ميهڙ جي مشهور ميندي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    ميهڙ جي مشهور ميندي

    بلقيس فاطمه

    انسان مختلف ارتقائي مرحلا طئي ڪندي هن مقام تي پهتو آهي ۽ اڃا تائين مسلسل ارتقائي مرحلي ۾ آهي. انسان پنهنجي زندگي بسر ڪرڻ لاءِ مختلف شين کي پنهنجي ضرورت جي استعمال هيٺ آڻيندو رهيو آهي. انسان جي هڪڙي فطرت آهي ته هر ماڻهو اهو چاهي مرد يا عورت هو پنهنجي پاڻ کي هيرو محسوس ڪري ٿو ۽ پنهنجي پاڻ کي ٺاهڻ لاءِ سٺيون شيون کائڻ ۽ سٺا لباس پائڻ ۽ پنهنجي سونهن جي نکارڻ لاءِ مختلف شيون استعمال ڪرڻ، اها سندس فطرت رهي آهي.
    ائين ئي ميندي به انسان هزارين ورهين کان استعمال ڪندو رهيو آهي. ميندي اسلامي حوالي سان سنت پڻ قرار ڏني وئي آهي ڇاڪاڻ ته حضور صلي الله عليه وسلم سائين جن پاڻ به ميندي استعمال ڪئي. انهيءَ لاءِ ان کي سنت قرار ڏنو ويو.
    ميندي سونهن سان گڏ جسم جي گرمائش کي ختم ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪئي ويندي آهي. اسان وٽ ٻهراڙين ۾ اڪثر گرمين جي موسم ۾ پهرين مٿي تي ميندي هنئي ويندي آهي پوءِ هٿن ۽ آخر ۾ پيرن کي لڳائي ويندي آهي ته جيئن جسم جي گرمائش کي ٿڌو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته ميندي جو اثر ٿڌو هوندو آهي.
    انسان چاهي مرد هجي يا عورت وقت گذرڻ سان گڏ جيئن عمر وڌندي آهي ته ڪارا وار ساٿ ڇڏي ويندا آهن، پوءِ انهن کي لڪائڻ لاءِ هڪڙا ماڻهو ڪاري رنگ جو خضاب استعمال ڪندا آهن ته ٻيا وري ميندي جو سهارو وٺي جوان نظر اچڻ جا جتن ڪندا آهن. ايئن ئي سنڌ جي ميهڙ شهر جي ميندي به هر هنڌ مشهور ۽ مقبول آهي. ڇاڪاڻ جو ميهڙ شهر جي مٽي ميندي جي فصل لاءِ تمام بهترين آهي. هن مٽيءَ جو اثر مينديءَ جي فصل تي تمام گهڻو ٿئي ٿو. مينديءَ جي پهرين فصل کي ڪٽڻ کان پوءِ ميندي پاڻ ڦٽي پوندي آهي. مينديءَ جا ٻه فصل ٿين ٿا، هڪ رواجي فصل جيڪو مارچ مهيني ۾ ٿئي ٿو ۽ ٻيو فصل آگسٽ مهيني جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو ان مينديءَ کي ڇترن جي ميندي سڏبو آهي.
    ميهڙ جي ميندي پنهنجي رنگ جي ڪري ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ مشهور آهي. هيءَ ميندي پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ موڪلي وڃي ٿي. ان کان سواءِ انڊيا، سعودي عرب، دبئي ۽ ٻين ڪيترن ئي مسلمان ملڪن سان گڏ آمريڪا ڏانهن پڻ موڪلي وڃي ٿي.
    ميهڙ جي مينديءَ جا ڪيترائي ڪارخانا آهن جن ۾ عبدالرحيم عباسي ۽ ان جي اولاد عبدالجبار، عبدالغفار، شيخن جا ڪارخانا ۽ خاصخيلي برادران مشهور آهن. هتان جي مينديءَ جي باري ۾ سنڌ ۽ سرائڪي علائقن جي ماڻهن لاڏن ۽ سهرن ۾ پڻ ذڪر ڪيو آهي. هن مينديءَ جي باري ۾ مشهور آهي ته هيءَ خاص طور تي گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ استعمال ٿئي ٿي ۽ ان جي باري ۾ هڪ مشهور سهرو آهي ته ”هٿين گل ميندي پيرين گل ميندي“ مطلب ته ميهڙ جي ميندي پوري دنيا ۾ هڪ خاصيت رکي ٿي.
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    ادا عمران خدارا يار مون واري ڪراڙي به سدائين مون کي طعنا ڏيندي آهي ته جهونو ٿي ويو آهين يار ڏاهو ٿي ٻيلي ٻه ٽي ڪلو هيڏي به مهندي جا ڏياري موڪل يار من اسان جهوني تي ڪو رعب ڄمائي سگهون شهپرن کي ڳاڙهو ڪري پوء اهو ڪلام ڳايون ته اڀي تو مين جوان هون ۔ ۔ شباب هي شباب هون
     
  3. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    ادا عمران اهڙو سهڻو ليک ونڊ ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني، ميهڙ جي مشهور ميندي جي ياد ڏياريو۔ باقي ادا علي علي کي کپي ته کيس فيڪس ڪيونس!!! سائين نمبر موڪليندا۔ اجهو هاڻ اوهان ڏي موڪليون ٿا۔@};-@};-@};-
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    ادا جي اوهان وٽ اسان جو نمبر ناهي ته بس اسان ميدي کان ئي بس کئي سين بابا
     
  6. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    نه ادا نه اسان وٽ نمبر موجود ڪونهي پر دل تي لکيل آهي جيڪو ڪڏهن ڪونه وسرندو؟
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    ادا جي دل تي لکيل آهي ته پوء ادا ميندي به سان کي بلوٽوٿ ڪري موڪلي ڏيو
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    ها ادا توهان پنهنجو بس بليو ٽوٿ آن رکو اجهو ٿي اچي .
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    ادا بس بلوٽوٿ آن ڪري رکيم ته ادا موبائل جي بيٽر ئي ختم ٿي وئي پر ميندي ڪانه پهتي ابا اهي ٿي حال ميهڙ وارن جا بابا
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    ادا بس بلوٽوٿ آن ڪري رکيم ته ادا موبائل جي بيٽر ئي ختم ٿي وئي پر ميندي ڪانه پهتي ابا اهي ٿي حال ميهڙ وارن جا بابا هن جي ڳاله وانگر آسرن ۾ اسان کي رلائي ڇڏيئي مطلب ته ميهڙ وارن
     
  11. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    محترم آسرن ۾ ته الله سائين به رکيو آهي باقي اميدن تي دنيا قائم آهي سائين، ميهڙ وارن جو ڪهڙو قصور ادا جڏهن ۔۔۔۔۔۔۔!!!!
     
  12. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    ادا ميهڙ وارن کي اهو ڊڄ ٿي پيو آهي ته شايد اسان مهندي سان هٿ ڳاڙها ڪندا سي ۽ سڀاڻي ان هٿن ڳاڙهن ڪرڻ واري طوفان جي سٽ ۾ اوهان به نه اچي وڃو ان ڪري سان ڏانهن ميندي نه پيا موڪيلو پر ادا يقين ڪيو اسان جو بابا ڏاڙهي ڳاڙهي ڪرڻي آهي صرف ڏاڙهي بابا جهوني طعنا ڏئي ڏئي ڪري اصل صفا جهونو بڻائي ڇڏيو آهي ڪجه سار لهو فقير جي بابا
     
  13. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    ادا ميندي ته اسان موڪليون پر ڪٿي موڪليون توهان آهيو انٽر نيشنل تنهن ڪري ڊپ اهيو ٿو ٿئي ته توهان هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ ڏي ٿا هليا نه وڃو۔
    بابا ائين نه ڪيو ايڊريس هڪ ملڪ جي ۽ جڏهن ڪا شي موڪلي سون ته سائين انٽرنيشنل جو ڪو اتو نه پتو ، ويو گدا شفا تي ۽ ڪٿي اهيا غريب فقيراڻي کي به خبر ڪونهي۔ ادا ميندي اوهان کي ملندي پر ڪجهه انتظار ڪر آخرڪار بلوٽوٿ به باڊر ڪراس ڪري انهي ۾ به ڏينهن لڳندا ٻه ٽي بيٽريون هٿ ڪري رک ادا پريشان نٿي مٺا۔
     
  14. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    ادا ميهڙ ته مهر ۽ محبتن جو مرڪز آهي اتان جي ماڻهن لا انٽر نيشنل فقير جي زبان تي اهڙا ڪلما سونهن نٿا،
     
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    مهندي هڻڻ جا ڪجهه رنگ ،،، اسانجي گهرن ۾ ادڙيون شادي مرادي تي ۽ عيد برات تي مهندي هڻن جو خاص احتمام ڪنديون آهن ۔۔۔ اچو ته ڏسون ۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=5an7H9aRlLw
     
  16. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: ميهڙ جي مشهور ميندي

    ادا توهان واري ونڊ ته تمام ڪارائتي هئي اسان جي ادڙين لا‌تمام بهترين ادا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو