بيت
(1)
ٿو چمان پنهنجا پير، جو وٺي تو وٽ آئيا،
طالب مولا تي ڪيئون، ڀلائي جا ڀيرَ،
اَوير ۽ سويرَ، قدمن تان قربان ٿيان.
(2)
ٿو پنهنجا پير چمان، جو وٺي تو وٽ آئيا،
طالب مولا طلب ۾، تن تان گهورَ ٿيان،
مران جي جيان، ته به قدمن تان قربان ٿيان.
(3)
قدمن تان قربان ٿيان، جو هليا وٽ حبيب،
هيرايان هٿن سان، قربائتي قريب،
نه ته ڪڏهن ڏسان هاڪينڪي، لالڻ يار لبيب،
طلب، ٿيان طبيب، جو پرينءَ وٽ پهچائيؤن.
(4)
پير گهڻئي پٿون ٿيا، ته به رسيا محبَ مڪان،
طالب مولا طلب ۾، کڻي سورن جا سامان،
هلي پهتا در حبيب جي، ڪمي ڪيائون ڪان،
اکين تي احسان، قدمن ڪيا ڪيترا.
(5)
هلي حبيبن وٽ جو، پيرن پهچايو،
تڪليفن تن کي، نه هرگز هٽايو،
پهتا در دلبر جي، ٿيو سانگ سجايو،
طالب مولا طلب جو، تن ناتو نڀايو،
اُت پيرن پڄايو، جت پڄڻ ڀيڻي ڪانه هئي.
(6)
دلبر گهڻو دور هو، اُت پڄايو پيرن،
جن رَندَ سڀيئي رت ڪيا، تن شابسون هجن،
ويچارن وَڙَ ڪيا، مون مٿي ميرن،
مڃيا احسان اُنِ جا، چاهه منهنجا چشمن،
سي چميو ۽ چمجن، طالب مولا طلب ۾.
(7)
اکيون به آهن اکيون، پر پيرن سان نه پڄن،
هو رُئن ٿيون رت ڦڙا، هي ڦٽجيو ٿا ڦٽجن،
هو بيوس آهن برهه ۾، هي هيجئون اٿيو هلن،
هو نهارين نجيب کي، هي تر نٿا ترسن،
هو اٻاڻڪيون عجيب لئه، هي رندن منجهه رُلن،
احسان ڪيا اکين تي، پرت منجهان پيرن،
طالب مولا طلب ۾، چميو چميو چمجن،
جهلئي نٿا جهلجن، هلندي پنهنجي حبيب ڏي.
(8)
هلندي حبيبن ڏي، رند نه ڏسن راهه،
هلن سڌا هيج مان، قرب مان ڪن ڪاهه،
اکين جي به انهن ۾، اميد ئي آهه،
پير جيڪي پٿون ٿيا، چمجن منجهان چاهه،
طالب مولا تن جي، سڪ جي ڇا ساراهه،
رسيا راتو واهه، هلي در دوست جي.
(9)
بلڪل اُتان نه ڀُليا، جڏنهن نينهن نيا،
پهتا در دوست جي، ڇوهؤن کڻي ڇيا،
طالب موليٰ طلب ۾، سڌيءَ واٽ ويا،
پٿون پير ٿيا، ته به ڦٽيل ڦريا ڪينڪي.
(10)
رويو رويو اکيون، اچو پيرن مٿي پون،
چميون تن کي چاهه مان، ڌوڙ سندن ٿيون ڌون،
اينهين اشارن ۾، چريون گونگيون چون،
ته هي سلامت هون، اسان سندا آسرا.
(11)
ڇونه چمان پنهنجا، هي پير پيارا،
رت وهائن راهه ۾، ويتر ويچارا،
احسان ڪن اکين تي، سوين سچارا،
طالب مولا طلب ۾، سونهن سڪ وارا،
هلن در دوست جي، سي بيحد ڀلارا،
سدا سوڀارا، تر ترسن ڪينڪي.
(12)
اکيون ته اکين سان مليو، وڃيو وصال به ڪن،
رئن ته عجيب اگهن ٿا، هر هر ساڻ هٿن،
لاڙيو لڙڪ لهوءَ جا، پرين سان پرچن،
پير ويندي پر ڏي، جتي به ڪانه وجهن،
ڦٽيل ويچارا فراق جا، صحت به نه سنڀرن،
هي مجروح ٿين محب لئه، ته به حڪيمن وٽ هلن،
طالب مولا تن کي، ڪيو ننگو نصيبن،
رحم نه آندو روح ۾، مٿن محبوبن،
سي چميو ڇو نه چمجن، جي ڪڇن پڇن ڪينڪي.
(13)
گونگيون اکيون آگميو، ٿيون پچن ۽ پڄرن،
لڪيو لڪيو لوڪ کان، راتو ڏينهن روئن،
آخر اچيو انهن کي، عجيب ٿا اگهن،
۽ پير سدائين پرت ۾، وٺيو رند رُلن،
راهون مڙيئي رت سان، ڳوليو، ڳاڙهيون ڪن،
ڪن احسان اکين تي، جو نرمل وٽ نين،
طالب، لاتو تن کي، هٿ نه حبيبن،
پيارن سپرين، ڪڏهن پير نه پڇيا.
(14)
پيرن ڪڏهن پرين جي، منزل ڪانه مٽي،
هلندي حبيبن ڏي، نه همت سندن هٽي،
راهه مڙئي رت سان، تن قرب مان ڪٽي،
ته به طالب پرت پٽي، ٻهڳڻ ٻڌن ڪانه ڪا.
(15)
جي اکيون پير هجن، ته پتو پوين، پنڌ جو،
ته اُگهاڙا عشق ۾، ڪئن ٿا سور سهن،
ڪئن ٿا ڦٽ فراق جا، چڪيو ۽ چڪن،
رت ٿين جي راهه ۾، ته به هيجئون پيا هلن،
ڪنجهن ڪرڪن ڪينڪي، توڙي پٿون ٿيو پون،
پهچن جڏهن پرين وٽ، ته به ڏوراپا نه ڏين،
طالب موليٰ طلب ۾، پڻ اها صحت سندن،
ڪڏهن ڏٺو ڪينڪي، هن ڏي حبيبن،
سنڀرن ڪڏهن ڪونه ڪو، ته ڪا پٽي ٻڌين پرين،
ته به رڙهيو رڙهيو رڙهن، حبيب جي حضور ڏي.
(16)
جي اکيون هجن پير، ته پتو پوين پنڌ جو،
جن کي اچي ڪانه ڪا، جُنبندي ڪڏهن جهير،
هڪجهڙي هنن لاءِ، ٿي اوير ۽ سوير،
ڪڏهن ڪن نه قريب سان، نينهن سندي نبير،
هلندي در دوست جي، شوق ۾ آهن شير،
طالب موليٰ تن جي، مٿان نه لٿي مير،
هر دم اٿن هير، هلڻ جي حبيب ڏي.
(17)
اکيون ته اونداهيءَ ۾، واٽ وڃايو وهن،
حڪم هلين ڪونه ڪو، ۽ وسان ٿيون وڃن،
گونگيون ڪن گهمسان ڪئين، پر ڪجهه ئي ڪين ڏسن،
لڙڪ گهڻئي لاڙين ٿيون، ڪارڻ قريبن،
پر پير ويندي پرين ڏي، بلڪل بس نه ڪن،
اوجهڙ ۾ عجيب لاءِ، ٿا لاکيڻا لوچن،
پهچن وڃيو پر وٽ، مُورهؤن ڪين مُڙن،
طالب موليٰ طلب ۾، ڪمال ڪيو قدمن،
انهن اڻموٽن، اکين تي احسان ڪيا.
(18)
ٿا پير پڄائين، هلي در دوست جي،
طالب موليٰ طلب ۾، ٿا قريب ڏي ڪاهين،
گونگيون اکيون انهن جا، ٿورا ڪيئن لاهين،
انهن تي آهين، رحمتون رحمان جون.
(19)
اکيون ته برابر گونگيون، پر ڏسيو ٿيون سگهن،
پير ويچارا پٿون ٿيل، ڏسن ۽ نه ٻڌن،
اکيون ته هنجون هاريو، ڪي ٻڌايو به ڏين،
پير پنهنجي درد جي، ڳالهه ڪٿي به نه ڪن،
اکيون ته آخر محب جي، اچڻ سان اُگهجن،
پير سدائين صبر ۾، سوين سور سهن،
طالب موليٰ تن، وڏا قرب ڪمائيا.
(20)
اکيون ته برابر گونگيون، پر زبانون ته اٿن،
هي بي زبانا برهه ۾، سختيون سڀ سهن،
هو اشارن سان عجيب وٽ، ڪجهه ته چيو ڏين،
هي سدا صبر شڪر ۾، ڦٽجيو ٿا ڦٽجن،
هو پرچيو نيٺ پرين سان، وڃيو چار ٿين،
هي هردم پنهنجي پر کان، پري ئي رهن،
هو پين مي محبت جي، ۽ ٿيو مست وتن،
هي هميشه هڪجهڙا، هجر منجهه هلن،
هو هر هر حبيبن سان، وڙهيو وريو پرچن،
هي طالب موليٰ ڪڏهن، راڻل سان نه رُسن،
ته به ڪرم ٿئي ڪونه ڪو مٿي مظلومن،
پرت وڏي پيرن، ڦٽجن ڦرن ڪينڪي.
(21)
اکين تي احسان ڪيئون، جو سهڙيا ساجن سينءَ،
رهبر ٿي رسيا، پنڌ ڪٽي هو ڪيئن،
طالب موليٰ تيئن ٿيو، جيءَ ٿي چيو جيئن،
پهتا وٽ پرينءَ، پيرن پڄاڻيون ڪيون.
(22)
پيرن پڄاڻيون ڪيون، جئن عاشق مست عليل،
پرين پيارن ڏي، ويا عشق منجهان اصيل،
رُليا ڪين راهه ۾، جئن رُلن ٿا رذيل،
قرب جا قتيل، پهتا در دوست جي.
(23)
پيرن پڄاڻيون ڪيون، ڦٽجي خوب ڦٽيا،
پرين پيارن ڏي، هلندي ڪونه هٽيا،
ويچارن ورهه ۾، سانگا سڀ سٽيا،
اکين روئي اُگهيا، لٽ ۾ جئن لٽيا،
گس ۾ ڪين گهٽيا، طالب موليٰ طلب ۾.
(24)
پيرن پڄاڻيون ڪيون، پاڙون پنڌ پٽيئون،
هلندي حبيبن ڏي، سڀئي سک سٽيئون،
ٿي زخمي پنهنجو پاڻ کي، لٽ ۾ خوب لٽيئون،
وڏا ور واٽن جا، ڪري قرب ڪٽيئون،
ڪڏهن جاني يار کان، جدا ڪونه جٽيئون،
وري در دوست جو، مورهون ڪين مٽيئون،
عجيب لاءِ اکين سان، رهي راند کٽيئون،
ڦٽي روز ڦٽيئون، تريون طالب پانهنجون.
(25)
پيرن پڄاڻيون ڪيون، جهلئي ڪين جهليا،
پنڌ ۾ جيئن پيا، ته ڪنهين ڪونه پليا،
اتي ويا هليا، جت طالب منزل محب جي.
(26)
پيرن پڄاڻيون ڪيون، اٿيو پنڌ پون،
اڻتڻ پنهنجي عجيب جي، اٺئي پهر اٿن،
طالب مولا طلب ري، سُڌ نه ٻي سمجهن،
جهل نه ڏني جڏن، ويٺا ڪڏهن نه واٽ تي.
(27)
اکيون سڪنديون ئي رهيون، سڪ ۾ روز سدا،
طالب موليٰ طلب ۾، ڪيا سبب خود خدا،
پر ڪيا قدمن حق ادا، هلڻ جا حبيب ڏي.
(28)
اکين ڪري عاجزيون، پيرن تي پيئي،
ڪيئون التجا انهن کي، ڏهه ڏهه چميون ڏيئي،
ته پڄايو پريت مان، نرمل وٽ نيئي،
سدا سڪون جن لئه، سڄڻ ڏسون سيئي،
طالب موليٰ تن کي، جانب مليا جيئي،
قربائتن ڪيئي، اکين تي احسان ڪيا.
(29)
ڊوڙي ڊوڙي پهتا، عجيب جي آستان،
پسايئون پرينءَ جا، مڙئي ماڳ مڪان،
ڏسي نور نرمل جو، ڪيائون اطمينان،
طالب، قدمن کي ڏنا، الله وڏا ايمان،
اهي سڀ احسان، اکين مڃيا انهن جا.
(30)
راهان ڪڏهن نه رهيا، هي قربائتا قدم،
ڪٿي کنيئون ڪينڪي، دلبر ڌاران دم،
لاٿئون سڀ اکين جا، جيڪي گوندر غم،
طالب موليٰ تن کي، هئا اندر منجهه الم،
ته به ڪيئون اهڙا ڪم، جو ڪنهن کان ٿيا ڪينڪي.
(31)
ڪيا ڪرم ڪريم پر، پير کڻي پريام،
پهچي در پرين جي، چاهه منجهان چميام،
دَزَ تنين جي تهدليؤن، لڱن سان لاتيام،
ميرا ٻيئي محبتي، چشمن تي چايام،
آئي جهير اکين کي، ته پرين خود پسيام،
ٿيس سرخرو سڄڻ وٽ، جو منهن سان ٻئي مليام،
لڙڪن سان لالن جي، ڌوڙ سڀئي ڌوتيام،
اکين سندي آب سان، چهڪ سندن چيٺيام،
مڙيئي مڃيام، طالب احسان انهن جا.