فيس بوڪ دوستن کي پاڻ مرادو سالگره مبارڪ جو پيغام موڪليو۔۔۔

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڪالهه 12 جنوري هئي ۽ ان ڏينهن محترم نثار احمد ناز جن جي 50 هين سالگره هئي۔۔۔۔ هوئن ته فورم جي رڪنن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو آهي هاڻي اهو 1000 جي حد پڻ عبور ڪري چڪو آهي ۔۔۔۔ ان هوندي به فورم کي ان قابل بڻايو ويو آهي ته ڪنهن به رڪن جي سالگره تي کيس مبارڪ باد جي اي ميل پاڻ مرادو موڪلي وڃي۔۔۔ نه صرف ايترو بلڪه سندس سالگره جي آگاهي ٻين دوستن کي پڻ ڏني وڃي ۔۔۔ پر فيس بوڪ تي توهان سان منسلڪ سَوَن جي تعداد ۾ موجود دوستن کي جڏهن سندن سالگره جي مبارڪ نه ڏيندو ته ٿي سگهي ٿو توهان جو دوست ڏک ڪري ته باقي سمورن دوستن ته سالگره وِش ڪئي پر توهان کيس مبارڪباد جو پيغام نه موڪليو۔۔۔ ساڳي صورتحال توهان سان به پيش اچي سگهي ٿي ته پنهنجي پياري دوست کي توهان سالگره جي مبارڪ باد نه ڏني۔۔۔
    هاڻي سَون دوستن جي سالگره جي تاريخ ياد رکڻ به ڏکيو عمل آهي ۔۔۔ پر مان توهان لاءِ اهو سمورو عمل آسان بنائڻ آيو آهيان جو سائين نثار ناز کي سنڌ سلامت فورم تان ته سالگره مبارڪباد ۽ ڀيٽا ڏنم پر فيس بوڪ تان نه ڏئي سگهيس۔۔
    هي آهي Birthday reminder ايپليڪيشن جتي وڃي توهان پنهنجي دوستن ڏانهن پاڻمرادو پيغام موڪلڻ سيٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔

    [​IMG]

    هتي ڊيفالٽ طور هڪ پيغام اڳ ئي سيٽ ٿيل هوندو آهي جنهن ۾ يوٽيوب وڊيو پڻ شامل هوندي آهي۔۔۔ جيڪڏهن توهان پيغام ۾ تبديلي آڻڻ چاهيو يا پيغام سنڌي ۾ موڪلڻ چاهيو ته اڳي موجود پيغام کي ايڊٽ ڪندي پنهنجي لفظن سان پيغام سهيڙي سگهو ٿا بس ياد رهي ته دوست کي مخاطب ڪرڻ لاءِ انگريزي جي لفظن FIRST_NAME کي تبديل نه ڪجو۔۔۔ ان کان سواءِ چاهيو ته ڊيفالٽ وڊيو کي پنهنجي پسند جي وڊيو ۾ تبديل ڪيو يا وري وڊيو شامل نه ڪرڻ جو اختيار سليڪٽ ڪريو۔۔۔ ۽ پيغام کي سيٽ ڪري ڇڏيو۔۔۔۔

    [​IMG]

    هن ايپليڪيشن کي استعمال ڪندي يقينن توهان پنهنجي هر ان دوست کي سالگره مبارڪ ڏئي سگهو ٿا جيڪي توهان جي لسٽ ۾ شامل آهن۔۔۔۔ توهان جو پيغام پاڻمرادو توهان جي دوست تائين پهچي ويندو بيشڪ توهان کي ان جي سالگره ياد هجي يا نه يا وري توهان فيس بوڪ تي لاگ ان ٿي سگهو يا نه ۔۔۔ آهي نه ڪم واري ايپليڪيشن ۔۔۔ ته پوءِ ان ايپليڪيشن تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو۔۔۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فيس بوڪ دوستن کي پاڻ مرادو سالگره مبارڪ جو پيغام موڪليو۔۔۔

    سٺي معلومات آهي ادا

    واقعي به ڪهڙن دوستن کي ياد ڪجي ڪهڙن کي ياد ڪجي جنم ڏينهن جي حوالي سان

    بهترين شيئرنگ آهي ادا توهان جي

    سدائين گڏ
     
  3. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: فيس بوڪ دوستن کي پاڻ مرادو سالگره مبارڪ جو پيغام موڪليو۔۔۔

    تمام سٺي ڄاڻ ڏني اٿو
    مهرباني
     
  4. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: فيس بوڪ دوستن کي پاڻ مرادو سالگره مبارڪ جو پيغام موڪليو۔۔۔

    ادا بهترين Application آهي......... شيئرنگ لاءِ مهرباني..........
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: فيس بوڪ دوستن کي پاڻ مرادو سالگره مبارڪ جو پيغام موڪليو۔۔۔

    مونکي ادا سمجهه ۾نه آئي۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فيس بوڪ دوستن کي پاڻ مرادو سالگره مبارڪ جو پيغام موڪليو۔۔۔

    ادا سائين رشيد صاحب جو چوڻ ۽ لنڪ ڏيڻ جو مقصد آهي ته جيڪڏهن توهان جا ڪافي دوست آهن توهان کي ڪنهن ڪنهن جي جنم ڏينهن کي ياد رکندو توهان فيس بوڪ تي ان دوستن جي جنم ڏينهن کي لکي ڇڏيو توهان کي ان ڏينهن تي فيس بوڪ ياد ڪرائيندو ته توهان جي فلان دوست جو اڄ جنم ڏينهن آهي
    ان حوالي سان توهان کي هاڻي فيس بوڪ اهڙي سهولت مهيا ڪري رهيو آهي

    اميد ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هوندي جيڪڏهن نه اڄا به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته فقير هر وقت حاضر آهي


    سدائين گڏ
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: فيس بوڪ دوستن کي پاڻ مرادو سالگره مبارڪ جو پيغام موڪليو۔۔۔

    نه وڏا مان اهو به نه چئي رهيو آهيان۔۔۔ منهنجو مقصد اهو آهي ته توهان ڪيترن دوستن جون سالگراهون ياد رکندو۔۔ ان ڪري توهان مٿي ٻڌايل ايپليڪيشن استعمال ڪريو۔۔ اها ايپليڪيشن پاڻ مرادو توهان جي دوستن جي سالگره کي ياد رکندي ۽ توهان جي سيٽ ڪيل پيغام کي پاڻ مرادو ان دوست ڏانهن سالگره جي ڏينهن موڪليندي توهان طرفان کيس مبارڪ باد ڏيندي۔۔۔ ان سلسلي ۾ توهان کي صرف هڪ دفعو مٿين ايپليڪيشن استعمال ڪندي پيغام وغيره سيٽ ڪرڻا پوندا۔۔۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فيس بوڪ دوستن کي پاڻ مرادو سالگره مبارڪ جو پيغام موڪليو۔۔۔

    اد اجيڪڏهن پهريائين ئي اهڙي وضاحت ڪريو ها ته مون کي ڌڪو هڻڻ جي ضرورت نه پئي ها :d:d:d
    سنڌي ۾ هڪ پهاڪو آ ته مڙس مئو ته مئو پر وزن جي خبر ته پئي :)):)):)):)):))

    مون جي خيال ۾ هاڻي چڳي نموني سان وضاحت ٿئي چڪي آهي هاڻي ادا عبدالواحد کي به ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هوندي

    سدائين گڏ
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: فيس بوڪ دوستن کي پاڻ مرادو سالگره مبارڪ جو پيغام موڪليو۔۔۔

    بهترين شيئرنگ آهي ادا توهان جي
     
  10. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: فيس بوڪ دوستن کي پاڻ مرادو سالگره مبارڪ جو پيغام موڪليو۔۔۔

    ادا هاڻ مونکي بلڪل ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي۔ %-(
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو