سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ کي ڀوڳي رهي آهي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ کي ڀوڳي رهي آهي يا سنجيدگيءَ جي کوٽ کي؟
    نصير ميمڻ
    23 جون تي جڏهن صدر آصف زرداري پنهنجي اباڻي شهر نوابشاهه ۾ موجود هيو ته سڄي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي دانهن شروع ٿي وئي، جڏهن سنڌ کي هڪ لک 70 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهربل هو، ان کي 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملڻ شروع ٿيو. جنهن خلاف سنڌ ۾ خاص طور تي ڦٽين ۽ سارين جي آبادگارن ۾ هاءِ گهوڙا مچي وئي. سارين جا آبادگار اڳ ۾ ئي پاسڪو جي زيادتين مان چيلهه سڌي ڪري نه سگهيا هئا ته مٿان وري هن مهل تي پاڻيءَ جي ايتري کوٽ سندن ايندڙ فصل کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو. هڪ پاسي سنڌ ۾ خريف جي فصلن لاءِ پاڻي دستياب نه هو ته ٻئي پاسي تربيلا ۾ پاڻي ڪٺو ٿي ڪيو ويو. اي اين جي عباسي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي رپورٽ ۾ اڳي ئي اها نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ڊيمن ۽ لنڪ ڪئنالن جي ريگيوليشن جو ڪو مڪينزم موجود ناهي، تنهن ڪري واپڊا مرضيءَ جو مالڪ آهي، جڏهن وڻيس جيترو پاڻي وهائي ۽ جيترو روڪي ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو تريبلا ۽ چشما ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ کان سواءِ تونسا-پنجند ۾ به پاڻي وهايو ٿو وڃي.
    ڊيمن جي ريگيوليشن جو نظام نه هجڻ جو چٽو ثبوت هي آهي ته جهلم ندي جنهن جي مٿان منگلا ڊيم ٺهيل آهي، ان ۾ پهرين چاڙهه اچي ٿو، جنهن جو پاڻي منگلا ۾ پنجاب جي استعمال لاءِ ڪٺو ڪيو وڃي ٿو. هي اهو وقت هوندو آهي، جڏهن سنڌ ۾ خريف جي پوکائي ٿي رهي هوندي آهي. اصولي طور جيڪڏهن ملڪ اندر پاڻيءَ جي سمورن وسيلن کي هڪ مربوط نظام هيٺ ڏنو وڃي ته پوءِ تربيلا مان پاڻي نه اچڻ جي صورت ۾ خود منگلا ڊيم مان سنڌ کي پاڻي ملڻ گهرجي، پر ان جي ابتڙ اتي پاڻي جمع ڪيو وڃي ٿو، جيڪو صرف پنجاب صوبي لاءِ مخصوص آهي.
    1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ هر ڏهن ڏينهن لاءِ بئراجن ۽ ڪينالن ۾ پاڻيءَ جي وهڪري جو مقدار طئي ڪيل آهي. جيڪڏهن پاڻي ٺاهه ۾ ڏنل وهڪرن کان وڌيڪ اچي وڃي ته پوءِ ان جي ورهاست جو به فارمولو ڏنل آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته اهو ساڳيو فارمولو کوٽ جي صورتحال ۾ ڇو نٿو لاڳو ٿئي ۽ ان لاءِ تاريخي وهڪرن وارا انگ اکر ڇو ٿا ورتا وڃن. ان جو واحد ڪارڻ اهو آهي ته تاريخي وهڪرن جي انگن اکرن ۾ پنجاب کي فائدو آهي. گذريل سال به 1991ع واري ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ سبب سنڌ کي ڏيڍ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهٽ ۽ پنجاب کي منو ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڌيڪ مليو، تنهن ڪري 82-1977ع واري تاريخي وهڪري جي بنياد تي کوٽ واري حالت ۾ پاڻيءَ جي ورهاست سان سنڌ کي نقصان ئي ٿيڻو آهي. اها خود 91ع واري ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهي. بدقسمتيءَ سان اها روايت به 1994ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وڌي، جنهن کي مشرف جي دور ۾ قانون واري وزارت به غير قانوني قرار ڏئي چڪي آهي، پر ان جي باوجود 1991ع واري ٺاهه مطابق پاڻي ورهاست تي عمل نه پيو ڪيو وڃي.

    25 هين جون تي ڪراچيءَ ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته تونسا-پنجند جو وهڪرو گهٽائي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي صورتحال کي بهتر بنايو وڃي. پيپلز پارٽي جي وزيرن ان تي بيان جاري ڪرڻ شروع ڪيا ته آصف زرداريءَ سنڌ جي پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪرائي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جا وزير يا ته پاڻ سادا آهن يا وري سنڌ کي عقل کان وانجهو سمجهن ٿا. صرف ٻن ڏينهن اندر اها ڳالهه وائکي ٿي وئي ته ملڪ جي پاڻيءَ واري ڪامورا شاهي صدر صاحب جي حڪم کي هڪ پاسي رکندي ڊيمن ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو جاري رکيو ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪئنال جو وهڪرو به ٻيهر وڌائي ڇڏيو. ويتر ان سڄي معاملي کي ابتو رنگ ڏئي پنجاب اسيمبليءَ ۾ ٻائيتال مچايو ويو. پنجاب اسيمبليءَ ۾ چوريءَ مٿان سينا زوري ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن جيڪي تقريرون ڪيون، انهن واضح ڪري ڇڏيو ته پنجاب اسيمبليءَ جي ميمبرن کان سنڌ کي پاڻيءَ جو رڳو پنهنجو جائز حصو گهرڻ به برداشت نٿو ٿئي.
    هڪ ڳالهه جنهن سان بنيادي اختلاف ڪري سگهجي ٿو، سا آهي صدر صاحب جو ذاتي طور ان معاملي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ. اصولي طور اهو ڪم ادارن جو آهي ۽ ارسا کي اهو مينڊيٽ حاصل آهي ته اها 1991ع واري ٺاهه هيٺ صوبن ۾ پاڻيءَ جي ورهاست کي يقيني بڻائي. جيڪڏهن ارسا پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿي ته اصولن ۽ ضابطن موجب ارسا ۾ ويٺل ذميوار عملدارن مٿان ضابطي هيٺ قدم کڻڻ گهرجي، نه ڪي معاملو صدر صاحب وٽ پهچائجي. جيڪڏهن ارسا ان تڪرار کي نٿي نبيري سگهي ته پوءِ اهو گڏيل مفادن واري ڪائونسل وٽ وڃڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان پيپلز پارٽي حڪومت ڏيڍ سال گذرڻ جي باوجود گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي بحال نه ڪري سگهي آهي، جيڪا نه رڳو آئيني گهرج آهي، پر اهو خود ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو هڪ مطالبو پڻ رهيو آهي. ان صورتحال ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل يا ڪابينا ۾ معاملي جو حل ڳولڻ بجاءِ جڏهن صدر صاحب کي سڌا حڪم جاري ڪرڻا پيا ته پنجاب کي دانهن ڪرڻ جو ڄڻ ته وجهه ملي ويو. بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته جيستائين ادارا فعال نه ٿيندا ۽ آئيني گهرجن هيٺ ڪردار ادا نه ڪندا، تيستائين صدر صاحب جي حڪمن سان معاملا ٺيڪ نه ٿي سگهندا. مثال طور کڻي اهو مڃجي به ته صدر صاحب جي مداخلت سان مسئلو جزوي طور ۽ وقتي طور حل ٿي به وڃي ته به جيڪڏهن ٻه چار هفتا بعد وري اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ته پوءِ ڇا ڪبو؟ يعني پوءِ وري ايوان صدر کي ساڳي قسم جو جرڳو ڪوٺائڻو پوندو، تنهن ڪري اها ائپروچ غلط آهي. ماضيءَ ۾ صدر مشرف مالياتي ايوارڊ واري مسئلي تي ساڳيو طريقو اختيار ڪيو، جنهن جو نقصان اڃا تائين ڀوڳجي پيو.
    شايد پيپلز پارٽيءَ کي اها ڳالهه بعد ۾ سمجهه ۾ آئي، جڏهن اهو چيو ويو ته ارسا اهڙو فيصلو اڳي ئي ڪري چڪي هئي ۽ اهو رڳو صدر صاحب جي اڳيان پيش ڪيو ويو. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ پ پ پ جي وزيرن کي پهرين ڏينهن اهي بيان نه ڏيڻ گهرجن ها ته صدر صاحب پاڻ ويهي سنڌ جي پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ ارسا جي ڪردار تي سوال اٿاري سگهجن ٿا. ٻئي ڏينهن اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي آبپاشيءَ واري وزير گريٽر ٿل ڪئنال جي مخالفت نه ڪرڻ بابت عجيب و غريب دليل ڏئي سنڌ جي ماڻهن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. گريٽر ٿل ڪئنال 1991ع جي ٺاهه وقت، ڏهاڪي وار پاڻيءَ جي وهڪري واري جدول ۾ پنجاب پاران زوريءَ داخل ڪيو ويو. اها جدول 1977ع کان 1982ع دوران پاڻيءَ جي وهڪرن کي نظر ۾ رکندي ٺاهي وئي هئي. ان عرصي ۾ گريٽر ٿل ڪئنال جوڪو به وجود نه هئو، پر پنجاب ان جي وهڪرن کي زبردستي ان جدول جو حصو بنائي ڇڏيو. گريٽر ٿل ڪئنال جي دستاويزن موجب ان رٿا ۾ 246 ميل ڊگهو مکيه واهه کوٽڻو آهي، جنهن مان 1230 ميلن جون ڊسٽريبيوٽريز ۽ مائينرس ۽ 1475 ميل جي وڏي ڊيگهه جا واٽر ڪورس نڪرڻا آهن.
    ڪئنال وارو منصوبو سنڌ جي شديد مخالفت جي باوجود مشرف دور ۾ زبردستي شروع ڪرايو ويو، جيڪو مڪمل ٿيڻ تي سنڌوءَ مان 1.87 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کڻندو. سنڌ ۾ هن منصوبي خلاف شديد ردِعمل ٿيو ۽ سڄي سنڌ ۾ ان مسئلي تي هڪ تحريڪ شروع ڪئي وئي. پيپلز پارٽي ان تحريڪ ۾ تڏهوڪي مخالف ڌر جي حيثيت ۾ اڳڀرو ٿي بهرو ورتو ۽ سيد قائم علي شاهه ته اينٽي گريٽر ڪئنال ڪميٽيءَ جو سربراهه به بنيو (۽ اڃا تائين اها ڪميٽي ختم نه ٿيڻ سبب ان جو سربراهه آهي). پر پنهنجي روايت کي پاڻي ڏيندي پيپلز پارٽي، حڪومت ۾ ايندي شرط نه رڳو ان تحريڪ کان منهن موڙي ڇڏيو، بلڪه ان رٿا لاءِ رقمون به رکيون ويون. سنڌ جي آبپاشيءَ واري وزير پيپلز پارٽيءَ جي ان پوزيشن جي دفاع ڪرڻ لاءِ عجيب دليل ڏنو آهي ته هاڻي حڪومت ان رٿا تي 8 ارب رپيا خرچ ڪري چڪي آهي، سو ڪهڙي منهن سان چئون ته اها رٿا بند ڪريو! آبپاشيءَ واري وزير جي ان دليل کي ڪير به تسليم نٿو ڪري سگهي. بينظير ڀٽو صاحبه جي ٻئي حڪومتي دور ۾ ڪيٽي بندر لاءِ هڪ جامع رٿا جو اعلان ٿيو هو. ان رٿا مطابق ڪيٽي بندر وٽ پورٽ ٺهڻو هو ۽ گورڊن وو ٿر جي ڪوئلي جي شروعاتي اسٽڊيز لاءِ سنڌ ڪول اٿارٽي وٽ 125 ملين ڊالرز به جمع ڪرايا هئا. ان رٿا هيٺ ڄامشورو کان ڪيٽي بندر تائين 220 ڪلو واٽ جي پاور ٽرانسميشن لائن به وڇائڻي هئي ۽ ڪوئلي کي ڪيٽي بندر تائين پهچائڻ لاءِ ريلوي لائين وڇائڻ جو به منصوبو هئو. ان رٿا کي به جڏهن نواز شريف جي ٻي حڪومت اچي ختم ڪيو ته ان تي به قومي ناڻي مان اربين رپيا خرچ ٿي چڪا هئا. ڇا ان وقت ڪنهن پنجاب مان اٿي بيهي چيو ته ان رٿا تي هيترا ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري ان کي اڌ ۾ ختم نه ڪيو وڃي؟ ڇا اهي پئسا قومي ناڻي مان خرچ نه ڪيا ويا هئا. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته قومي ناڻي سان محبت جو اهو شديد اظهار رڳو سنڌ دشمن منصوبن وقت ئي نظر اچي ٿو. ساڳي طرح اهو به سوال ڪري سگهجي ٿو ته گريٽر ٿل ڪئنال مڪمل ٿيڻ بعد جڏهن پاڻيءَ جو ايڏو مقدار ان ۾ وهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ زرعي پاڻيءَ جي جيڪا کوٽ ٿيندي ۽ ان جي ڪري ايندڙ سالن ۾ اربين رپين جو جيڪو نقصان سنڌ ۽ پاڪستان جي ناڻي کي ٿيندو، ان جو ڪنهن کي احساس ڇو نه ٿو ٿئي؟ گريٽر ٿل ڪئنال جي شروعاتي ڪٿيل رقم 30-ارب رپيا هئي، جيڪا هينئر تائين وڌي 40-ارب رپين تائين پهچي چڪي هوندي. ان لحاظ کان 8-ارب رپيا ان رٿا جي ڪل لاڳت جو 20 سيڪڙو مس بنجي ٿو. جيڪڏهن مسئلو 8-ارب رپين جو خرچ آهي ته سنڌ جي هن سال واري 75 ارب رپين جي بجيٽ مان حڪومت اهي 8 ارب رپيا پنجاب سرڪار کي ڀري ڏئي يا کڻي سنڌ جي ماڻهن کي چندي جي اپيل ڪري. سنڌ جا ماڻهو ان رٿا کي سنڌ جو پاڻي ڀنگ لاءِ اغوا ٿيل تصور ڪري 8 ارب رپيا ڀري ڏين ته جيئن قومي ناڻيءَ جي ان عظيم نقصان وارو مسئلو به حل ٿي وڃي. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن آبپاشي وزير جي ان دليل کي مڃي ڇڏجي ته پوءِ پنجاب کي اهو حق ڏيڻو پوندو ته اهو ڪالاباغ ڊيم سميت جنهن به تڪراري رٿا تي اٺ ڏهه ارب رپيا لڳائي ڇڏي ته ان تي ڪو به اعتراض نه واربو. ڪهڙي خبر ته سڀاڻي پنجاب اهو ثابت ڪري ويهي ته ان اکوڙي ڊيم ۽ منڊا ڊيم تي ڏهه ارب رپيا خرچ ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري اهي به ٺهڻ گهرجن. هاڻي ڀلا ساڳي دليل هيٺ جيڪڏهن سڀاڻي هندستان چوي ته اسان ڪشن گنگا پراجيڪٽ تي هيترا ارب خرچ ڪري چڪا آهيون ته ڇا اسان ان رٿا خلاف پنهنجي موقف تان هٿ کڻي وينداسين؟ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پيپلز پارٽي حڪومت به ماضي جي حڪومتن جيان پاڻيءَ واري معاملي تي اها ساڳي روش جاري رکندي يا مخالف ڌر واري دور ۾ سنڌ جي ماڻهن سان ان مسئلي تي ڪيل واعدن ۽ مطالبن پاسي به ڪو ڌيان ڏيندي؟ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پاڻيءَ واري مسئلي کي ايڊهاڪ بنيادن تي گهلڻ بجاءِ ان مسئلي جو ڪو مڪمل حل ڪڍي. ان ڏس ۾ هيٺان ڪم هيءَ حڪومت ڪري سگهي ٿي ۽ وفاقي حڪومت اڳيان پنهنجو اصولي موقف چٽن لفظن ۾ رکي سگهي ٿي.
    • انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) 1991ع واري ٺاهه جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي ۽ ان جو بنيادي ڪردار ملڪ اندر 1991ع واري پاڻي ٺاهه هيٺ پاڻيءَ جي ورهاست کي يقيني بنائڻ آهي. جيڪڏهن 1991ع واري ٺاهه تي عمل نٿو ٿئي، ته پوءِ ارسا جي پنهنجي وجود جو ڪو به اصولي ۽ اخلاقي جواز نٿو رهي، تنهن ڪري ارسا جي ڪردار کي چڱيءَ ريت ڏٺو وڃي. ان لاءِ دنيا ۾ پاڻيءَ جي مامرن تي عالمي ساک رکندڙ ڪنهن اداري کان ارسا جي گذريل 19 سالن جي ڪردار جي اڻ ڌري پرفارمنس آڊٽ ڪرائي اهو طئي ڪيو وڃي ته ڇا هيءُ ادارو پنهنجو اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪري سگهيو آهي يا واپڊا جيان ڪنهن هڪ صوبي جي مفادن جي نگهباني ڪندو رهيو آهي؟
    • 1991ع واري ٺاهه تي اعتراضن جي باوجود اها حقيقت آهي ته ان کي آئيني حيثيت حاصل آهي. ان کان پوءِ 1994ع واري وزارتي فارمولي ۽ 2003ع واري ٽه رخي فارمولي جي ڪا به آئيني ۽ قانوني حيثيت ناهي. انهن کي بنا دير ڪالعدم قرار ڏئي پاڻيءَ جي ورهاست پاڻي ٺاهه موجب يقيني بنائي وڃي.
    • سنڌ حڪومت پاڻيءَ جي حق بابت آبپاشي کاتي جي ڪامورا شاهيءَ تي نه ڀاڙي، جنهن گذريل حڪومتن جي دور ۾ سنڌ جي مفادن بجاءِ وقت جي حڪمرانن جي تعبيداري ڪندي ڪرسيون بچائڻ لاءِ سنڌ جي پاڻيءَ جو سودو ڪيو آهي. اها ساڳي ڪامورا شاهي سنڌ اندر پاڻيءَ جي چوري ۽ ناجائز وڪري جي ڪاروبار ۾ ملوث آهي، ان ڪري سنڌ ۾ پاڻيءَ جي مسئلي کي مجموعي طور نظر هيٺ رکڻ لاءِ پاڻي ماهرن، آبادگارن ۽ سول سوسائيٽي جي نمائندن تي ٻڌل هڪ اڻ ڌري ڪميٽي قائم ڪري. جيڪڏهن پ پ حڪومت کي پاڻيءَ واري معاملي تي ڪو سنجيده ڪردار ادا ڪرڻو آهي ته پوءِ پاڻي وارن معاملن کي شفاف بنائڻ لاءِ ان نوعيت جا غير روايتي قدم کڻي.
    • پاڻيءَ سان لاڳاپيل تڪراري رٿائن 1991ع جي ٺاهه تي عمل کي يقيني بنائڻ ۽ 1994ع ۽ 2003ع وارا فارمولا هميشه لاءِ ختم ڪرائڻ لاءِ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي جوڙجڪ ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کان باضابطه گهر ڪئي وڃي ۽ ضرورت پوي ته سنڌ اسيمبليءَ مان ان لاءِ ٺهراءُ به منظور ڪرائي. وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي.
    • 19 سالن دوران ارسا جي غلط فيصلن سبب سنڌ کي پاڻيءَ جي شيئر جي حوالي سان ٿيل نقصان جي مڪمل رپورٽ تيار ڪري عوام اڳيان پڌري ڪئي وڃي. ڀلي ان جي عيوض سنڌ کي هڪ رپيو به نه ملي، پر تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ تاريخ جو رڪارڊ ته درست ڪري سگهبو.
    • سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي پاڻيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ روزانو ويب سائيٽ ۽ ميڊيا پڌراين وسيلي هر بيراج ۽ ڪئنال جي وهڪرن جا انگ اکر جاري ڪري ته جيئن سنڌ جا ماڻهو اهو ڄاڻي سگهن ته 1991ع ٺاهه موجب سنڌ ۽ ٻين صوبن جي واهن ۾ ڪيترو پاڻي وڃڻو هو ۽ دراصل ڪنهن کي ڪيترو پاڻي فراهم ڪيو ويو. اهي انگ اکر روزاني بنيادن تي عوام تائين پهچائي ته به عوام کي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي.
    اهي ڪجهه قدم کڻڻ سان پيپلز پارٽي حڪومت پاڻيءَ واري معاملي جي حوالي سان سنڌ ۾ پنهنجو اميج به بهتر ڪري سگهندي ۽ سنڌ جي پاڻيءَ واري حق جي حوالي سان هڪ ساراهه جوڳو ڪردار به ادا ڪري سگهندي. پاڻيءَ وارو مسئلو غير معمولي اهميت وارو آهي، تنهن ڪري پ پ حڪومت کي سنڌي عوام جي نمائندگيءَ جو حق ادا ڪرڻ لاءِ غير معمولي جرئت ۽ ڪمٽمينٽ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.
     
  2. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    نثار صاحب توهان جي ڳالهيون تمام گهڻيون سٺيون آهن!!! پر هڪ ڳالهه مان به چوندس پنهنجن دوستن جي ڄاڻ لئه پاڪستان ۾ 75٪ سيٽون سنڌ مان وڃن ٿيو پر اسان جا حڪمران ڇو نٿا اسان سنڌين کي اڳتي وڃڻ ڏين ؟؟؟ سڀ دوست پنهنجي راءِ ڏيئي سگهن ٿا
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوست جهانداد،
    الله اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ...
    دوست هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪندا ته 75 فيصد سيٽون يا 75 فيصد آمدني سنڌ مان ٿئي ٿي؟
    ٻي ڳالهه ته اسانجا حڪمران غلامن جا به غلام آهن ... اهي پنهنجن آقائن جي اشارن تي هلن ٿا ۽ اسانجا آقا ڪڏهن به نه چاهيندا ته سنڌي پاڻ ڀريا ٿين ... جي اسين سنڌي پاڻ ڀريا ٿي وياسون ته پوءِ سندن اهي ڌاڙا ڪيئن ڦٻندا جي هو هر وقت هڻندا رهيا آهن ...
    ادا سائين هڪ سوال ته ڇا ٻٻرن به ڪڏهن ٻير ڏنا آهن ؟؟؟
    نه ....
    ته پوءِ اسانجون اميدون ڪنهن ۾ آهن ٻٻرن ۾ يا ٻيرن ۾؟؟؟
    هڪ اميد آهي الله ۾ ته ڪي غازي مرد پئدا ٿين ... ڪي دولهه. هوشو ۽ دودا پئدا ٿين، نه ته ڀائڙا چورن جي بازار ۾؛
    انصاف لئه ٻاڏائڻ ... مٽي مٿي پائڻ
    وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو ....
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين توهان بلڪل سچ چئي رهيا آهيو، سائين منهنجا پر آخر سنڌين سان اِها ويڌن ڇو آهي۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    جيستائين اسان پاڻ اڳتي اچي پنهنجو حق نه وٺنداسين اهي ليڊر اسان جي حقن لا۽ ڪڏهن به نه ڳالهائيندا ادا

    sindhsalamatsaathsal
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سچ فرمايو آهي فقير سائين۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا فقير ڦلپوٽي جي ڳالهه کان مان به متفق آهيان۔۔۔۔

    باقي سائين جيڪي اسان جا ڪامورا آهن سي سڀ ويڪو آهن۔۔۔ شال اها دعا گهرو ته هن سنڌ کي نه ڪٿي ويچن۔۔۔۔ الله سائين پنهنجي امان ۾ رکندو اسان جي جيجل سنڌ امڙ کي۔۔۔ باقي انهن جي افعالن جي ڪنهن کي خبر ناهي۔۔۔۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀائڙا عبدالوهاب؛ ان سوال جو جواب ته ڏاڍو ڊگهو ۽ بحث طلب آهي پر جي مونکان پڇو ته ٿورن لفظن ۾ آءُ صرف ادي نثار ناز جا چيل هي لفظ ئي چوندس ته ” پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾“ انهن سڀني ڌاڙيلن جو منهن توڙ جواب يا حل آهي؛

    ”هڪ منظم تحريڪ جا سنڌ جي انتهائي سڄاڻ ۽ قابل انسانن تي مشتمل هجي“ ...​


    جي ادا فقير، اوهانجي ڳالهه سان هڪ سئو نه ٻه سئو دفعا متفق آهيان ته اسانکي ئي پنهنجي مرض جو علاج ڪرڻو پوندو ، پاڻکي ئي اجڙيل باغ جي پرگهور لهڻي پوندي ... باقي رهزن چورن کي مال جي چوڪيداريءَ تي ويهاري، هڙ ئي گم ڪئي اٿئون ... سو هاڻ ڀاڳيا اٿن ته ڪو پيرو کڻجي ...

    ادا زاهد، اوهانجي ڳالهه به مڃبي، ڪامورا، سياستدان، اڳواڻ ۽ وغيره وغيره، ... دوست زاهد، جڏهن ڪا قوم پنهنجو پاڻ کي موت واري حالت ۾ آڻي ڇڏيندي آهي ته مٿس ڳجهون ماس پٽڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون آهن ... هاڻ ان قوم کي پنهنجي ان حالت کان اٿڻو پوندو ۽ ڪاپڙين جيئان محبوب ماڻن لاءِ جدوجهد ڪرڻ پوندي ...
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جذبو ته زنده آهي پر اڳواڻ ڪو زنده آهي۔۔۔۔۔
    هڪ هڪ آڱر جي ڌڪ ۾ ڇا اثر هوندو پر جيڪڏهن پنجن آڱرين کي گڏ ڪري مُڪو بڻائجي ته دشمن جي مجال ٿيندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻڌايو ته اسان جي آڱرين کي گڏائي مڪو بڻائيندڙ ڪو آهي جوڌو جوان۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو