حُسن پرستي

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [justify]

    حسن لازوال آهي


    پرستي جي معنى آهي پوڄا ، بندگي ڪرڻ ۔ تابع ٿي رهڻ ان جو جيتريون معناؤ ڪڍجن اوتريون

    ٿوريون آهن اهڙي ريت اسانجي معاشري ۾ حسن جون معناؤن ڪيتريون ئي ورتيون وڃن ٿيون پر حسن جا

    حصا ٻه ليکيا يا سمجهيا وڃن ٿا ، هڪ ّظّاهري حُسن ۽ ٻيو باطني حُسن ۔

    ڪجھ ڏينهن پهريان منهجي بچپن جو مُحسن سائين جعفر شاه جيڪي بهترين شاعر، گائڪ ۽ منهنجي

    نگاھ ۾ بهترين سالڪ آهن
    ، ڪراچي ڪنهن ڪم سانگي سائين جن آيا ته ادا ممتاز وگهيو صاحب

    جن جي (بقول سلطان ڀٽي صاحب جي، الله انهن کي صحت ڏئي) آستاني تي اچي ترسيا، محفل ۾ ويٺا ها
    سون ته ڳالھ حسن جي آئي ته حُسن جي معنى ڇا ڪجي؟

    سائين جن وراڻيو ته حسن معنى سچُ، ڇو جو انکان سواء جي ڪا ٻي معنى ڪڍي وڃي ته انکي زوال آهي

    ۽ حُسن لازوال آهي ، جيئن حضورپاڪ صلعم جي ذات ڪائنات ۾ حسين ترين آهي انهن کان ڪائنات

    ۾ ڪو حسين ڪونهي يعني انهن کان وڌيڪ ڪو سچو ڪونهي ، باقي ڪنهن جي نياڻي ڏسي ان لاء

    چئجي ته ڏاڍي حسين آهي ته بي ادبي چئبي ۽ حسن جي تعريف سان بي ادبي ناهي ٿيندي پوءِ سائين

    پنهنجو هڪ شعر ٻڌايو،

    هڪ ڏينهن هڪ سنگتيءَ مونکي هينئن چيو ٿو يار وڻي تو وارو

    مون مُرڪي جواب ڏنومانس ، آهي خيال سُٺو تو وارو

    هر جاءِ جلوو آهي جانب جو ڪاٿي ڀورو آهي ته ڪاٿي ڪارو

    جعفر شاھ محبوب هِڪ ئي آهي پوءِ ڇا مون وا رو ڇا تو وارو

    هاڻي سچ پرستي ئي حُسن پرستي آهي جيڪو به حُسن پرست هوندو ٻين لفظن ۾ اهو سچار هوندو مونکي

    سالڪن ائين ئي سمجهايو،

    ڪجھ راز سلڻ جهڙا ناهن هوندا ڪاٿي نه چاهندي به زبان بند رهندي آهي بقول علامه اقبال جي

    عجب دستور هي تيري محفل مين زبان بندي ڪا

    ينهان تو بات ڪرني ڪو ترستي هي زبان ميري
    وسلام[/justify]
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: حُسن پرستي

    ادا ڏاڏل مولا اوهان کي آبار رکي سائين جن جا اسان خادم ۽ نوڪر پر يار حسن جي معني سچ ڪرڻ مهنجي ناقص نظر مطابق صحيح نه آهي ڇو ته صحيح آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه واآله وسلم جن کان وڌيڪ ڪو به سچو ناهي پر ان سچائي کي حسن جي معني ۾ وٺڻ مناسب نه آهي ۔۔۔۔۔۔۔
    ڇو ته حسن جي معني ان جي مضاف اليه جي مطابق ڪئي ويندي ۔ جيئن
    ڀلا جي ڪو ائين لفظ استعمال ڪري ته ڪرسي حسين آهي ته ان جي معني ڇا ٿيندي؟ ڪرسي سچي آهي ؟؟ يا ٻي ڪا؟؟ سو مهنجي خيال ۾ جنهن شي کي حسين يا حسن جي تريف ڪئي ويندي ان جي حسن جي معني به ان منسوب ۽ ان شي کي ڏسي ڪري ڪئي ويندي اوهان جي تعريف پهنجي جاء تي صحيح آهي پر اوهان جو اهو حصر ڪرڻ ته حسن جي اها ئي معني آهي اهو صحيح نه آهي ۔۔۔ وڌيڪ اسان جا بزرگ آهيو اسان جي تصحيح ضرور ڪندا
     
  3. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: حُسن پرستي

    واهه سائين واهه
    تمام بهترين۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: حُسن پرستي

    سونهن به صفت آهي ته سچ به صفت آهي ۔۔۔ پر ڪي صفتون ايتريون ته وسيع هونديون آهن جو اهي ڪيترن ئي صفتن کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏينديون آهن ۔۔۔

    انجو مثال ته اسين ڪنهن اهڙي ماڻهونءَ سان ملندا آهيون، جنهن جو اخلاق اتم هوندو آهي ۽ شخصيت جاذب هوندي آهي ۽ سورهيه ۽ سچار هوندو آهي ته ملائي جلائي اسين چوندا آهيون ته يار ماڻهون سهڻو آهي ۔۔۔ حالانڪ ظاهري حسن نه به هوندو آهي پر پوءِ به اسين ان کي سهڻن ماڻهن ۾ شمار ڪندا آهيون ۔۔۔۔ انجي سهڻن عملن جي ڪري ۔۔۔

    باقي بي جان شين سان ان صفت لڳائڻ سان اها بدلبي ناهي ۔۔۔ جيئن ادي عليءَ ڪرسيءَ لاءِ چيو آهي ۔۔۔ ڪرسي سهڻي آهي ته مطلب ڏسڻ جي سهڻي پوءِ اها مضبوط هجي يا نه ، پائدار هجي يا نه ۔۔۔

    الله تعالا جا 99 نالا صفاتي آهن پر انهن سڀين صفتن جي جمع آهي ”الله“، جڏهن اسين الله چونداسون ته مطلب اهي سڀ صفتون اچي وڃن ٿيون، انڪري ڪيتري حد تائين حسن يا سونهن واري صفت ايتري ته جامع آهي جو جڏهن انسان سان لڳندي آهي ته ڪيتريون ئي صفتون ظاهر ڪندي آهي ۔۔

    وڌيڪ سالڪ جيئن سمجهن ۔۔۔ ۽ سمجهائن
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: حُسن پرستي

    سائين ڏاڏل صاحب جن جي به ڳالھ ۾ وزن آهي۔۔۔پر ڳالھ جيڪا علي علي واري آهي ان سان مان متفق آهيان۔
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: حُسن پرستي







    سائين هٿ ادب جا ٻڌي عرض آهي
    ڪيتريون ئي شيون اسان جي معاشري ۾ غلط العام آهن جيئنجي اسان مرد جي حقيقي معنى وٺون ته شايد پڙهڻ توڙي ٻڌڻ وارا کلندا حضرت علي عه جو فرمانِ اطهر آهي ته مرد اهو آهي جيڪو پنهنجي خواهشاتِ نفس کي لغام ڏئي الله جي تابع بڻائي ۔
    سائين هاڻي ڇا ان صفت سان وابسته ڪا عورت هجي ۽ اسان ان کي مرد چؤن ته چا خيال آهي ماڻهون کلندا يا نه جڏهن ته صفت جي اعتبار کان هو بلڪل مرد آهي ۔
    حضرتِ علي عه جو ٻيو فرمان ته عقل اها شئي آهي جنهن سان خدا جي بندگي ڪئي ويندي آهي سامئين مان ڪنهن سوال ڪيو ته سائين هي جيڪي ماڻهون اوهان جا دُشمن ( فوجِ شام) ڇا انهن وٽ عقل ناهي ته پاڻ فرمائين ٿا نه انهن کوٽ عقل نه پر نُڪرو آهي جنهن جي معنى آهي عياري
    مڪاري چالاڪي دهوڪي بازي پر جي اسان اڄ اها ڳالھ ڪيون جڏنهن ته اسان وٽ ان ئي ماڻهون کي وڏي عقل وارو سمجهيو ويندو آهي جيڪو معاشري ۾ دولت ڪمائڻ جا وڏا ڍنگ ڄاڻندو هجي۔
    جيڪو پنهنجو سڀ ڪجھ الله جي راھ ۾ لٽائيندڙ هوندو آهي ان کي معاشري توڙي گهر وارا بيوقوف چوندا آهن ته گهڻيون شيون آهن جيڪي اسان جي معاشري ۾ غلط العام آهن جتي حقيقت پنهنجو مفهوم ۽ مقصد وڃائي ويهندي آهي
    اباقي معاشرو جنهن کي حسن سڏي ٿو اهو ته هر ڏينهن زوال پزير ٿيندو نظر ٿو اچي جي ڪُرسي حسين شهي ته ان کي زوال ايندو ، ۽ جي ڪُرسي ٺهيل غلط هجي ها ته اوهين يا ڏسندڙ ان کي سهڻو نه چوي ها اهو سچ ئي آهي جنهن کي ڏسي ڪري اسان ان جي تعريفَ ڪندا آهيون


    وسلام
     
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: حُسن پرستي




    سائين اختلاف براءِ اصلاح اسان کي قبول آهي ۔ اختلاف براءِ دل آزاري جا اسين مخالف آهيون ۔انسان جي زندھ هُجڻ جو ثبوت قوتِ اختلاف ئي آهي
    وسلام
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: حُسن پرستي



    ادا ڏاڏل اختلاف برائي اصلاح ئي آهي جي چئو ته اسان به ٻين وانگر واه واه ڪري هليا وينداسي اوهان جي هر پوسٽ ۾ اهڙي ڳاله نه آهي ۔ پر اسان چاهيون ٿا ته اسان جي اصلاح ٿئي ۔ باقي ادا اوهان جي انهن ڳالهين تي به ڪيترا اشڪال آهين پر مهنجي چوڻ جو قصد اهو هو ته

    ابا مهنجو مقصد اهو آهي ته هر شي جو حسن پهنجي اعتبار سان هوندو آهي صرف حسن جي تعريف سچ ڪرڻ اها صحيح نه آهي ۔۔۔ ها اهو چئي سگهو ٿا ته حسن جو هڪ فرد سچ آهي ڇو ته سچ به حسين آهي پر حسن سچ ۾ ئي سمايل آهي ٻي ڪنهن شي ۾ ناهي اها ڳاله مهنجي سمجه کان ٻآهر آهي ۔۔ بحرحال هر ڪه موصوف جو حسن ان جي مطابق هوندو آهي ۔۔۔۔۔ مهرباني
     
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: حُسن پرستي

    سائين طالبعلم کي حق ئي ڪونهي ته هو ناراض ٿئي ، خدا اسان تي اوهانجون علمي شفقتون دائم و قائم رکي
    حضرت علي عه جو فرمان آهي ( اهو ماڻهون اوهان جو دوست آهي جيڪو اوهان جي اصلاح ڪري )الله اوهان جي علم ۽ حلم ۾ اضافو فرمائي
    وسلام
     
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: حُسن پرستي

    ادا لاجواب شيئرنگ ڪئي اٿو

    حسن ته ڏسڻ جي اک ۾ هوندو آهي
    ان اک کانئي سڀ شروعات ٿئي ٿي


    ڏاڏل سائين هي لفط ڪيترا نه خوبصورت آهن

    ۽ حُسن لازوال آهي ، جيئن حضورپاڪ صلعم جي ذات ڪائنات ۾ حسين ترين آهي انهن کان ڪائنات

    ۾ ڪو حسين ڪونهي يعني انهن کان وڌيڪ ڪو سچو ڪونهي ، باقي ڪنهن جي نياڻي ڏسي ان لاء

    چئجي ته ڏاڍي حسين آهي ته بي ادبي چئبي ۽ حسن جي تعريف سان بي ادبي ناهي ٿيندي پوءِ سائين


    الله تعالي اسان سڀني کي سمجهه عطا فرمائي
    تمام سٺي شيئرنگ ڪئي اٿو
     
  11. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: حُسن پرستي

    مون تي اوهان مڙني جا احسان سڄڻ، هڪ اک ّظاهري هوندي آهي ۽ ٻي اک باطني هوندي آهي دُ عا ڪيو ته مونجهڙن نباڳن جي باطني اک کُلي پوي علامه اقبال جو شعر آهي ته
    ظاهر ڪي آنکھ سي تماشه نه ڪري ڪوئي
    هوديک نا تو ديدهءِ دل واه ڪري ڪوئي
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو