22 جولائي 1982 تي پئدائش کان پوئي بابا جي سعودي عرب ۾ نوڪري هجڻ ڪري پهريان 9 سال مڪه مڪرمه ۾ گذريا۔ 4 ڪلاس تائين تعليم جده ۾ پاڪستاني ايمبيسي ا سڪول ۾ حاصل ڪئي جتي سنڌ جي رائج الوقت نصاب موجب تعليم ڏني ويندي هئي۔ ان کان پوئي فيملي سنڌ شفٽ ٿي۔ مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي ۾ حاصل ڪئي جيڪو ضلي بدين سان تعلق ٿو رکي۔ انٽر آرمي پبلڪ اسڪول ۽ ڪالج بدين مان ڪيو ۽ تنهن کان پوئي سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر آف سائنس ڪيميسٽري ۾ ڪئي۔ ان کان پوئي ايم فل ڪيميسٽري ۾ ڪئي ۽ هن وقت پي ايڇ ڊي ڪري ورتي آهي ائنالائٽيڪل ڪئمسٽري (تجزياتي ڪئمسٽري) ۾ ٻوٽن جي طبعي اهميت وارن ماليڪيولس جي پروڙ تي۔ هيستائين سائنس جي شعبي ۾ 9 تحقيقي پيپر انٽرنيشنل جرنلس ۾ ڇپجي چڪا آهن جڏنهن ته 5 زير طبع آهن۔ هن وقت نوڪري پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ اينڊ اندسٽريل ريسرچ (پي سي ايس آء آر ) ۾ سائنٽيفڪ آفيسر طور آهي۔ رهائش ڪراچي ۾ سنڌين جي تاريخي ڳوٺ ۽ سنڌ جي دِل سچل ڳوٺ ۾ آهي۔ ٽي سال بعد تعارف کي اڄ ٽِن سالن کان پوءِ اپڊيٽ ڪندي پنهنجي تحريرن کي هتي سهيڙيان ٿو۔ #عنوان سيڪشنتصويرون 1يونس ملڪاڻي هڪ نه ٽُٽندڙ ارادن جو ٻيو نالوٿورا مه ٿورا 2ٻي شادي بابت مونجهارا!قانوني صلاح مشورا 3ملڪاڻي شريف ۾ برسات بعد آيل ٻوڏحالاتِ حاضره 4ڪراچي جي موجوڊه حالتن کي ڀيٽا! (منهنجي شاعري)حالاتِ حاضره 5منهنجو ڳوٺ ملڪاڻي-بدينحالاتِ حاضره 6موبائيل اسڪريچ ڪارڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۽ اسان جي صحت!صحت سرير جي 7ايئر بليو جو حادثو، بريڪنگ نيوز جو فيشن ۽ ڪي ٽي اين ڪاوش گروپ!خبرون منهنجي سِنڌ جون 8سليمان وساڻ جي شادي جي وليمي جو احوال!ٿورا مهَ ٿورا مون تي ماروئڙن جا 9انڊو گرم ڪرڻ تي پگهرڻ بجاءِ ڄمي ڇو ٿو؟ 10دنيا جون مختلف هوائي جهاز ڪمپنينون ۽ انهن جون خوبصورت ايئر هوسٽس!کِل ڀوڳ 11ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!خبرون منهنجي سِنڌ جون 12منهنجو ڳوٺ! 2011 واري ٻوڏ کان پوءِسنڌ جون وسنديون 13پراڻيون ڪهاڻيون نئين دور مطابق!کِل ڀوڳ 14سنڌ سلامت گڏجاڻيٿورا مه ٿورا مون تي ماروئڙن جا 15سچل ڳوٺ، ڪراچي ۾ تعليم تي ليڪچر پروگرام ۽ تعليم جو حال!اکر پڙهه الف جو 16يونس ملڪاڻي جي ادبي ڪيرئير جي پهرين تحرير (ڪهاڻي)مختصر پر سبق آموز 17الطاف شيخ جي سڀني ڪتابن جا لنڪ!متفرقه سنڌي ڪتاب 18ڇي ڇٽي يا شي شٽي؟کِل ڀوڳ 19ڪامريڊ شفيع جو حسنين مرزا لاءِ ٺهيل پينا فليڪس!کِل ڀوڳ 20 اسان سنڌين جو ڪم هاڻي يورپ وارا پسند ۽ استعمال ڪرڻ لڳا آهن! مختلف موضوعتصوير 21واهه چاچا ڪريمٿورا مه ٿورا مون تي ماروئڙن جا 22آسٽريا: اسلام هڪ سؤ سالن کان تسيلم ٿيل مذهباسلام زنده آباد 23ويندڙ حڪومت ۽ ايندڙ نوڪريونکِل ڀوڳ 24سُهڻن جي ساک!شاعري 25ايڪسپو ڪراچي ۾ ٿيل اٺين بين الاقوامي ڪتابي نمائشسنڌي ادب 26الطاف شيخ سان ملاقات ۽ سنگاپور جون پليٽون!سنڌي شخصيتون 27هو ۽ آئون ڇا ٿا سوچيون؟راءِ شُماري 28وات جي ڌپ: مسئلو، ڪارڻ ۽ حلصحت سرير جي 29علم حاصل ڪرڻ لاءِ چين وڃڻو پوي ته به وڃو۔ (اسڪالرشپس)اکر پڙهه الف جو 30منهنجي 16 سال اڳ لکيل هڪ تحريرسنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا 31سيٽلائيٽ اميجز جا نوان ۽ حيران ڪندڙ استعمالآئي ٽي بابت تازيون خبرون 32اڄوڪي دور جون جڳ مشهور عورت اديبائونمختلف موضوع 33عرب مُلڪن جا ڀلا روڊ ۽ اُٺدلچسپ ۽ عجيب 34سنڌ سلامت سروي (ڏهه سوالن جا مختلف جواب)راءِ شُماري 35سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام- جتي سنڌ گڏجي ٿيٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا 36جي آر اي GRE ٽيسٽ ڇو ضروري آهي؟ (ڪاوش مڊويڪ ۾ ڇپيل) 37رحمت الله ماڃوٺي جو ناول ”ڳولا“ڪتابن تي تبصرو 38موبائيل فون جي وَبا ۾ وڪوڙيل ڇوڪريونحالاتِ حاضره 39رشتن ناتن بابت چيني سيلز گرل جا دليلامنِ عالم 40سچل ڳوٺ کان رني ڪوٽ جي سير جو احوال!سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام 41کير ٿر جي جبلن ۾ هڪ شاممختلف موضوع 42تُرڪي جي شهر ترابزون لڳ تاريخي خانقاهه ”سُميلا موناسٽري” مختلف موضوع 43ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جو پٽيوالو “باريش“ مختلف موضوع 44تُرڪي جي ماڻهن لاءِ سنڌي کاڌو “گجرن جو حلوو“ مختلف موضوع منهنجيون لکيل ڪهاڻيون[/SIZE] #عنوان سيڪشنتصويرون 1ايئر هوسٽسڪهاڻيون 2ڪامريڊ جوشيلو سنڌي!ڪهاڻيون 3ويلڻ ڏائڻ ڊيڪهاڻيون 4سماجي ڄارڪهاڻيون 5مهرو ۽ ميرو ڪهاڻيڪهاڻيون 6ري ڪورنگ اُميدوار (اليڪشن ڪهاڻي نمبر 1 )ڪهاڻيون 7ايوانن جا آسائتا ۽ لاحئه عمل کان عاري منشور (اليڪشن ڪهاڻي نمبر 2)ڪهاڻيون
جواب: تعارف سائين حفيظ لغاريء کي ڀليڪار اوهان جو خوبصورت تعارف پڙهيوسين۔ سنڌ سلامت کي اهڙن ئي دوستن جي ضرورت آهي۔ اوهان جون خدمتتون سچل ڳوٺ ۾ به گهڻيون رهيون آهن۔ تعليم جي طرف اوهان جو لاڙو ۽ اوهان جون صلاحون سدائين ڪم اينديون آهن۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف [justify]مڪو، بدين ۽ سچل ڳوٺ سان جيڪو ٽڪنڊو ٺهي ٿو ۔۔۔ ان ئي ٽڪندي تي منهنجي حياتي جي گاڏي پڻ ڊوڙندي رهي آهي ۔۔۔ انڪري ائين چئجي ته دير يا سوير اسين پڻ هڪ ئي ٽڪندي تي ڊوڙڻ وارا ساٿي آهيون ۔۔۔ آ سنڌ سلامت جي سنڌ دوست اوطاق تي پنهنجي ساٿي دوست لغاري کي ڀليڪار چوندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، ائين ڄڻ ڪنهن پراڻي وڇڙيل دوست سان مليو هجان ۔۔۔ هڪ ئي راهه جي راهي کي ڊوڙ پائي اچي پهتو هجان ۔۔۔ محترم سليمان وساڻ اوهانکي سنڌ سلامت بابت ته سڀ ٻڌايو هوندو ۽ باقي اوهان پاڻ پنهنجي ڪيميا سان اسانجي هن اڱڻ تي ڦيرا ڪري اسانجو مان مٿاهون ڪندا رهندا ۔۔۔ اوهانجي تعليمي ڄاڻ ۽ ڪيميا ۾ طبابت جي تعليم جو ٻڌي ائين چوڻ تي دل ٿي چوي ته ڌارين کي رڙيون ڪري اوهانجو ڏس ڏيان ته ڏسو اسانجا سنڌي به ڏاها آهن ۽ اسانجا سنڌي محترم قابل آهن ۽ پنهنجي علم ۽ ڏاهپ سان قوم جي سينڌ سنواري رهيا آهن ۔۔۔ محترم دوست اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن ۽ اميد ٿا ڪريون ته اوهان پنهنجي علم، عقل ۽ ڏاهپ سان سنڌ جو مان مٿاهون ڪندا ۽ سنڌ ۽ سنڌيت جي ميدان ۾ ڪاميابي جا علم ڄمائيندا ۔۔۔ فخر آهي اسانکي جو هن اڱڻ تي اوهان جهڙو دوست ڪهي آيو آهي ۔۔۔ اميد آهي ته ڀيرو نه ڀڃندا ۽ اسانجي هن اڱڻ کي پنهنجي علم سان روشن ڪندا رهندا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: تعارف ادا عبدالحفيظ لغاريء کي سنڌ سلامت جي سهڻي اوطاق جو ميمبر ٿيڻ تي دلي ڀليڪار آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾؛ پَسِي پَهَرَ پُنهونءَ جِي، نَنهَن سِيئن نيڻَ ٺَرِيامِ؛ گُوندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون [JUSTIFY]عبدالحفيظ لغاري سنڌ جي انهن نوجوان لکيل پڙهيل دوستن مان هڪ آهي جن پنهنجي تعليم ۽ تحقيق ذريعي سنڌ ۽ سنڌين جو مان مٿاهون ڪيو آهي۔ سندن هڪ ٻي خوبي اها آهي جو پاڻ تعليمي ۽ سماجي کيتر ۾ به دوستن سان گڏ آهن۔ پاڻ انهن ماڻهن مان آهن جيڪي تنقيد براء اصلاح تي يقين رکن ٿا ۽ هڪ صحتمند بحث جا حامي آهن۔ اسان سان هميشه ساٿ ۾ گڏ رهندڙ حفيظ سنڌ سلامت جو ميمبر ته گهڻو اڳ ئي ٿيو هو پر اڄ هن باضابطه ليک لکي شروعات ڪئي آهي۔ سندس لک ٿورا جو اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيو آهي۔ اسين اميد ڪنداسون ته پاڻ سهڻا ليک اسان سان وند ڪندو رهندو۔ هڪ دفعو ٻيهر کيس ڀليڪار [/JUSTIFY]
جواب: تعارف ادا سليمان صاحب، مرتضا صاحب ۽ خاص طور ابڙو صاحب! اوهان جا وڏا وڙ۔۔۔۔عزت افزائي لئي ٿورا۔ سنڌ سلامت ته ساٿ به سلامت۔
جواب: تعارف ادا ڀلي ڪري آيا (جده ۾ پاڪستاني ايمبيسي ا سڪول) جي ذڪر ڪري اوهان اسان کي ماضي ڏانهن وٺي ويا ۔ بندي جي خود پيدائش جده سعودي عرب جي آهي ۽ مون پاڻ به هن ئي اسڪول ۾ چار سال تعليم حاصل ڪئي آهي۔سو عجيب اتفاق ٿي پيو آهي۔ خير الله تعالى اوهان کي خوش رکي ۽ اميد ڪجي ٿي ته هن فورم تي اوهان جي قيمتي مضمونن مان لاڀ حاصل ڪنداسين
جواب: تعارف ڀاءُ هن محبتي اڱڻ تي اوهان کي دل سان ڀليڪار چئون ٿا۔ هي اوهان جي ئي اطاق آهي، هت اوهان جهڙن لائق دوستن جو ئي انتظار رهندو آهي۔ بهرحال انشاء الله گڏجي سنڌ لاءِ، سنڌي قوم لاءِ، سنڌي زبان لاءِ، سنڌ جي مستقبل لاءِ ڪم ڪنداسين، محترم اوهان جي انيڪ لکڻين جو انتظار رهندو۔ سائين وري به جي آيا۔@};-@};-
جواب: تعارف علم جي ترويج توڙي تحقيق تي پاڻ پتوڙيندڙ سائنسي علم جي عالِم کي اسان جي طرفان دلي واڌايون وسلام
جواب: تعارف ادا توهانکي هن محبتي اڱڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا اميد توهان پنهنجي ناليج مان اسان جي علم ۾ اضافو ڪندا توهان جهڙا قابل دوستن کي فخر محسوس ڪندا آهيون اسان جي نوجوانن سنڌين دوستن کي توهان کي ڏسي ڪري توهان وانگر ٿيڻ جي الله تعالي توفيق ڏئي آمين۔
جواب: تعارف ادا عبدالحفيظ لغاريء کي سنڌ سلامت جي سائيبر اوطاق جو ميمبر ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار
جواب: تعارف ڀليڪار ڀليڪار ادا توهان کي هن ڪکائين اوطاق تي ڀليڪار منهنجي بدين شهر ، لاڙ جي ماڻهن کي هن اوطاق تي ڏسي دل خوش ٿي وئي مهربانيون سائين لک ٿورا
اوهان جي بلاگ جي ذريعي هن موضوع تي پهتس.. يار ڇا ته بهترين انداز سان پنهنجو تعارف پيش ڪيو اٿوَ. اصل دل ٺري پئي...
آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾؛ پَسِي پَهَرَ پُنهونءَ جِي، نَنهَن سِيئن نيڻَ ٺَرِيامِ؛ گُوندَرَ وِسِريامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون تمام سهڻي نموني پنهنجو تعارف ڪرايو سائين اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀلڪار چئون ٿا