورن، فنڪارن ۽ اهلِ دل انسانن کي وقتن به وقت جنم ڏنو آهي جن پنهنجي حڪمت، ڏاهپ، محنت ۽ مروت سان پنهنجو نالو ڪڍيو آهي اهڙن نرالي شخصيت سنڌ جو هي عوامي فنڪار جلال خان چانڊيو ولد حاجي فيض محمد چانڊيو سن 1944ع ڌاري ڳوٺ هڙپال جو هٽ ڀرسان شهر ڦل جي ضلعي نوشيروفيروز ۾ جنم ورتو، سنڌ جي عوامي راڳي ننڍي هوندي اسڪول ويو مگر نصابي تعليم سان ايتري دلچسپي نه لڳي هڪ ٻه درجو پڙهي پڙهڻ کان بس ڪيائين، ننڍ پڻ کان وٺي نينهه سندس راڳ سان جڙيل هو سندس پِيءَ حاجي فيض محمد چانڊيو راڳ ڳائڻ کان جهليندو هو ته پٽ راڳ نه ڳاءِ پر جلال چانڊيو راڳ جي آواز جي دنيا ۾ رنگ جي ريٽو ٿي ويو ۽ وڏن جي روڪ جي ڪا به پرواهه نه ڪيائين، رياضتون ڪندو ڪندو نيٺ وڃي اعليٰ درجي جي مقام تي پهتو، جلال چانڊيو پهريان سندس مورو شهر کان اوڀر طرف مصر واهه ۾ ٻڪرين جي ڌڻ سان جهنگ وڃي مال چارڻ شروع ڪيو جهنگ ۾ ٺڪرين جون چپڙيون ٺاهي پنهنجي منهن جهونگاريندو هو، ٿورو جوان ٿيو ته سندس پيءُ حاجي فيض محمد چانڊيو نوان جتوئي جي شهر هڪ درزڪي دڪان تي ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو هو ٻه ٽي سال درزڪو ڪم سکي پورو ڪيائين درزڪو ڪم سکڻ دوران جلال الدين چانڊيو غلط صحبت جي ور چڙهي ويو درزڪو ڪم ڇڏي چوريون ڪرڻ شروع ڪيائين ڪيترائي ڀيرا پوليس ٻڌي مارون به ڏنيون ۽ پوءِ اوچتو عشق لڳي ويس سڀ ڪم ڇڏي راڳ ڳائڻ شروع ڪيائين سندس راڳ سيکارڻ ۾ پهريون استاد پڦاٽ سائينداد هو جنهن وٽ وٺ راڳ سکيو ۽ تنهن بعد احسان علي فقير به راڳ سيکارڻ ۾ مدد ڪئي بعد ۾ هن مشهور سيبتي فنڪار باقاعده پنهنجي استاد علي گل مهر کان راڳ جو ڳانو ٻڌرايو استاد علي گوهر مهر تعلقه ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪي جو رهواسي هو جيڪو ان وقت موري شهر ۾ رهندو هيو، جنهن چپڙي يڪتاري وڄائڻ جا سڀ گر سيکاريا پهريان پاڻ پنهنجي استاد سان گڏ ڳائيندو هو ۽ بعد ۾ استاد جي اعجازت سان 1973ع ۾ هن جدا ڳائڻ شروع ڪيو يڪتاري چپڙي تي ڳائڻ واري نرالي انداز سان ٻڌندڙن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو جلال چانڊيو يڪتاري چپڙي تي ڳائي پنهنجي سريلي انداز ۽ سوز واري آواز ۾ ڳائي محفل ۾ ويٺلن ماڻهن کي مدهوش بڻائي ڇڏيندو هو جڏهن جلال چانڊيي نئون نئون ڳائڻ شروع ڪيو هو ته ان وقت سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اردو ۽ پنجابي زبان جي ڳائيندڙن جي مقبوليت عام هوندي هئي جلال چانڊيو جي انوکي انداز انهن غير سنڌي فنڪارن جي سنڌ مان يڪتاري چپڙي جي نئي انداز سان پڄاڻي ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ مٿس شهرت، عزت، دولت جي ديوي مهربان ٿي ۽ کيس سنڌ جي جهر جهنگ ۾ مشهوري ماڻي ان ڪري اڄ ڏينهن تائين کيس سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاهه سڏيو وڃي ٿو. جلال چانڊيو پنهنجي فن جو سڀ کان پهريون مظاهرو سيد قبول شاهه جي درگاهه تي ڳوٺ ڀرسان ڪيو هو جتي سندس درگاهه جي گادي نشين سيد نور محمد شاهه دعا به ڪئي هيس ته: جلال چانڊيو تون ڳائي تنهنجي پويان دنيا رلندي واقئي ٿيو به ائين. جلال چانڊيو زندگي ۾ پهريو ڪلام پنهنجي استاد علي گل مهر اڳيان ڳايو هو تنهنجا ٻول هيان، “اڄ سڃاڻي ڪو نه ٿو ڪو ڏهاڙو ياد ڪر دل سڙي وئي يار جاني دل سڙي جو داد ڪر” جلال چانڊيو کي راڳ جي ڄاڻ نالي ماتر هئي پر سندس قسمت جو ستارو اوروج تي هيو، راڳ ۾ سندس جيتري شهرت ملي ايتري وڏن وڏن گوين کي به نه ملي سگهي. ريڊيو پاڪستان کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو هو ته آءُ هڪ دفعي سمن سرڪار جي ميلي تي ڳائي رهيو هيس ته جتي ٻيا به ڪيترائي ڳائڻا استاد منظور علي خان، سليمان شاهه، مٺو ڪڇي، ڪزبانو به راڳ پئي ڳايو هنن سڀني جو راڳ کليل ۽ عام پٽ تي هيو ۽ منهنجو راڳ 10 روپيه ٽڪيٽ تي هيو جيڪا ان وقت 10 رپيا تمام گهڻا هيا جيڪي راڳ جا ڄاڻو ماڻهون هنن عظيم سريلن فنڪارن ڏي لڙي به نه پئي ويا مگر مون جڏهن ڳائڻ شروع ڪيو ته رش ايتري وڌي وئي جو ٽڪيٽن تي لٺ پئي لڳي، صبح ٿيو استاد منظور علي خان مونکي گهرايو ته جلال کي ڏسان مونکي چيائين ته جلال راڳ ڳائڻ جي ڄاڻ ڪجهه به ڪو نه اٿئي پر تنهنجي بخت کي سلام آ، جلال چانڊيو ٻڌايو ته مون هٿ ٻڌي استاد منظور علي خان کي چيو ته راڳ جو علم ۽ ڄاڻ برابر اوهان وٺ آهي پر بخت وري اسان جو الله سٺو ڪيو آهي استاد دعا ڪجو. جلال چانڊيو جو حافظو به تمام بهتر هوندو هو معمولي تعليم هوندي کيس نون پراڻن سوين شاعرن جا هزارين ڪلام، ڪافيون، گيت، غزل، وايون، ڏوهيڙا ۽ بيت وغيره ياد هوندا هئا، اڄ جا اڪثر فنڪار راڳ ڳائڻ محل پنهنجي سامهو شاعرن جي شاعري جا ڪتاب جا ڪاپيون کولي ويهندا آهن مگر جلال چاڊيو جڏهن به ڳائيندو هيو ته دل جا دفتر کولي ويهندو هيو، جنهن منجهان پريت جا پنا پئي پڙهندو هو هڪ ٻئي ٻويان ڪلامن جي برسات وسائيندو هيو، جلال چانڊيو جي آواز ۾ ٿوري ڏڪڻي، گرج ۽ تيزي هوندي هئي هڪ ڀيري جلال چانڊيو کان ڪنهن سوال ڪري پڇو ته سائين اوهان ايڏو تڪڙو ڇو ٿا ڳايو؟ جواب ۾ جلال الدين وراڻيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي گهر کي باهه لڳي ته ڇا هون هوريان هوريان باهه وسائڻ لاءِ ويندو ظاهر آهي ته هون ڀڃندو ۽ ڊڪندو ويندو، منهنجي اندر به عشق جي باهه لڳل آ جيڪا مون ۾ تيزي ۽ مستي پيدا ڪري ڇڏي ٿي. جلال چانڊيو انهن ڳائڻ منجهان هو جن جي مڃتا کي ڏسي ريڊيو پاڪستان کيس آواز رڪارڊ ڪرائڻ تي مجبور ٿي پيو، جنهن زماني ۾ جلال چانڊيو ريڊيو تي آيو هو ته ان وقت ريڊيو تي اچڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو هيو رڳو گويا، استاد، ڳائڻا ئي اچي سگهندا هيا پر جلال چانڊيو هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان تي جي پروڊيوسرن وٽ ڪيترا ئي ڀيرا ويس مگر نٽائي ڇڏيندا هيا ۽ چوندا هيا بابا وري ڪڏهن اچجائين پوءِ ريڊيو تي وڃڻ ئي چڏي ڏنم جلال چانڊيو انٽرويو ۾ وڌيڪ معيار ڏيندي ٻڌايو ته دل دل ۾ چيم ته جاتي ڪاٿي ٻاهر بر ٿر جلال چانڊيو هيئي مشهور ٿي ويو آهين سنڌ جي هر شهر واهڻ ڪيتريون ئي ڪيسيٽيون وڄن ٿيون ريڊيو وارن کي ڇو ايلاز ڪيون. ان ٽائيم غلام حسين شيخ پروڊيوسر حيدرآباد کان نواب شاهه پئي آيو ته روڊن رستن ۽ جنهن شهر مان پئي گذريو ته منهنجي ڪيسيٽ پئي وڳي رستي تي ڪافي ماڻهن کان پڇائي ته هي ڪهڙو فنڪار آهي ماڻهن ٻڌايس ته هي جلال چانڊيو آ، ۽ پوءِ نواب شاهه مان منهنجي ايڊريس وٺي خط لکيائين ته مشتر جلال چانڊيو مونسان حيدرآباد اسٽيشن تي ملي وڃ، مان ڪجهه ڏينهن بعد حيدرآباد اسٽيشن تي ويس پروڊيوسر غلام حسين شيخ سان دعا سلام ڪرڻ کان پوءِ پڇائين ته پهرئيان جلال چانڊيو ريڊيو تي ڇو نه پئي آئي ٻڏايو مانس ته ڪيترائي ڀيرا آيو هيس پر قبول ڪو نه پئي ٿيس، جلال چانڊيو 1980ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪلام رڪارڊ ڪرائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جنهن جا ٻول “ منهنجي دل اوهان سان الائي ڇو اڙي آ” جنهن جو شاعر محمد فقير هو، جلال چانڊيو شاعرن مان جن شاعرن جو ڪلام ڳايو انهن ۾ دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح، حضرت سچل سرمست رح، استاڊ بخاري، طالب الموليٰ، عبدالخالق عبد، غلام حيدر گجو، غلام حسين ڪليري، علي گل رند، راشد مورائي، دادن فقير، حمل فقير، محمد فقير کيٽاڻ، پيرل قمبر، انور قمبراڻي، علي حسن ٻٻر، مراد علي شاهه، عبدالغفور، ميهر فقير لند ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام کي سنڌي سرائکي، اردو، پنجابي ۽ براهوي ۾ ڳائي پاڻ نڀايو. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ سندس پهرين ڪيسيٽ پارس ڪمپني ڪڍي جنهن کي ريڊيو پاڪستان جي مشهور پروڊيوسر اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جهانگير قريشي پروڊيوس ڪيو ان ڪيسيٽ جو مشهور نغمو “ هل نه مٺو ايڌي لوڌ ڪري منهنجي جانب جان جلائي ٿو” تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ ان بعد کيس بيشمار ڪيسيٽيون به آيون، جن جو تعداد 10 کان 15 هزار ٻڌايو پيو وڃي. قداور جسم بت ڀريل ويڪري ۽ سهڻي چهري تي ڪارا نڀو ٿلها ۽ وڏا ڇهپر مٿي تي هيرن سان جڙيل سنڌي ٽوپي ۽ پوشاڪ ۾ ملبوس جلال چانڊيو جڏهن هٿ ۾ سنڌ جو قديم ساز يڪتاو ۽ ٻئي هٿ ۾ چپڙي کڻي اسٽيج تي ويهي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪندو هو ته ماڻهن سان گڏو گڏ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ به جهومندي محسوس ٿيندا هئا ۽ مٿان سندس پئيسن جي برسات پئي وسندي هئي، هن عوامي راڳي سنڌي فلمن ۾ به پڻ ڪلام رڪارڊ ڪرايا جن ۾ فلم جلال چانڊيو، فلم اميد ۽ فلم حيدر خان شامل آهن، جلال چانڊيو پاڪستان سنڌ جو واحد پهريو فنڪار آهي جنهن پنهنجي زندگي ۾ 1985ع ۾ شاهه اسد جي ٺهيل فلم جلال چانڊيو ۾ پنهنجو رول پاڻ ادا ڪيو ان فلم ۾ سندس ايوارڊ سان به نوازيو ويو، جلال چانڊيو کي سندس فني خدمتن عيوض انعام ۽ اعزاز پڻ مليا آهن جن ۾ سنڌ سرڪار عبدالحميد آخوند 1999 ع ۾ لطيف ايوارڊ ڏئي لطيف سائين جي 256 هين عرس مبارڪ تي نوازيو، عوام طرفان به سندس قدرداني ڪندي لاڙڪاڻي جي گوپانگ برادري پاران کيس سونو تاج پارايو ويو هو، جلال چانڊيو پٺيان اڄ تائيس سندس ڪيترائي فنڪار پنهنجا نالا تبديل ڪري سندس نالي پٺيان پاڻ کي ننڍو جلال، گرم جلال، سهڻو جلال، ۽ آخري جلال وغيره سڏائي سندس آواز جي نقل ڪري سندس ڳايل ڪافيون ۽ ڪلام ڳائي رهيا آهن، هن وقت سندس شاگردن مان ممتاز چانڊيو عرف آخري جلال جيڪو درگاهه شاهه گودڙيو لڳ فريدآباد تعلقه ميهڙ جو رهاڪو سندس شاگردن ۾ عوامي راڳي طور اڀري آيو آهي آخري جلال چانڊيو کي سندس جلال چانڊيو خدئي لقب سان نوازيو هيو ڇو جو جڏهن جلال چانڊيو گردن جي بيماري ۾ مبتلا ٿيو هو ته سندس شاگردن مان آخري جلال سندس بيماري ۾ سار سنڀال رکيو پئي آيو درگاهه سعيدي موساڻي لڳ راڌڻ اسٽيشن تي اٽڪل هڪ هفتو جلال چانڊيو سنڌ جو هي عوامي راڳي زيارتون ڪندو رهيو نيٺ بيماري بيوس ڪري ڇڏيس پاڻ کي هن عوامي راڳي ڪراچي سول هاسپيٽل S.I.U.T ۾ کڻائي پاڻ کي داخل ڪرايو آخري جلال چانڊيو پڻ مسلسل پنهنجي استاد جي خدمت ڪندو رهيو ان عيوض جلال چانڊيو سندس ڳانو ٻڌي ۽ چيائينس ته پٽ اڄ کان وٺي تون آخري جلال آهين. هي عظيم فنڪار پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽي شاديون ڪيون جن مان ٽي پٽ قلندر بخش چانڊيو، دلبر چانڊيو ۽ نادر چانڊيو ۽ هڪ نياڻي جي اولاد هيس، هن عظيم فنڪار مسلسل گردن جي بيماري جي ور چڙهي ويو سندس بيماري زندگي جو ساٿ نه ڏنو آخر ڪار 57 سالن جي ڄمار ۾ جلال چانڊيو 15 شوال 1422هه مطابق 10 جنوري 2001 اربع جي ڏينهن تي سول هاسپيٽل ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مڙهه مٿان پرستارن ۽ دوستن چار هزار کان مٿي اجرڪ رکيا، سندس موت جي خبر ڏيهي ميڊيا کان سواءِ بي بي سي اردو سروس تي به نشر ٿي سندس جي ياد ۾ هي ڪلام نشر ڪيا جن جا ٻول هيا “دل تي هٿ رک يار دل پئي دڙڪدي اي” “دل دل سا ملي ٿيو ڌماڪو” نشر ڪيو، سندس آخري آرام گاهه مورو شهر ڀرسان ڳوٺ جلال چانڊيو ۾ آهي جتي هر سال پرستار وڏي انگ ۾ گڏ ٿي سندس جي ياد ۾ ورسي ملهائيندا آهن.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو