شيخ اياز جي آخري دؤر جو ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    محمد موسيٰ ڀٽو
    شيخ اياز جي آخري دؤر
    جو ڪردار
    هر سال 28 فيبروري تي شيخ اياز مرحوم جي ورسي ملهائي وڃي ٿي. هن سال به ورسي ملهائي وئي. افسوس جو هن موقعي تي شيخ اياز جي آخري ڏهن سالن واري ڪردار کي نظر انداز ڪري، سندس پراڻي ملحدانه ڪردار کي اجاگر ڪري، انهيءَ شاعري کي قابل تقليد ۽ قابل عمل حيثيت سان پيش ڪيو ويو آهي. اها ترقي پسند دانشورن جي شه زوري آهي. جيڪا حقيقت جي بلڪل برخلاف آهي ۽ تاريخ کي ميسارڻ جي پڻ ڪاوش آهي.
    شيخ اياز مرحوم جي آخري دور جي ڪردار بابت هيٺين مضمون ۾ تفصيل سان روشني وڌي وئي آهي.
    هيٺيون مضمون شيخ اياز جا آخري ڏهه سال ڪتاب مان ورتو ويو آهي. (ادارو)
    شيخ اياز
    (1)
    شيخ اياز جي شاعري ۽ فڪرسنڌ جي نئين نسل تي ڪافي کان وڌيڪ اثرانداز آهي. ان اعتبار سان هو موجوده دؤر جو سنڌ جو سڀ کان وڏو شاعر آهي. شيخ اياز جي شاعري جي اثراندازي، اهميت ۽ مقبوليت جو هڪڙو بنيادي سبب ته اهو آهي ته شاعري کيس قدرت طرفان فطرت ۾ وديعت ٿيل هئي. هو فطري شاعر هو، جيڪو شاعر پنهنجي طبعي جولانِي ۽ تخليق جي اظهار لاءِ رات جي آخري وقت جي انتظار ۾ هجي، انهيءَ ڏاهي جي شاعري انقلاب کي برپا ڪري سگهي ٿي.
    شيخ اياز جي فڪرجي مقبوليت جو ٻيو سبب اهو آهي ته سندس شاعري ۾ ماڻهن جي مسئلن، اقتصادي محرومين ۽ معاشري ۾ موجود معاشي ۽ سماجي ناهموارين (هيٺاهين مٿانهين) ۽ ڦرمار کي اهميت ڏني وئي آهي، ان ڪري فردن سندس شاعري ۾ پنهنجي ذاتي مسئلن ۽ مونجهارن جي نمائندگي ۽ ترجماني محسوس ڪئي. سندس شاعري جي اهميت جو ٽيون سبب اهو آهي ته هن جديد ۽ قديم فڪر جو وسيع مطالعو ڪري، دؤر جديد جي نظرين کي هضم ڪري، انهيءَ پس منظر ۾ شعر و شاعري ڪئي، ان ڪري به جديد نوجوانن سندس فڪر کي پنهنجي شعور پٽاندڙ محسوس ڪيو.
    شيخ اياز ماضيءَ ۾ ڇا ڪيو؟ اسان کي انهيءَ سان بحث ناهي، ڇاڪاڻ ته فرد جي اصل زندگي آخري هوندي آهي. حديثِ رسول آهي ته هڪڙو فرد سڄي زندگي نيڪي ۾ گذاري آخري وقت ۾ ڪي اهڙاڪڌا ڪم ڪري ٿو، جو هو جهنم جو حقدار بڻجي وڃي ٿو. اهڙي طرح ٻيو فرد آهي، جيڪو سڄي زندگي خراب ڪم ڪري، آخر ۾ ڪي اهڙا نيڪ عمل ڪري ٿو، جو هو جنت جو مستحق ٿي وڃي ٿو. ان اعتبار سان موصوف جي آخري زندگي جا ڏهه سال اهڙا آهن، جيڪي اسان جي نظر ۾ قيمتي آهن ۽ زندگي جو حاصل آهن. هونئن به فرد جي ذهني ارتقا جو عمل مسلسل جاري رهي ٿو. سنڌ جو ممتاز ڏاهو جڏهن فڪري ارتقا جا مرحلا طي ڪري آخر ۾ اهو اعلان ڪري، ته سندس زندگيءَ جو فڪر غلط هو، هن هينئر تائين جيڪا شاعري ڪئي آهي ۽ جيڪو فڪر ڏنو آهي، ان جو انسان جي اصلي حقيقت ۽ ڪائنات جي خالق هستي ۽ ڪائنات جي ساري مخلوق ۾ موجود وحدت ۽ عبادت واري فطري روين سان ڪو تعلق نه هو ته سندس شڪست جو اهو اعتراف عظمت ۽ ڪاميابي جي علامت آهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي زندگي ڀرجي فڪر ۽ پورهي تان هٿ کڻڻ ڪو آسان ڪم ناهي.
    شيخ اياز جي مذهب ڏانهن موٽ سبب سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر کي جيڪو نقصان رسيوآهي، ان هن فڪر وارن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، سندن ٻيهر اٿڻ مشڪل آهي. غلام رباني صاحب جهڙي اڳوڻي ترقي پسند ڏاهي جو چوڻ آهي ته اوهان شيخ اياز جي جنهن تبديليءَ کي مذهب ڏانهن موٽ چئو ٿا، اها مذهب ڏانهن حقيقي موٽ ناهي، بلڪه اعصاب جواب ڏيڻ ۽ توانائي ختم ٿيڻ کان پوءِ جيئن ته فرد ٿڪجي پوندو آهي ۽ سهارو تلاش ڪندو آهي. ان جو مثال به اهڙو آهي، جيڪڏهن رباني صاحب جو اهو موقف مڃيو وڃي ۽ شيخ اياز جي فڪر ۾ بنيادي تبديليءَ جي ڳالهه جو انڪار ڪيو وڃي ته پوءِ آخر سندس دعائن جي مجموعي واري ڪتاب جي باري ۾ ڇا چئبو يا آخري ڏهن سالن ۾ لکيل ٻين ڪتابن جن ۾ هن واضح طور مارڪسزم، ملحدانه فڪر ۽ سنڌ جي ترقي پسندن ۽ نيشلزم جي علمبردارن تي کليو کلايو تنقيد ڪئي آهي.
    هتي جيڪڏهن سندس جديديت تي تنقيد جي انهيءَ فڪر جا اقتباس ڏجن ته مضمون طويل ٿي ويندو. ان ڪري صرف ان جي نشاندهيءَ تي اڪتفا ڪريون ٿا. اسان جي نظر ۾ شيخ اياز جي اها حميت نهايت قابل قدر آهي ته هن مارڪسزم ۽ ملحدانه نظريي کي جڏهن غلط سمجهيو ته پراڻن دوستن جي دل جوئي خاطر انهيءَ سلسلي ۾ ماٺ رهڻ جي بدران هن انهيءَ فڪر کي غلط قرار ڏنو، هن آخري وقت ۾ جيڪي به ڪتاب ۽ مضمون لکيا، انهن ۾ واضح طور پنهنجي اسلامي فڪر جي وڪالت ڪئي.
    ان سلسلي ۾ هن مرعوبيت، پراڻن دوستن جي تنقيد، انهن جي بائيڪاٽ ۽ سندن شديد مخالفت جي ڪا پرواه نه ڪئي. شيخ اياز جي حميت جو اهو اهڙو ڪردار آهي. جيڪو تعريف جوڳو آهي ۽ ترقي پسند فڪر کان توبه ڪندڙ انهن ڪيترن ئي ڏاهن جي رويي کان عظيم تر آهي، جيڪي نماز روزي جي باوجود، اڃا تائين ملحدن سان دوستانه تعلق قائم رکيو ويٺا آهن.
    هتي شيخ اياز جي نئين فڪر جي تشريح جو موقعو ناهي. ان سلسلي ۾ تفصيلات لاءِ اسان جو شايع ڪيل ڪتاب ”شيخ اياز جا آخري ڏهه سال“ ڏسندا. انهيءَ ڪتاب ۾ شيخ اياز صاحب جي ڪافي خطن جا عڪس پڻ ڏنا ويا آهن. موصوف جا ٻيا به خط آهن، جيڪي فائلن ۾ هيٺ مٿي ٿي ويا هئا، اهي شامل ڪجن ٿا.
    (2)
    شيخ اياز کي سنڌي ٻولي جي وڏي شاعر جي حيثيت ۾ سندس زندگيءَ ۾ جيڪو مان ۽ مرتبو مليو ۽ شهرت حاصل ٿي، اها تمام گهٽ شاعرن کي حاصل ٿيندي آهي. يقيناً هو انهيءَ عزت ۽ مرتبي جو مستحق هو، پر اسان جي نظر ۾ شيخ اياز جو اصل ڪردار جيڪو مثالي حيثيت رکي ٿو. اهو اهو آهي ته هن شهرت ۽ مرتبي جي مٿانهين مقام تي فائز ٿيڻ کان پوءِ، حق ۽ صداقت جي واٽ واضح ٿيڻ شرط ئي پنهنجي نظرين ۽ عقيدن کان براءت جو اظهار ڪيو ۽ توحيد، رسالت ۽ اسلامي شريعت جي واٽ اختيار ڪيائين ۽ اسلامي شريعت تي پنهنجي يقين کي واضح ڪرڻ لاءِ ”برسات“ اخبار ۾ مسلسل مضمون لکيائين ۽ حمديه دعائن جو مجموعو پڻ تيار ڪيائين. شيخ اياز جي ترقي پسند فڪر ۽ نظرين کان انهيءَ بغاوت کي محسوس ڪندي، سندس ساٿين مان ڪيترن ئي نامور ترقي پسند ڏاهن سندس خلاف زندگيءَ ۾سخت مضمون لکيا ۽ شيخ اياز کي جماعت اسلامي جي ڏاهن کان وڌيڪ ترقي پسند فڪر جو مخالف قرار ڏنو ويو.
    ان سلسلي ۾ رسول بخش صاحب سيپٽمبر 1993ع ۾ روزنامه ڪاوش ۾ هڪ تفصيلي مضمون لکيو، جنهن جا هيٺيان اقتباس قابل غور آهن! لکي ٿو:
    ”اياز جي شاعريءَ جو اڳوڻو ۽ وڏو حصو ايترو دلڪش ۽ من موهيندڙ ۽ زبردست آهي، جو ان جي صحيح پرک لاءِ ايترا ڪتاب لکڻ ضروري ٿيندا جو لائبريري جا ڪٻٽ ڀرجي وڃن ته به شڪ ڪونهي. پر اياز رڳو عظيم شاعري ڪانه ڪئي آهي. ڪيترن سالن کان هن جي شاعري هڪڙي وڏي فڪري زوال ۽ پوئتي موٽ جو شڪار به ٿي آهي. اياز اڄ انهن ساڳين انقلابي سوچن وارو ماڻهو ڪونهي، جن سوچن سندس عظيم روشن خيال ترقي پسند ۽ انقلابي شاعريءَ کي جنم ڏئي، پنهنجي سماج ۽ قوم جي تقدير بدلائڻ جي جدوجهد ۾ شاهه وانگر اسان جي روحاني رهبري ڪئي هئي ۽اسان کي ڏڍ ۽ سهارو ڏنو هو. اڄوڪو اياز انهن سوچن تي ملامت ۽ تبرا ڪرڻ وارو اياز آهي. جن سوچن ۽ ان مان ڦٽي نڪتل شاعريءَ جي ڪري سنڌ جي اسان سڀني سندس مداحن ۽ ساٿين کيس ”سنڌ جو آواز“ جو لقب ڏنو هو. اڄوڪو اياز نفي آهي، ان اياز جي جيڪو چوندو هو:
    ”اڄ ته ڀنڀرڪي تائين ڀڙڪي شعلا شعلا پل پل“
    وڌيڪ لکي ٿو: اڄوڪو اياز قومي ۽ سماجي تقدير بدلائڻ جي جدوجهد جو جهنڊو بلند ڪرڻ وارو ناهي، پران کي ڦٽي ڪري ماٺ ڪري گهر جي ڪنڊ ۾ ويهي، سندس نوان ”ابري“ شعر پڙهي سندس دعا سان تقدير جي ازخود بدلجڻ جو انتظار ڪرڻ جو درس ڏيڻ وارو اياز ۽ سماجي سڌاري، تبديلي ۽ واڌاري جي ڪوششن ۽ انهن ڪوششن جي حمايت ڪندڙ ادب، شاعري ۽ فڪر تي تبرا ڪرڻ ۽ انهن تي ۽ انهن خلاف جنسي زهر اوڳارڻ ۾ جماعت اسلامي ۽ سرمايه دار ملڪن جي انقلابي دشمن مبلغن ۽ پيشه ور پروپئگنڊا بازن کي به ڪن ڳالهين ۾ مات ڏيڻ وارو اياز آهي.“
    پليجو صاحب مضمون جي آخر ۾ لکي ٿو: اياز جو اڳوڻو مثبت، روشن خيال ترقي پسند ۽ انقلابي پاسو بي مثال، عظيم ۽ لافاني آهي ۽ ان پاسي جي عظمت کي خود هاڻوڪي ڦريل، منحرف ۽ توبه تائب انقلاب مخالف اياز به ماري نٿو سگهي. انگريز چوندا آهن: ”بادشاهه مري ويو، بادشاهه سلامت زنده آباد“ اسين سنڌي روشن خيال ۽ ترقي پسند ماڻهو سجاڳ پورهيت عوام به چئي سگهي ٿو:
    ”شيخ اياز ڦري ويو. شيخ اياز زنده آباد“
    پليجي صاحب جو سڄو مضمون شيخ اياز جي اسلامي فڪر اختيار ڪرڻ سبب سندس خلاف ڪاوڙ سان ڀريل آهي.
    سوال هي آهي ته شيخ اياز جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي موجوده دؤر جي سڀ کان وڏي شاعر ۽ ڏاهي جي فڪر ۾ اهڙي انقلابي تبديلي ڪيئن آئي؟ اهو جائزو وٺڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن فڪر ۾ پختگي اچي ٿي ته ان کان پوءِ ان ۾ تبديليءَ جو عمل مشڪل ٿئي ٿو، خاص طور اهي مفڪر ۽ دانشور جيڪي قومن کي فڪر ڏيندا آهن ۽ جن جي فڪر جا اثرات نسلون قبول ڪنديون آهن. اهڙن دانشورن لاءِ پنهنجي فڪر کان هٿ کڻڻ آسان نه هوندو آهي، اهو سندن عزت وقار ۽ انا جو مسئلو پڻ بڻجي ويندو آهي. آخر شيخ اياز جي فڪر ۾ ايڏي وڏي تبديلي ڪيئن آئي. منهنجي خيال ۾ ان جو هڪڙو اهم سبب اهو آهي ته جيئن شيخ اياز جي شاعري وجداني نوعيت جي شاعري آهي، ان ۾ مصنوعي طور تي غور و فڪر ڪرڻ ۽ غير معمولي ڪاوش جو عمل دخل گهٽ آهي. شاعر تي جڏهن وجداني ڪيفيت طاري ٿيندي آهي ته اهو بي چين ٿي ازخود شعر چوڻ لڳندو آهي. اها وجداني شاعري قدرت جو ڏات هوندي آهي، قدرت جي طرفان اها ڏات خالص دنيا پرست شاعرن ۽ ڏاهن تي به ٿيندي آهي، جيئن ته ذهانت قدرت جي ڏات آهي. جيئن ته شيخ اياز جي اهڙي وجداني شاعري جو گهڻو حصو رات جي آخري حصي جو نتيجو آهي. جو ٻي وڳي کان پوءِ صبح تائين واري وقت ۾ ٿيندي هئي ۽ اهو اهڙو وقت هوندو آهي، جنهن ۾ زمين تي الله جا انوار نازل ٿيندا آهن. حديث قدسي مطابق رات جي آخري حصي ۾ زميني آسمان تي الله تعاليٰ جو نزول ٿيندو آهي ۽ الله تعاليٰ فرمائيندو آهي. آهي ڪو جيڪو مون کان گهري ته مان ان کي عطا ڪريان. جديد دؤر جي طبعيات ۽ نفسيات جي ماهرن پڻ انساني طبيعت تي رات جي آخري حصي ۾ جاڳندڙ فردن تي ٿيندڙ انهن اثرات جو اعتراف ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ شيخ اياز جي تبديلي جو هڪڙو سبب ته اهو آهي ته سندس رات جي وقت ۾ وجداني جذبي ۽ ڪيفيت سبب شاعري جي خيال سان جاڳڻ سبب انوار الاهي جا اثرات آهستي آهستي داخل ٿيڻ شروع ٿيا، جن سندس عمر جي آخري ڏهن سالن ۾ انقلابي ۽ فيصله ڪن صورت اختيار ڪري ورتي.
    سندس تبديليءَ جو ٻيو بنيادي سبب سندس چوڻ مطابق سندس گهرواريءَ جا اثرات آهن. سندس چوڻ هو ته منهنجي گهرواري نه صرف پنج وقت نماز جي پابند آهي، بلڪه اها تهجد گذار به آهي، ان جي مسلسل اها تلقين هوندي آهي ته الله کي سڃاڻ ۽ الله جي عبادت ڪر، سندس چوڻ هو ته ان جي دعائن جي بدولت مون کي حق جي راهه نصيب ٿي آهي.
    شيخ اياز جي ترقي پسند تحريڪ ۽ فڪر کان بغاوت ۽ اسلامي فڪر جو علمبردار بڻجڻ. اهو سنڌ جي نظرياتي تاريخ جو وڏو ۽ سڀ کان اهم واقعو آهي. اهو ايڏو وڏو واقعو آهي، جنهن ترقي پسند تحريڪ جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ هن تحريڪ ۽ فڪر کي داخلي طور ايڏو نقصان پهچايو آهي، جو ٻيهر هن تحريڪ لاءِ قوت سان اڀرڻ مشڪل آهي، پر افسوس آهي جو سنڌ جي ديندار ۽ اسلامي فڪر جي حامل طبقي شيخ اياز جي اسلام ڏانهن واپسي واري واقعي کي نه ته ڪا قابل ذڪر اهميت ڏني، نه وري ان واقعي کي نوجوانن ۾ اسلامي فڪر ڏانهن واپسي جي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪا شعوري ڪاوش ڪئي آهي. افسوس آهي جو سنڌ جو مذهبي ۽ ديندار حلقو يا ته گهري ننڊ ۾ سُتو پيو آهي يا وري هو پنهنجي فرقه وارانه مذهب جي تبليغ کي ئي اسلامي دعوت جو وڏو ڪم سمجهي رهيو آهي، کيس جديديت، سيڪيولرازم ۽ مذهب بيزاري جي بين الاقوامي همه جهتي تحريڪ جو ڪو شعور ئي حاصل ناهي.
    شيخ اياز پنهنجي زندگي ڀرجي شهرت ۽ مقبوليت کي قربان ڪري، پنهنجي آخرت جي نجات خاطر اسلامي شريعت جي واٽ اختيار ڪئي، حمديه دعائن جي مجموعي ۾ هن ڪيترا ڀيرا ورجائي ورجائي چيو آهي ته يا الله مان گمراهي جي کڏ ۾ ڪريل هوس، تون مون کي سڌي واٽ ڏيکاري يا الله مون زندگي بي راهه روي ۾ گذاري وڏو ڏوهه ڪيو آهي. تون مون کي ايتري مهلت عطا فرماءِ تانته مان پنهنجي ڏوهن جي ازالي لاءِ ڪجهه ڪري سگهان. يا الله تون مون کي ايترو حوصلو عطا فرماءِ ته مان دوستن ۽ مخالفن جا سمورا وار سهي سگهان ۽ انهن جي شديد مخالفت جي باوجود انهن لاءِ دعاگو ٿيان.
    ياالله مون زندگي ڀر توکان جيڪا دوري اختيار ڪئي، تنهنجي در کي ڇڏي ٻين جي درن تي سوالي بڻجي ويندو رهيس يا الله مون کي منهنجو اهو گناهه عظيم معاف فرماءِ.
    شيخ اياز جي انهيءَ فڪر کان ترقي پسند تحريڪ سندس زندگي ۾ بيزاري اختيار ڪندي رهي ۽ هو شيخ اياز کي پنهنجو وڏي ۾ وڏو مخالف تصور ڪندا رهيا. پر سندس انتقال کان پوءِ هاڻي سندن ڪوشش اها آهي ته شيخ اياز جو ماضيءَ وارو باغيانه ڪلام نئين سري سان مرتب ڪري، ڏهن جلدن ۾ شايع ڪيو وڃي. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين اهڙو اعلان ڪيو آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته جيئن شيخ اياز جي پراڻي فڪر جي حوالي سان جديديت جي تحريڪ کي هٿي ڏجي ۽ دين دشمن تحريڪ کي نئين سر جيارڻ جي ڪوشش ڪجي. اسان جي خيال ۾ اها ڪوشش ۽ ڪاوش ديانت ۽ انصاف جي تقاضائن جي سراسر خلاف آهي ۽ شيخ اياز جي پنهنجي پراڻي فڪر سان بغاوت ۽ براءت جي اظهار جي به خلاف آهي. دعائن جي مجموعي ۾ شيخ اياز پنهنجي پراڻي فڪر کان هڪ ڀيرو نه، بلڪه ڪيترائي ڀيرا بيزاري ۽ برائت جو اظهار ڪيو آهي، انهيءَ واضح اعلان جي باوجود سندس پراڻي ڪلام کي شايع ڪرڻ غلط آهي، اهو ديانت جي سراسر خلاف آهي.
    شيخ اياز جي اسلامي فڪر جي هڪ نمايان ۽ اهم خاصيت اها آهي ته سندس فڪر محض تصوف يعني اندر کي اجارڻ ۽ دل جي دنيا کي آباد ۽ منور ڪرڻ تائين محدود ناهي، بلڪه هو ان حد کان اڳتي وڌي، اسلام کي مڪمل نظام زندگي سمجهي ٿو ۽ اسلامي شريعت کي دور جديد جي انسانيت جي سمورن مسئلن جو حل قرار ڏي ٿو ۽ رسول الله ﷺ جن جي تعليمات کي حرف آخر سمجهي ٿو. ان سلسلي ۾ دعائن جي مجموعي ۾ هن عملي زندگي ۽ ان ۾ رهنمائي جي ڏس ۾ رسول الله ﷺ جن جي احاديث ۽ تعليمات جو جيڪو نچوڙ ڏنو آهي، اهو پڙهڻ وٽان آهي، ان مان سندس اسلامي فڪر جي جامع هجڻ جو تصور ظاهر ٿئي ٿو.
    اهڙو شاعر ۽ ڏاهو جنهن جو زندگي ڀر اسلامي شريعت سان واسطو نه پيو هجي، نه وري کيس اسلام بابت ڪا صحيح معلومات حاصل هجي، اهڙي ڏاهي جي صحيح اسلام تائين پهچڻ جي سلسلي ۾ ڪي ئي اهم رڪاوٽون موجود رهن ٿيون، سڀ کان وڏي رڪاوٽ ته تصور جي نظام فڪر جي حيثيت اختيار ڪري وڃڻ آهي. مون کي شيخ اياز سان پهرين ملاقات ۾ جيڪا 1993 جي شروعات ۾ ٿي هئي. ان ۾ اهوئي خطرو هو، پر الحمدالله هن اسلامي فڪر جو مطالعو جاري رکيو، ان سان کيس اسلام نه صرف قلبي سڪون ۽ طمانيت جو ذريعو نظر آيو، بلڪه اسلام انساني زندگيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ افراد ۽ معاشري جي وچ ۾ توازن پيدا ڪندڙ نظام زندگي جي حيثيت سان به نظر آيو.
    تصوف جي ذريعي سيڪيولر دانشورن جو اسلام کي سمجهڻ جو مسئلو نهايت ڏکيو مسئلو آهي. ڄام ساقي جهڙا فرد تصوف جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي اسلام جي صاف شفاف راهه تائين پهچڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. ان جو سبب اهو آهي ته تصوف دل کي اجارڻ ۽ طمانيت پهچائڻ لاءِ مشقن تي زور ڏي ٿو. اهي مشقون ڪرڻ جي نتيجي ۾ ذهن تي مادي خيالن جو دٻاؤ گهٽجندو رهي ٿو، جنهن سان دل ۽ اعصاب اعتدال واري حالت ۾ اچيو وڃن ٿا. ان سان فرد اهو سمجهڻ لڳي ته دنيا ۾ سڪون، تسڪين ۽ باطني جنت جي جيڪا آرزو سندس دل ۾ موجود هئي، کيس اها ته حاصل ٿي وئي آهي. ان کان وڌيڪ کيس ٻيو ڇا گهرجي. اهوئي سبب آهي جو سيڪيولر دانشورن کي اسلام کان متعارف ڪرائڻ جو ذريعو محض تصوف ناهي، بلڪه صحيح اسلامي فڪر به آهي. جيستائين ذهن تي قرآن و سنت جي مڪمل نظام زندگيءَ جو تصور غالب نٿو ٿئي، تيستائين تصوف جمود جي حيثيت رکي ٿو ۽ اهو اڳتي وڌڻ ۽ صحيح اسلامي فڪر جي نشاندهي جي واٽ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو.
    مان شيخ اياز کي ان اعتبار سان به خوشقسمت سمجهان ٿو ته هن نه صرف اسلام کي سمجهڻ لاءِ شعوري طور ڪوششون جاري رکيون، بلڪه هن تصوف جي صحيح اسلامي سلسلي نقشبندي سان پڻ عملي تعلق جوڙيو ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب سان خط جي ذريعي بيعت ٿي، ذڪر ورتائين، نقشبندي سلسلو اسلامي شريعت تي قائم رهڻ ۽ اسلام جي احياء، وڌاء ۽ لادين قوتن سان مقابلي لاءِ هڪ غيرمعمولي قوت فراهم ڪري ٿو، مون کي خوشي آهي ته ان سلسلي ۾ شيخ اياز منهنجي مشوري کي اهميت ڏني ۽ نقشبندي سلسلي جي موجوده دور جي اهم بزرگ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب سان تعلق جوڙيو.
    شيخ اياز جي آخري پنجن سالن جي عرصي ۾ منهنجيون ساڻس تفصيلي گڏجاڻيون ٿيون ۽ خط و ڪتابت پڻ رهي. مون سندس ايمان و يقين ۾ جوش ۽ طاقت محسوس ڪئي، وقت گذرڻ سان سندس اسلامي مطالعو پڻ وڌي ويو هو ۽ اسلامي فڪر ۽ اسلامي عقيدن تي ويساهه مضبوط هو، کيس ويجهو ڏسڻ کان پوءِ مان چئي سگهان ٿو ته جيڪڏهن قدرت جي پاران کيس وڌيڪ مهلت ملي ها ته هو سنڌ ۾ اسلامي فڪر جي وڌاءَ لاءِ مؤثر ڪردار ادا ڪري ها. سندس چوڻ هو ته، حمديه دعائن کان سواءِ به مان اسلام جي حق ۾ ٽي کن ڪتاب لکيا آهن. اهي توهان کي اشاعت لاءِ ڏبا. پر افسوس جو آخري ڏينهن ۾ ان سلسلي ۾ ساڻس وڌيڪ گفتگو نه ٿي سگهي.
    ضرورت آهي ته شيخ اياز جي نئين اسلامي فڪر کي هرتعليم يافته سنڌي تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تاته شيخ اياز جو پراڻو فڪر (جنهن کي شايع ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي) اهو مٿن اثر انداز نه ٿي سگهي. (ورتل شيخ اياز جا آخري ڏهه سال).
    (3)
    شيخ اياز سان منهنجي پهرين ملاقات 1977ع جي آخر ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿي، جڏهن هو يونيورسٽي جو وائس چانسلر هو، ان ملاقات جو پس منظر هي آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو صاحب يونيورسٽي مان جي ايم سيد جي اثرات کي ختم ڪرڻ لاءِ شيخ اياز کي وائس چانسلر جي حيثيت سان مقرر ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ، نئين حڪومت به شيخ اياز جي انهيءَ حيثيت کي قائم رکيو. جيئن ته نظرياتي اعتبار سان مون کي شيخ اياز سان شديد اختلاف هئا. سندس تحرير جي بدولت گمراهي پيدا ٿي هئي ۽ يونيورسٽيءَ جهڙي اهم علمي اداري ۾ هو پنهنجي نڪته نظر جي فردن کي مسلط ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جو ذريعو بڻجي رهيو هو، ان ڪري مان شيخ اياز جي يونيورسٽيءَ ۾ ڪيل قدمن ۽ ڪارواين جي باري ۾ تفصيل سان مضمونن جو سلسلو شروع ڪيو. ”جسارت“ اخبار ۾ تقريباً پنج ڇهه مضون ڇپيا. انهن مضمونن جي ڪري شيخ اياز سخت پريشان ٿيو ۽ يونيورسٽيءَ ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪن پروفيسرن جي معرفت ”جسارت“ جي ان وقت جي ايڊيٽر محمد صلاح الدين صاحب سان رابطو رکي، کيس يونيورسٽي اچڻ جي دعوت ڏنائين، محمد صلاح الدين سندس دعوت قبول ڪئي. موصوف مون کي پڻ شيخ اياز سان انهيءَ نشست ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو، شيخ اياز، محمد صلاح الدين صاحب کي ٻڌايو ته منهنجي ڪوشش اها آهي ته سندس يونيورسٽيءَ جو تعليمي تقدس قائم رکجي، ان مقصد لاءِ مان انهن فردن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي آهي، جيڪي طالب علم جي روپ ۾ غنڊه گردي ڪندا رهيا ۽ جن يونيورسٽيءَ کي ملڪ ۾ غير قانوني حرڪتن ۽ مارا ماري واري تعليمي اداري جو تاثر ڏياري، اداري کي بدنام ڪيو آهي. موسيٰ ڀٽو صاحب منهنجي ماضيءَ جي تحريرن جي حوالي سان مون کي سڃاڻي ٿو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته منهنجي ارتقاءَ ٿي آهي، مان هاڻي اهو انقلابي، پرجوش ۽ سنڌ تائين محدود دانشور ناهيان، ان ڪري مهرباني ڪري مون کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ منهنجي خلاف لکڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.
    ايڊيٽر صاحب تفصيل سان شيخ اياز جي موقف ٻڌڻ کان پوءِ يا ته سندس موقف کان متاثر ٿيو يا مصلحت خاطر آئنده ان سلسلي ۾ نه لکڻ جو فرمايو.
    شيخ اياز سان انهيءَ ملاقات مان مون کي هڪڙو تاثر ضرور مليو، اهو اهو ته شيخ اياز ذاتي طور تي هڪ سادو انسان آهي ۽ هو تڪبر، وڏ ماڻهپ ۽ شيخيءَ جي مرض ۾ مبتلا ناهي، سندس سادگيءَ جو تاثر پهرين ملاقات کان پوءِ ٻين ملاقاتن ۾ وڌيڪ پختو ٿيندو ويو، شيخ اياز سان منهنجي ٻي ملاقات ست اٺن سال کن اڳ ٿي، سندس ڪلفٽن واري جاءِ تي مون کيس فون ڪري ساڻس ملاقات جو وقت ورتو هو، اخبارن ۾ شيخ اياز جي تبديليءَ ۽ نئين فڪر جون خبرون پئي اينديون رهيون، مان ذاتي طور تي ملاقات ڪرڻ کانئس نئين فڪر بابت معلومات حاصل ڪرڻ پئي چاهي. انهيءَ ملاقات ۾ مون سان گڏ محمد سليمان طاهر صاحب، سيد حزب الله شاهه صاحب، عبدالخالق شيخ ۽ عنايت الله مهر به موجود هيا. تقريباً ڪلاڪ کن گفتگو رهي، انهيءَ گفتگوءَ مان اندازو ٿيو ته شيخ اياز جي فڪر ۾ بنيادي تبديلي ته آئي آهي، پر اسلامي فڪر کي سمجهڻ لاءِ کيس ڪافي مطالعي جي ضرورت آهي، سندس تبديليءَ جو سبب قلبي اضطراب آهي، دل جي مسلسل دورن جي ڪري ڪنهن درويش ملاقات ڪري کيس ٻڌايو ته هو هٿ ۾ تسبيح رکي ۽ دل ۾ الله جو تصور پچائيندو رهي، ائين ڪرڻ سان کيس غيرمعمولي سڪون حاصل ٿيو، سندس چوڻ هو ته مون کي رات جو ننڊ نٿي اچي، مان بي آراميءَ جو مريض آهيان، مون جڏهن تسبيح هٿ ۾ رکي، الله جي نالي جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪيو ته وجدان ۽ نفسيات جي گهراين ۾ اهڙو نور داخل ٿيڻ لڳو، جنهن نور جي ڪا عقلي توجيھ ڪرڻ ممڪن ناهي، جيئن جيئن منهنجو ذڪر وڌندو ويو، انهيءَ نور جو غلبو قلب جي گهراين ۾ وڌيڪ محسوس ٿيندو رهيو. انهيءَ ملاقات ۾ شيخ اياز اهو پڻ ٻڌايو هو ته ترقي پسنديءَ جي بين الاقوامي تحريڪ جي اثر هيٺ يقينًا مان گمراهيءَ جي کڏ ۾ ڪري پيو هوس، مان شعوري طور خدا جي وجود جو پڻ قائل نه هوس، پر منهنجي دل خدا جي وجود ۽ سندس وحدانيت جي گواهي ڏيندي رهي هئي، منهنجو اندر چوندو هو ته اهو ممڪن ناهي ته هيءَ ڪائنات بغير ڪنهن خالق جي پاڻ مرادو ٺهي هجي. پر مغربي مفڪرن جي ڪتابن جي مطالعي دل جي انهيءَ گواهي کي دٻائي ڇڏيو هو ۽ شعور باغيانه قسم جو تيار ٿي ويو هو.
    ان کان پوءِ شيخ اياز سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو، هر ملاقات ۾ اهو محسوس پئي ٿيو ته شيخ اياز جي ايمان و يقين ۾ واڌارو اچي رهيو آهي ۽ اسلامي ڪتابن جو مطالعو پڻ جاري آهي، جيئن نئين مسلم ۾ نئون شوق، نئين امنگ ۽ نئين توانائي موجود هوندي آهي، تيئن شيخ اياز ۾ پڻ اسلام ۽ اسلاميت جي باري ۾ جذبو ”هل من مزيد“ آهي. انهيءَ عرصي دوران ”برسات“ ۾ شيخ اياز جون حمديه دعائون شائع ٿيون. اسان جو خيال هو ته سندس اهي دعائون سنڌ نينشل اڪيڊمي جي طرفان شايع ٿين. ممتاز مهر صاحب جيڪو شيخ اياز جي ويجهو هو، جنهن سان خط و ڪتابت ذريعي اسان جو رابطو پيدا ٿي چڪو هو، ان جي ذريعي انهن دعائن جي اشاعت لاءِ شيخ صاحب کي درخواست ڪئي سين، شيخ اياز اخبار ۾ شايع دعائن جي ڪاپي ڏياري موڪلي، سندس چوڻ هو ته ڪتاب جي باري ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب کان ٻه لفظ لکرايا وڃن، تانته مذهبي حلقي جي پاران منهنجي خلاف فتويٰ يا بيان بازي جاري نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي صحت انهيءَ مخالفت کي منهن ڏيڻ جي قابل نه رهي آهي. اهو پڻ لکيو هيائين ته دعائن جي انهيءَ مجموعي ۾ جن دعائن جي باري ۾ اوهان سمجهو ٿا ته اهي نامناسب آهن يا انهن جو نه اچڻ بهتر آهي. اهي دعائون يا اهي جملا خارج ڪري ڇڏيندا. مان سندس دعائن جي مجموعي جو مطالعو ڪري نامناسب قسم جون دعائون ڪڍي ڇڏيون ۽ حضرت ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب کان پيش لفظ پڻ لکرايو. ان سان گڏوگڏ ڪتاب تي مان پنهنجي پاران 17-18 صفحن جو مهاڳ پڻ لکيو. جنهن ۾ شيخ اياز جي نئين تبديلي ۽ نئين فڪر جو ڀرپور تجزيو ڪيو ويو ۽ دل کولي شيخ اياز جي اسلاميت جي آجيان ڪئي وئي. انهيءَ مهاڳ جا پروف شيخ اياز کي موڪليا ويا، موصوف ٻن ٽن جاين تي تصحيح ڪرڻ لاءِ چيو، هڪ جاءِ تي لکيو ويو هو ته ترقي پسند فڪر جي ممتاز دانشورن جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويو ۽ رسول بخش پليجو مان شيخ اياز واحد دانشور آهي، جنهن کي الله تعاليٰ حق ۽ صداقت جي راهه اختيار ڪرڻ جي سعادت بخشي آهي. سندس چوڻ هو ته جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويو ۽ پليجو جا نالا ڪڍيا وڃن.
    ڪتاب جو اهو مهاڳ ”بيداري“ ۾ شايع ٿيو. ان تي بيداري ۾ ڪجهه دوستن تفصيلي اظهار خيال ڪيو. هڪڙي دوست پنهنجي تفصيلي خط ۾ لکيو ته اوهان تي افسوس آهي ته اوهان شيخ اياز کي نه سمجهي سگهيا آهيو، سندس اها تبديلي حقيقي تبديلي ناهي، بلڪه هو انهيءَ ذريعي فائدا حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، اوهان شيخ اياز کي مذهبي حلقي ۾ متعارف ڪرائي، سندس مقصد لاءِ استعمال ٿي رهيا آهيو. اهو خط شايع ٿيڻ کان پوءِ جڏهن ساڻس ڪلفٽن واري جاءِ تي ملاقات ٿي ته چيائين ته منهنجي باري ۾ ”بيداري“ ۾ جيڪي خط شايع ٿيا آهن، لکندڙ منهنجي باري ۾ اهڙو گمان قائم ڪرڻ ۾ حق بجانب آهن. ڇاڪاڻ ته منهنجي سڄي زندگي خدا، اسلام ۽ حق ۽ صداقت کان واجهيل رهي آهي. زندگي جا شعوري سٺ سال کن گمراهيءَ ۾ گذريا آهن، آخري وقت جي ايمان جي باري ۾ جيڪڏهن ڪي فرد شڪوڪ جو اظهار ڪن ٿا ته انهن کي ڏوهه هرگز نٿو ڏيئي سگهجي. انهيءَ ملاقات جي موقعي تي آغا نورمحمد پٺاڻ ۽ عبدالخالق شيخ به موجود هئا. شيخ اياز جو چوڻ هو ته زندگيءَ ۾ پهريون دفعو قرآن شريف جو ترجمي سان مطالعو مڪمل ڪيو آهي. انهيءَ مطالعي کان پوءِ خبر پوي ٿي ته حق، صداقت ۽روشني ته اسان جي گهر ۾ موجود هئي، اسان جديد دور جي گمراهه ۽ خدا جي منڪر فلاسفرن جي ڪتابن ۾ حق تلاش ڪري رهيا هياسين. اسان جي اها جهالت ناقابل معافي آهي. بس الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان معاف ڪري ته ڪري، ورنه اسان جا ڪرتوت ناقابل معافي آهن.
    هڪ ٻن ملاقات ۾ شيخ اياز جي دلي اضطراب کي محسوس ڪندي، مان کيس هڪ تفصيلي خط لکيو، جنهن ۾کيس لکيو ته دل جي تسڪين لاءِ ۽ الله جي وحدانيت جي تصور کي راسخ (مضبوط) ڪرڻ لاءِ کيس ڪنهن اهل الله کان ذڪر وٺڻ گهرجي. اهل الله ته ڪيترائي آهن، پر اوهان لاءِ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جي شخصيت موزون آهي. اهڙي قسم جو خط مان ممتاز مهر کي پڻ لکيو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ رهندو هو. شيخ اياز ممتاز مهر سان مشورو ڪري ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان کي ذڪر ڏيڻ لاءِ خط لکيو، خط ۾ اهي لفظ به شامل هيا ته مان بيمار رهان ٿو. ڪراچيءَ مان ٻاهر نڪرڻ جهڙو ناهيان، جڏهن به نڪرڻ جهڙو ٿيس ته حاضري ڀريندس، (يعني بيعت ٿيندس) ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان صاحب شيخ اياز جي انهيءَ خط جي جواب ۾ کيس تفصيل سان ذڪر جو طريقو ٻڌايو. موصوف اهو خط عام ڊاڪ ذريعي شيخ اياز کي موڪلي ڇڏيو. پر اهو خط ڊاڪ جي نذر ٿي ويو، شيخ اياز مون کي لکيو ته ڊاڪٽر صاحب موصوف جو ذڪر جي اجازت بابت اڃا خط نه مليو آهي. چنانچه مون حضرت ڊاڪٽر موصوف کان ذڪر جي اجازت جو نئون خط لکرائي ارجنٽ سروس ميل ذريعي شيخ اياز صاحب ڏانهن موڪلي ڏنو، ٻئي ڏينهن تي ٽيليفون ذريعي خط ملڻ جو اطلاع پڻ ڏنائين. افسوس آهي جو مان شيخ اياز جو ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جي نالي لکيل خط ۽ حضرت ڊاڪٽر صاحب جي پاران ذڪر جي اجازت واري خط جي فوٽو ڪاپي محفوظ نه رکي سگهيس.
    شيخ اياز سان آخري ملاقات ۾ اهو محسوس ٿيو ته کيس ان ڳالهه جو سخت افسوس آهي ته سنڌي نوجوانن ۾ اسلام بابت پيدا ٿيل غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ ۽ نئين نسل جو اسلام تي اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ کيس جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پنهنجي لڳاتار بيماري ۽ غير معمولي جسماني ڪمزوريءَ سبب هو اهو ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر آهي. سندس حسرت هئي ته ڪاش کيس حق ۽ صداقت واري اسلامي فڪر سان آشنائي صحت ۽ توانائي واري دور ۾ حاصل ٿئي ها ته هو اسلامي نظريي جي واڌاري لاءِ پنهنجيون توانايون صرف ڪري ڇڏي ها.
    شيخ اياز جي نئين اسلامي فڪر جي ڪري ترقي پسند حلقي ۾ سندس جيڪا مخالفت ٿي، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته تقريباً زندگي ڀر جا سمورا دوست (سواءِ محمد ابراهيم جويو صاحب جي جيڪو سندس رشته دار پڻ آهي) ساٿ ڇڏي ويا هيا. رسول بخش پليجو شيخ اياز صاحب جي تعزيتي جلسي ۾ چيو آهي ته شيخ اياز پنهنجي اڳوڻي فڪر کي پنهنجو فڪر سمجهڻ لاءِ تيار ناهي، هو پنهنجي پراڻي سموري فڪر کان هٿ کڻي چڪو آهي، ان ڪري اسان جي نظر ۾ نئين فڪر جي ڪري شيخ اياز جي حيثيت باقي نه رهي آهي.
    دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس نصيب فرمائي.
    بشڪريه بيداري سنڌي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,320
    ورتل پسنديدگيون:
    6,861
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شيخ اياز جي آخري دؤر جو ڪردار

    قرآن شريف جي هڪ آيت آهي، مونکا ان جو حوالو وسري ويو آهي ته؛

    “ ڇا جيڪي هدايت تي آهن ۽ جيڪي ڀٽڪيل آهن سي هڪجهڙا آهن”

    مطلب ته بيشڪ شيخ اياز سميت سنڌ ۾ ڪيترائي انسان هئا جيڪي ان ترقي پسند ثقافت جي اثر هيٺ ۽ روس جي دهريت واري نظرئي جي هيٺ اچي اسلام ۽ ديني مخالف ٿي شاعري به ڪندا رهيا ته ماڻهن کي ترقي پسندي طرف به ڇڪيندا رهيا ۔۔۔۽ راهه کان ڀٽڪائيندا رهيا ۔۔۔

    پر جيئن ته دهريت غير فطري نظريو آهي جنهن ڪري پنهنجي موت پاڻ مري ويندو، انڪري دهريت جيڪا ڪارل مارڪس جي نظرئي جي آڌار تي روس مان جنم ورتو ان روس جي ٽٽڻ سان ختم ٿيڻ شروع ڪيو آهي ۔۔۔ پر دين فطري آهي، انسان سان ائين ڳنڍيل آهي جيئن ساهه جون رڳون انڪري اهو ختم ٿي نه ٿو سگهي ۔۔۔

    شيخ اياز جيڪڏهن هڪ سچو مسلمان ٿي ويو هو ته مبارڪون ۽ اسانجون دعائون ته رب العالمين کيس مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ شيخ اياز جا اهي شعر جيڪي آڌي رات جو شراب پيئندي لکيا ويا ۽ اهي شعر جيڪي آڌي رات جو رب کي ياد ڪندي لکيا ويا انهن ۾ فرق آهي ۽ اسانکي سندس اهي شعر قبول ڪرڻ گهرجن جيڪي هن رب جي بارگاهه ۾ بسجود ٿي لکيا هئا ۔۔۔

    باقي اسانجا ديني ۽ مذهبي ڀائر مذهب جي جذبي ۾ اچي اکين تي پٽي چاڙهي قومي تحريڪ ۽ قومي حقن جي خلاف ويندا آهن ان سبب اسين انهن جا به مخالف آهيون ته هو ظلم ۽ انڌ کي ڏسن ۽ دين جي حق ۽ سچ واري نظرئي سان انهن ماڻهن جي مخالفت ڪن جيڪي اسلام جا چولا پائي سنڌ جي ڦرلٽ ڪن ٿا يا جيڪي پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ گهرن ٿا ۔۔۔ اسين انهن مسلمانن ۽ دهرين ۾ ڪو به فرق نه ڪنداسون جيڪي سنڌ جو ظلم ڏسي اکيون بند ڪري صرف هڪ طرفي تسبيح ويٺا پڙهن ۔۔۔ سندن اکين جو آڏو سنڌ سان هزار ظلم ٿيندا هجن پو به چون ته سڀ خئير آهي ۔۔۔ اسين دعا ڪنداسون ته اهڙن ديني ڀائرن جون به اکيون کلن ۽ انڌير کي سڃاڻن ۔۔۔ ۽ حق سچ جا علمبردار ٿين ۔۔۔

    رب العالمين اسان سنڌين کي سڌي راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو