سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ سڀاڳو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي سنڌ سلامت جي سرواڻ ، سنڌ ۽ هند جي لاڏلي شاعر ، اسان جي رهبر ۽ ڇپر ڇانو ، مددگار ، جاکوڙي ، جفاڪشي دوست، پوڙهي شينهن (بقول امين سمون جي ) ۽ نفيس انسان سائين نثار احمد ناز جو جنم ڏينهن آهي۔ اسان سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران کين جنم ڏينهن جون واڌايون پيا ڏيون۔

    پنهنجي پاران ۽ ساري سنڌ سلامت سٿ پاران دعا آهي ته رب پاڪ کين هميشه خوش رکي ، مسڪرائيندا رهن ، دوستن جي مدد ڪندا رهن ، اسان جي رهنمائي ڪندا رهن ۽ زندگيء جون اڻ کٽ بهارون ماڻن، شاعريء جون ڪيئي تخليقون خلقين ۽ بهترين ڪويتائون اسان سان ونڊ ڪندا رهن

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جنوري 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    مانواري نثار احمد ناز سمون کي منهنجي طرفان به جنم ڏينهن جون لک لک واڌارون شال همشه شاد آباد هجو آمين
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    [justify]نثار ناز سنڌي ادب جو غواص آهي جيڪو سنڌ جي سمنڊ ۾ غوطا هڻي ماڻڪ ميڙي اچي اسانجي سامهون رکندو آهي، نثار ناز ڏاهو شاعر، سماجي رڪن، اداڪار ۽ گهڻين خوبين سان سنواريل آهي، دوستي رکڻ ۽ نڀائڻ جو ڪوڏيو ۽ حساس ايترو جو ڏک جو ڪو ننڍڙو جهوٽو به ماروئڙن تي گذرندو ته سيسڙاٽ نثار ناز جي جسم تي ٿيندا آهن ۽ قلم کڻي ان ڏک تي ڪاهون ڪندو آهي ۽ پنهنجي فڪر سان انکي نوائي نيچ ڪندو آهي ۔۔۔

    پاڻ کي جهونو چوندو آهي جڏهن ته ماشاء الله اڃان گهڻن کان گهڻو آهي، پاڻ کي ٽين درجي جو شاعر چوندو آهي جڏهن ته سندس شاعري گهڻن کان گهڻي آهي ۔۔۔

    شاه جي زباني نثار ناز مان بو بهار جي ايندي آهي ۔۔۔

    رب العالمين کيس صحتمند، تازو توانو ۽ سنڌ جي آجپي واري ويڙهه جي سرواڻن ۾ اوچي مقام تي رکي ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين جن جي جنم ڏينهن جي خبر ته ڪل ئي پئي هئي، پر ڪجھ ڪم هجڻ جي ڪري سائين جن کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏئي ڪون سگهياسين۔
    اڄ صبح جيئن ئي فيس بوڪ تي آن لائين ٿيس ته محترم سليمان وساڻ صاحب جي ٽيگ ڪيل تصوير مطلب ته سائين نثار جن جو جنم ڪارڊ تي نظر پئي۔
    مان به جلدي ۾ پنهنجا اوزار تکا ڪيا سائين جن جي لا خالص پنهنجي هٿن جي محنت شروع ڪيم۔
    سو سائين جن کي اسان مسڪينن طرفان به جنم ڏينهن جو لک لک واڌايون۔۔۔۔۔دعائون۔

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    استاد سائين! کي پيرن ٿي هٿ۔۔۔

    مون مولائي پاران به سائين جن کي هن ڀلاڙي ڏينهن جون لک لک واڌايون قبول پون۔۔۔۔

    شايد مُنهنجي لا ان خوشي جي ڪا حد ڪونهي جو سائين ۽ مان هڪ ئي مهيني ۾ پڌاريا مُنهنجو مطلب هن جهان ۾ اکيون کوليون آهن۔۔۔۔

    سائين جن جي لا هڪ ننڍڙو تحفو۔۔۔۔
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    فقير طرفان به سائين نثار احمد ناز صاحب کي دل جي گهرائين سان مبارڪون هجن سائين جيئن ابڙو صاحب چئي چڪو آهي ته
    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سنڌ سلامت فورم جي صورت ۾ صدقه جاريه کي وجود ڏيندڙ سائين نثار ناز کي جنم ڏينهن جو واڌايون، الله سائين کيس وڌ کان وڌيڪ سنڌ، سنڌي قوم۔ سنڌي زبان جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس ڪوششن کي قبول فرمائي۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين جن کي مون طرفان به جنم ڏينهن جو وڌايون قبول هجن الله تعالي کان دعا آهي ته هميشه الله تعالي توهان کي پنهجي گهر وارن سان خوش رکي سدا آباد رکي آمين۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    اڙي همون! ايڏا ڏينهن ڪٿي هئين ڌيجان۔۔۔۔۔۔

    باقي ير فوٽو ته واهه جو ٺوڪيو اٿي۔۔۔ ۔۽ ير ان فوٽو ۾ ايئن ڇو ٿو لڳي ته تُنهنجي ڪنڌ ۾ ڪِلي اٽڪيل آهي۔۔۔

    باقي الله شل اڃا نوجوان ڪري توکي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ها رنجيت يار بس ڪو ماڻهو هو سامهون انجڪري ڪنڌ ۾ ڪلي لڳي وئي يار بس دعا ڪر وار رهجي وڃن۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    [justify]محترم محمد سليمان وساڻ جا قرب جو مون کي منهنجي جنم ڏينهن جي موقعي تي تمام قربائتي نموني سان واڌايون ڏنائين ، هي دور ايڏو ته نفسانفسي جو دور آهي جو ڪير به ڪنهنکي ياد ڪونه ٿو رکي جتي سڳا رشتا پنهنجي رشتيداري کي نڀائي نه سگهن اتي ادا محمد سليمان وساڻ پنهنجا پيار مون مٿان نڇاور ڪري نهايت ئي منفرد نموني مونکي برٿ ڊي وش ڪئي مونکي خوشين جا خزانه مهيا ڪيا اٿس ۔ الله سائين کان دُعا آهي ته شل محمد سليمان وساڻ سدائين محبتون ائين ئي ورهائيندو رهي، دنيا ۾ ٻه شيون اهڙيون آهن جيڪي ورهائڻ سان ڪڏهن به ختم ڪونه ٿينديون آهن هڪڙو پيار ۽ هڪڙو علم منهنجي سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي اهي ٻئي ڪم نهايت ئي خوش اسلوبي سان ڪري رهيا آهن ۔ خير مُبارڪون ادا وساڻ۔[/justify]
     
  12. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    دير ئي صحيح پر پهتا سي ته صحيح۔۔۔۔
    سائين جن کي جنم ڏينهن مبارڪون۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ادا نثار ناز کي منهنجي ۽ بدين واسين جي طرف کان جنم ڏينهن مبارڪ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ سلامت جي هردل عزيز ۽ هر تحرير تي نظر رکندڙ سان گڏ هر تحرير جو جواب ڏيندڙ شخص محترم جناب سائين ابڙي صاحب شاه صاحب جي هڪ ونڊ ڪيل مضمون جي جواب ۾ سمن لاء هي الفاظ لکيا هئا جيڪي مون کي پسند آيا ۽ اهي الفاظ هت ونڊ ڪجن ٿا ( سمن جي سرداري ۾ ڪيترائي سورهيه، نيڪ ۽ سخي سردار پئدا ٿيا، جن سنڌ جي تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجو اوچو مقام ڇڏيو آهي ) سنڌ سلامت جا ساٿيو سمن کي ته سنڌ جي عظيم شاعر ۽ مفڪر حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي رح پڻ ڳايو آهي۔ ۽ سمن سنڌ لاء پاڻ پتوڙڻ جو مثال پاڻ قائم ڪيو آهي، سو سنڌ سلامت جا ساٿيو هي اسان جو دوست محترم نثار احمد ناز به ته سنڌ جو سمون آهي ۽ مان هن سنڌ جي موجوده سمون۔۔۔۔۔۔
    محترم سائين نثار احمد ناز کي اسان طرفان به دل جي گهراين سان جنم ڏينهن جون وڌ ۾ وڌ مبارڪون قبول پون، ۽ دعا آهي ته شل رب پاۡڪ محترم سائين نثار احمد ناز سمون صاحب کي صحت سان گڏ عمر دراز عطاء ڪري ته جيئن سندن سايو سنڌ ۽ سنڌ سلامت جي فورم قائم ۽ دائم رهي۔
    نثار احمد ناز صاحب هڪ بهترين شاعر سان گڏ، بهترين ليکڪ ۽ جاکوڙي رپورٽر پڻ آهن پاڻ عمر هن حصي ۾ به سنڌ سلامت جي سونهن وڌائڻ لاء هميشه ڊوڙندا ره ٿا جيڪا ڳالهه ناز صاحب جي سنڌ ۽ سنڌ سلامت جي فورم جي محبت کي ظاهر ڪري ٿي، نثار احمد ناز جا ڪيترائي مضمون مون پاڻ پڙهيا آهن ۽ ڪيترا مضمون ته هنن ايڊٽ ۽ ڪمپوز پڻ ڪيا آهن۔ سندس شاعري هندستان ۾ سنڌي جي سڀ کان وڏي فنڪاره محترمه ڪوشي لالواڻي ڳائي آهي۔محترمه ڪوشي لالواڻي نثار ناز صاحب جو هي گيت هندستان ۾ ڳايو آهي۔ جنهن کي توهان هيٺ وڊيو ۾ پڻ ڏسي سگهو ٿا،

    [​IMG]


    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جنوري 2014
  15. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين نثار احمد ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    سائين جن کي اسان جي طرفان به جنم ڏينهن تي مبارڪباد .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عابد بلوچ

    عابد بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايل ايل بي.
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اڄ خوبصورت شاعر ۽ اسان جي رهنما سائين نثار احمد ناز جو جنم ڏينهن آهي ۽ ٻيڻي خوشي ان ڪري به ٿئي پئي جو اڄ ئي سندن شاعريء جو پهريون ڪتاب توسان ڪهڙيون ريسون پڻ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي۔

    نثار احمد ناز جي شاعريء جو ڪتاب ”توسان ڪهڙيون ريسون“ شاعري جي کيتر ۾ هڪ سٺو اضافو ٿيندو. نثار احمد ناز هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ نوجوان شاعرن لاء رهنمائي جو سبب به بڻبو رهيو آهي. علمي ادبي کيتر ۾ سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ ،ينگ رائيٽرس فورم سنڌ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سميت سوشل ميڊيا فيس بُڪ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس ڪاوشون اسان سڀني جي سامهون آهن. نثار احمد ناز هڪ اڻٿڪ محنت جو نالو آهي، جنهن بغير ڪنهن سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئي جانفشاني ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. سندس شاعري گهڻي عرصي کان سنڌ سلامت تي پڙهندو پيو اچان پر انتظار هيو سندس ڪتاب جو. نثار ناز هڪ محبتي ماڻهو آهي ۽ جڏهن به ٽنڊي محمد خان وڃڻ ٿيندو آهي ته هن سان ملاقات جو موقع ضايع ڪرڻ کي گناهه سمجهندو آهيان، جيڪڏهن ملاقات نه به ٿئي ته فون تي عليڪ سليڪ ضرور ٿيندي آهي. سنڌ سلامت جو سرپرست هجڻ جي ناتي هُن سان اڪثر صلاح مشورا ٿيندا رهندا آهن ۽ پاڻ اسان اڻڄاڻن ۽ سيکڙاٽن جي هر وقت رهنمائي ڪندو رهندو آهي. نثار ناز اسان لاءِ ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هو سنڌ جي هر شاعر، اديب ۽ ليکڪ سان گڏ سنڌ جي گهڻ گهرن جي دلي عزت ڪندي انهن کي ڀيٽا پيش ڪندو رهي ٿو، جيڪو هڪ نئون مثال آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سهڻي طبيعت ۽ صورت جي مالڪ، پيار ڀري شاعريءَ سان سنڌ سلامت توڙي فيسبوڪ تي سنڌيت جا رنگ رچيندڙ سائين سنڌ سلامت جي سرپرستِ اعلى سائين نثار ناز کي جنم ڏينهن جون واڌايون هجن۔۔۔۔
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نثار احمد ناز، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ سليمان وساڻ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو