قرآني معلومات۔۔۔۔

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو سنڌي شاگردن جي معلومات جي اضافي لاءِ هن سيڪشن کي بڻايو ويو آهي۔۔۔ جنهن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هن تحرير کي شامل ڪيو پيو وڃي۔۔۔ ان سلسلي ۾ مان هتي قرآن پاڪ جي معلومات سوالن جوابن جي صورت ۾ شروع ڪري رهيو آهيان۔۔۔ ساٿين کي گذارش آهي ته جيڪڏهن قرآن پاڪ بابت جيڪڏهن ڪا وڌيڪ معلومات آهي ته ننڍن سوال جوابن جي صورت ۾ هتي موڪلين ته جيئن اسڪول جي استادن ۽ شاگردن کي هڪ هنڌان ئي سموري معلومات ملي سگهي۔۔۔۔۔

    قرآني معلومات​


    سوال؛ لفظ قرآن جي معنيٰ ڇا آهي؟
    جواب؛ جيڪو تلاوت ڪيو وڃي..
    سوال؛ قرآن پاڪ جي اکرن جي تعداد ڪيترو آهي؟
    جواب؛ 323760
    سوال؛ قرآن پاڪ جي آيتن ۽ رڪن جو تعداد ڪيترو آهي؟
    جواب؛ آيتون 6666 ۽ رڪوع 540 آهن...
    سوال؛ قرآن پاڪ ۾ زبرون، زيرون ۽ پيش جي تعداد ڪيتري آهي ۽ اهي ڪنهن لڳايون؟
    جواب؛ زبرون 53223، زيرون 39582 ۽ پيش 8804 آهن.... ۽ هي حجاج بن يوسف لڳايون....
    سوال؛ قرآن پاڪ ۾ مڪي ۽ مدني سورتن جي تعداد ڪيتري آهي؟
    جواب؛ مڪي سورتون 86 ۽ مدني سورتون 28 آهن...
    سوال؛ قرآن پاڪ جي سورتن کي مڪي ۽ مدني ڇو چيو ويندو آهي؟
    جواب؛ قرآن پاڪ جون اهي سورتون جيڪي هجرت کان پهريان يعني مڪي پاڪ ۾ نازل ٿيون ان کي مڪي سورتون ۽ جيڪي هجرت کان پوءِ يعني مديني ۾ نازل ٿيون ان کي مدني سورتون چيو ويندو آهي...
    سوال؛ قرآن پاڪ ۾ اها ڪهڙي سورت آهي جنهن جي شروع ۾ نه بسم الله لکي ويندي آهي ۽ نه وري پڙهي ويندي آهي؟
    جواب؛ سورت توبه
    سوال؛ قرآن پاڪ جي اها ڪهڙي سورت آهي جنهن کي قرآن جي زينت ڪري چيو ويندو آهي؟
    جواب؛ سورت رحمان
    سوال؛ قرآن پاڪ ۾ لفظ الله ڪيتري دفعا ۽ حضور اڪرم ﷺ جن جو نالو ڪيتي دفعا آيو آهي؟
    جواب؛ لفظ الله 2697 دفعا ۽ لفظ محمد ﷺ 4 دفعا
    سوال؛ قرآن پاڪ جي سڀ کان پهريون حافظ ڪير هو؟ پاڻ سڳورن جي رحلت جي وقت حافظن جو تعداد ڪيترو هو؟
    جواب؛ سڀ کان پهريون حافظ حضرت محمد ﷺ جن هئا ۽ سندن وصال جي وقت ڪل 22 حافظ هئا...
    سوال؛ قرآن پاڪ کي سون جي پاڻي سان لکڻ واري شخص جو نالو ڇا آهي؟
    جواب؛ قطبه حضرت امير معاويه رضي الله تعاليٰ عنه جي حڪومت ۾ لکيو...
    سوال؛ قرآن مجيد ۾ ڪل ڪيترا سجدا آهن ۽ پهريون سجدو ڪهڙي سيپاري ۾ آهي؟
    جواب؛ ڪل 14 سجدا آهن ۽ پهريون سجدو نائين سيپاري ۾ آهي...
    سوال؛ قرآن پاڪ کي ڪهڙي خليفي جي زماني ۾ ڪتابي صورت ڏني وئي؟
    جواب؛ پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جي زماني ۾ 75 اصحابين گڏجي قرآن پاڪ کي ڪتابي شڪل ڏني...
    سوال؛ قرآن پاڪ ۾ انهن ٽن هستين جا نالا ٻڌايو جيڪي نبي ته نه هئا پر انهن جو ذڪر سٺي انداز ۾ ڪيل آهي؟
    جواب؛ حضرت لقمان، عزيزِ مصر ۽ سڪندر ذوالقرنين
    سوال؛ قرآن پاڪ ۾ ڪهڙين مسجدن جو ذڪر ٿيل آهي؟
    جواب؛ مسجدِ حرم، مسجدِ اقصيٰ، مسجدِ نبوي، مسجدِ قباء، مسجدِ ضرار
    سوال؛ هر ڪتاب جو ڪو نه ڪو موضوع ضرور هوندو آهي قرآن پاڪ جو موضوع ڇا آهي؟
    جواب؛ انسان (اشرف المخلوقات)
    سوال؛ قرآن پاڪ جي ڪهڙي آيت کي آيتن جي سردار چيو ويندو آهي؟
    جواب؛ آيت الڪرسي
    سوال؛ ڪهڙي سورت ۾ بسم الله ٻه دفعا اچي ٿي ؟
    جواب؛ سورت نمل
    سوال؛ قرآن پاڪ جي ڪيترين جڳهين تي اعراب جي غلطي ڪفر تائين پهچائي سگهي ٿي؟
    جواب؛ 20 جڳهين تي
    سوال؛ اها ڪهڙي قوم آهي جنهن کي الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ نافرمان فرمايو آهي؟
    جواب؛ بني اسرائيل
     
  2. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ادا رمضان لائي هي هڪ انمول تعفو آهي
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه ادا واهه تمام بهترين شيئرنگ آهي، مٺا توهان جي انهن ناياب شيئرنگس جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ادا
    تمام بهترين شيئرنگ آهي توهان کي خدا تعالي ان جو اجر ضرور ڏيندو .
     
  5. عبدالخالق شيخ

    عبدالخالق شيخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 مئي 2015
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ادا ڀائو قرآن پاڪ ۾ آيتن جو تعداد6238 آهي ۽ رڪوع جو تعداد 557 آهي.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو