اسلام عليڪم سنڌ سلامت تي تازو هڪ سيڪشن جو اضافو ڪيو ويو آهي ان لا۽ مان سنڌ سلامت جي اڳواڻن ۽ سنڌ سلامت جي ميمبرن کي به هڪ دفعو ٻيهر مبارڪ آباد پيش ڪيان ٿو . هاڻي اڇون ٿا اصل مقصد جي طرف ته پورٽيبل سافٽ ويئر آخر آهي ڇا ؟ پورٽيبل سافٽ ويئر ڇا کي چئبو آهي سنڌ سلامت جا دوستو پورٽيبل سافٽ ويئر اهي سافٽ ويئر آهن جن کي انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي آهي توهان پورٽيبل سافٽ ويئر کي USB مان به هلائي سگھو ٿا يا وري توهان جي هارڊ ڊسڪ جي ڪنهن به ڊرائيو ۾ ان پورٽيبل سافٽ ويئر کي رکي سگهو ٿا ۽ وقت ضرورت اتان ئي ان کي هلائي سگهو ٿا ان سان سسٽم غير ضروري انسٽاليشن کان بچي ويندو آهي . پورٽيبل سافٽ ويئر ڪيئن ٺاهجي ؟ دوستو پورٽيبل سافٽ ويئر ٺاهن جا ته ڪافي طريقا آهن جيڪو طريقو سادو ۽ بهترين آهي ۽ وري وڏي ڳالهه اها ته اهو مون کي به ايندو آهي اهو آهي VM Thinstall 4 ان لا۽ هي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي اميد ته توهان کي پسند ايندي . سڀ کان پهريائين ته توهان هيٺ ڏنل لنڪ تان سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪيو سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪري ان کي انسٽال ڪريو . سافٽ ويئر انسٽال ٿيڻ کان پو۽ توهان جي اڳيان هي اسڪرين ايندو توهان بسم الله پڙهي ڪري پو۽ نيڪسٽ کي ڪلڪ ڪريو هاڻي وري توهان جي اڳيان هي اسڪرين هوندو هاڻي توهان پهريائين ايڊوانسڊ سيٽنگ تي ڪلڪ ڪندا ته هي اسڪرين توهان جي اڳيان هوندو هتي اوهان کي ڊي ڊرائيو تي چيڪ لڳائڻو آهي پو۽ اوڪي کي ڪلڪ ڪيو ته توهان جي اڳيان ساڳيو ئي هي اسڪرين موجود هوندو هاڻي ان کي نيڪسٽ ڪيو ته توهان جي اڳيان هاڻي وري هي اسڪرين موجود هوندو هاڻي هن پراسس کي هلڻ ڏيو هي پرسس ونڊوز رجسٽري کي چيڪ پيو ڪري جڏهن هي اهو پراسس مڪمل ڪندو ته هي اسڪرين توهان جي اڳيان موجود هوندو هاڻي توهان ان کي منيمائيز ڪري ڇڏيو پو۽ توهان کي جيڪو سافٽ ويئر پورٽيبل ٺاهڻو آهي ان کي انسٽال ڪريو (جيڪو سافٽ ويئر توهان کي پورٽيبل ٺاهڻو آهي اهو هاڻي انسٽال ڪرڻو آهي ) هاڻي مون وري ٽوٽل ويڊيو ڪنورٽر انسٽال ڪيو آهي پو۽ توهان مطوبه سافٽ ويئر انسٽال ڪري منيمائيز ٿيل سافٽ ويئر کي مڪسيمم ڪريو
هاڻي ان کي نيڪسٽ ڪريو نيڪسٽ ڪرڻ کان پو۽ توهان جي اڳيان هي اسڪرين هوندي هن جي پراسس کي هلڻ ڏيو پراسس مڪمل ٿيڻ کان پو۽ وري هي اسڪرين توهان جي اڳيان هوندو هتي اوهان کي صرف نيڪسٽ ڪرڻو آهي ڪا به ڇيڙ ڇاڙ ناهي ڪرڻي بلوچ ڀاءُ مڙئي يار تون حرڪتي آهين پو۽ وري توهان جي اڳيان هي اسڪرين هوندو هڪ دفعو ٻيهر نيڪسٽ ڪريو۔۔۔ ۽ سائين نثار ناز صاحب هتي اوهان کي صرف نيڪسٽ ڪرڻو آهي نيڪسٽ ڪرڻ کان پو۽ سائين توهان جي اڳيان هي اسڪرين هوندو هتي پراسس کي هلڻ ڏيو پراسس هلڻ کان پو۽ سنڌ سلامت جا دوستو هي اسڪرين ايندو هاڻي ادا زاهد سومرا فقير ٺاهڻ واري بٽڻ کي پريس ڪجا۽ مٺا توهان جيئن ئي ان بٽڻ کي پريس ڪندو ته ٺاهڻ جو عمل شروع ٿئي ويندو ڏسو هي اسڪرين شاٽ جيئن ئي پراسس مڪمل ٿيندو جيئن اسڪرين شاٽ ۾ ڏيکاريل آهي ته پو۽ توهان برائوس پراجيڪٽ تي ڪلڪ ڪيو ته توهان جي اڳيان هي اسڪرين شاٽ هوندو هاڻي ادا علي علي توهان جو انتظار ختم ٿيو هن بن نالي فولڊر ۾ توهان جو پورٽيبل سافٽ ويئر موجود آهي ڏسو هي تصوير هاڻي توهان ان کي ڪاپي ڪري جتي وڻيو اتي وڃي استعمال ڪيو ڪاپي ڪرڻ کان پو۽ ان ونڊو کي بند ڪيو تصوير هاڻي هي ڏسو رزلٽ ٽوٽل ويڊيو ڪنورٽر جو مون کي اميد آهي ته هاڻي توهان پورٽيبل سافٽ ويئر ٺاهڻ سٺي نموني سکي ويا هوندا وري جيڪڏهن ڪو مسئلو ٿئي ته .................. ڦلپوٽو فقير حاضر آهي سنڌ سلامت جي دوستن لا۽ دعائن ۾ ياد
ادا بيهترين شيرنگ،،، پر ادا ڇا اسين هن جي سان ڪو اينٽي وائيرس سافٽ ويئر به پورٽيبل ڪري سگهون ٿا؟ مصلنavg, Nod, Nortan
جواب: پورٽيبل سافٽ ويئر ڇا آهي ۽ ان جي ٺاهڻ جو طريقو بهترين بهترين بهترين بهترين بهترين بهترين بهترين بهترين
جواب: پورٽيبل سافٽ ويئر ڇا آهي ۽ ان جي ٺاهڻ جو طريقو پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا ادا ان جي باري ۾ مان ڪا ڳالهه پڪ سان نه ٿو ڪري سگهان ، باقي مان وڌيڪ سينيئر دوست آهين سائين رشيد سمون صاحب ، ادا مست آهي اهي ان باري ۾ توهان کي ڪا معلومات ڏئي سگهن ٿا سدائين گڏ مهرباني ادا
جواب: پورٽيبل سافٽ ويئر ڇا آهي ۽ ان جي ٺاهڻ جو طريقو ادا ڦلپوٽه صاحب ڳاله ڏاڍي وڻي۔ اهڙيون سهولتون هونديون ته اسان جيڪي وري وري ونڊو انسٽال ٿا ڪريون گهٽ ۾ گهٽ هر دفعي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ کان بچي وينداسين۔ مهرباني دوست
جواب: پورٽيبل سافٽ ويئر ڇا آهي ۽ ان جي ٺاهڻ جو طريقو ڀيهان۔۔۔۔ڳالھ ڳاٽي کان چڙهندي بچي آهي۔۔۔۔۔نيٽ جي اسپيٽ سلو هئڻ جي سبب اسڪرين شاٽ ڪجھ ظاهر ٿا ٿين ته ڪجھ۔۔۔۔ضد ڪيون بيٺا آهن۔۔۔۔خير مان ڪوشش ڪري ڪجھ نه ڪجھ ڪيان ٿو۔۔۔۔باقي فقير شابس اٿئي۔۔۔۔سٺي محنت ڪئي آهي۔۔۔اوهان۔
جواب: پورٽيبل سافٽ ويئر ڇا آهي ۽ ان جي ٺاهڻ جو طريقو وڏي مهرباني ادا سليمان وساڻ صاحب جو توهان کي فقير جي شيئرنگ پسند آئي بلڪل ادا پورٽيبل سافٽ ويئر انسٽال ڪرڻ سان اسان ڪافي ڪوفت کان بچي سگهو ٿا سدائين گڏ مهرباني ادا وسيم سدائين گڏ مهرباني ادا عاشق اوهان جي به اصل ۾ آهيان فقير ماڻهو جڏهن موڊ ٿيو ته اصل گهٽ ناهيان ڪندو سافٽ ويئرن سان :d:d:d مهرباني ادا سدائين گڏ
جواب: پورٽيبل سافٽ ويئر ڇا آهي ۽ ان جي ٺاهڻ جو طريقو ادا عاشق لڳي ٿو ته توهان به مون وارو ساڳيو مسئلو آهي بحرحال ادا تمام بهترين ونڊ آهي .
جواب: پورٽيبل سافٽ ويئر ڇا آهي ۽ ان جي ٺاهڻ جو طريقو ادا ڦلپوٽو فقير صاحب تمام بهترين معلوماتي ونڊ ڪرائي آهي۔ هن پروگرام سان ڪافي ٽائيم جي بچت ٿي ويندي۔ مونکي توهان جو سيکارڻ وارو انداز تمام گهڻو پسند آيو۔ توهان ڪيتري آسان طريقي سان اسان کي هن پروگرام جي باري ۾ ڄاڻ ڏني ۽ انسٽال ڪرڻ جو طريقو ۽ استعمال ڪرڻ جو طريقو پڻ سمجهايو۔ ڀاقي ادي نواب خان جي سوال جي جواب ۾ چوندس ته انٽي وائرس انسٽال ڪجي ته بهتر آهي نه ته توهان جي ڪمپيوٽر تي وائرس حملو ڪري وٺندا۔ پو ته اينٽي وائرس جو ڪوبه فائدو ڪونهي جو ان هوندي به اسان جي ڪمپيوٽر ۾ وائرس اچي وڄن۔