”سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو“: بل قومي اسيمبلي ۾ بحث لاءِ منظور

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ”سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو“: بل قومي اسيمبلي ۾ بحث لاءِ منظور

    [justify]اسلام آباد (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نواب يوسف ٽالپر جو علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل قومي اسيمبلي بحث لاءِ منظور ڪري ورتو آهي، بل تحت سنڌي ٻولي سميت مقامي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويندو. يوسف ٽالپر جي غير موجودگي جي ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبر نواب عبدالغني ٽالپر قومي اسيمبلي ۾ آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميم ڪري سنڌي ٻولي سميت علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ بابت بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، جنهن تي حڪومتي ڌر پاران مخالفت نه ڪئي وئي ۽ بعد ۾ اسپيڪر پاران اجازت ملڻ کانپوءِ نواب عبدالغني ٽالپر بل پيش ڪيو. ايوان جي اڪثريت راءِ سان ان بل کي بحث لاءِ منظور ڪيو ويو. اهو بل سيد امير علي شاهه، پير فضل علي شاهه جيلاني، غلام علي نظاماڻي، نواب وساڻ، ڪشنچند پارواڻي، نظير احمد ٻگهيي، روشن الدين جوڻيجي، ماروي ميمڻ، ڊاڪٽر طلعت مهيسر، ڊاڪٽر عبدالواحد سومري، غوث بخش مهر، ارباب ذڪاءُ الله، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالحق عرف ميان مٺو، شير محمد بلوچ، ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، شمشاد ستار بچاڻي، مير عامر خان مگسي، رياض حسين پيرزادي ۽ نواب عبدالغني ٽالپر جي صحيح سان پيش ڪيو ويو آهي.

    ڄاڻايل بل ۾ چيو ويو آهي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميم ڪئي وڃي، جنهن تحت سنڌي، سرائيڪي، بلوچي، پشتو، پنجابي، اردو ۽ شينا/بلتي کي پاڪستان جي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، بل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سرڪاري زبان انگريزي هوندي، پر قومي ٻولين کي انهيءَ سرڪاري زبان جي برابر آڻڻ جا انتظام ٿيڻ تائين انگريزي ٻولي ملڪ جي سرڪاري زبان طور استعمال ٿيندي رهندي. بل ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت قومي ٻولين جي ترقي، واڌاري ۽ اسڪولن جي سطح تي عربي زبان جي لازمي مضمون جي حيثيت سان ۽ فارسي زبان جي اختياري مضمون جي حيثيت سان پڙهائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ فنڊ قائم ڪندي. بل ۾ چيو ويو آهي ته قومي ٻولين جي حيثيت کي متاثر ڪرڻ کان سواءِ ڪا به صوبائي اسيمبلي قانون ذريعي قومي ٻولين سان گڏوگڏ ڪنهن به صوبائي ٻولي جي تدريسي واڌاري ۽ استعمال لاءِ قدم تجويز ڪري سگهندي. بل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جون مشهور ٻولين سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو، سرائيڪي ۽ شينا/بلتي کي پاڪستان جي آئين ۾ انهن جو جائز مقام ناهي ڏنو ويو، انهن ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ۽ قومي حيثيت ڏيڻ واري مطالبي جي حوالي سان ملڪ ۾ ڪيتريون ئي عوامي تحريڪون هلي رهيون آهن، تنهن ڪري انهن ٻولين کي پاڪستان جي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ انتهائي ضروري بڻجي ويو آهي[/justify]
     
  2. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: ”سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو“: بل قومي اسيمبلي ۾ بحث لاءِ منظور

    ادا وساڻ صاحب اها ته تمام خوش آئند ڳاله آهي جو بل بحث لا منظور ڪيو ويو آهي بهترين ڳاله آهي ته ماڻهن جي را جو احترام ڪيو وڃي ۽ هر ٻولي کي ان جو جائز مقام ڏنو وڃي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو“: بل قومي اسيمبلي ۾ بحث لاءِ منظور

    ادا اسان جي به اها دلي خواهش آهي۔ رب پوري ڪندو ۔۔۔۔۔ آمين۔۔۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو“: بل قومي اسيمبلي ۾ بحث لاءِ منظور

    نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...

    مادري ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ وارو بل

    زرار پيرزادو

    [justify]ڪالهه يعني 26 جنوري 2011ع جي لڳ ڀڳ سمورين اخبارن ۾ اها انتهائي اهم ۽ اتساهيندڙ خبر هئي ته پ پ ۽ ق ليگ جي 22 پارلياماني ميمبرن سنڌي سميت ملڪ جي اٺن مادري ٻولين جهڙوڪ پنجابي، پشو، بلوچي، سرائيڪي ۽ اردو کي ”قومي ٻولي“ جو درجو ڏيارڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو بل قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اهو بل اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي غور لاءِ ان جي حوالي ٿي چڪو آهي.

    قومي اسيمبليءَ اندر مادري ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ اهو ترميمي بل پيش ڪرڻ ۾ 4 مارچ جي هيري ۽ هاڻوڪي پ پ اڳواڻ يوسف ٽالپر ۽ سنڌ سان واسطو رکندڙ ق ليگ جي اڳواڻ ماروي ميمڻ جو اڳواڻي وارو ڪردار رهيو آهي.

    سندن ان اڳڀرائي کي ڏسندي اهو احساس ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جا خيرخواهه قومي اسيمبلي ۾ موجود هجن ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور پلئه پئجي سگهي ٿو.

    اخبارون شاهد آهن ته جڏهن 18 هين ترميم لاءِ رضارباني جي سربراهي ۾ آئيني ڪاميٽي ڪم ڪري رهي هئي ته تڏهن ئي يوسف ٽالپر جي اها ڪوشش هئي ته ان قانون سازي ۾ مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ به جيڪر ڪو بل پيش ڪجي پر رضارباني دير جو عذر ڄاڻائي ان اڳڀرائي کي روڪرائي ڇڏيو هو.

    بعد ۾ يوسف ٽالپور ۽ ماروي ميمڻ وري جڏهن اهو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ته تڏهن اسٽينڊنگ ڪاميٽي ان کي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو هو ته اردو جي قومي ٻولي جي موجودگي ۾ هي پينڊورا باڪس وري نٿو کولي سگهجي.

    سو هاڻي وري سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته ڇا موجودهه پ پ حڪومت ۽ موجودهه پارليامينٽ ملڪ جي مادري ٻولين جو حق ڏياري سگهن ٿا يا نه؟ بظاهر اهو ممڪن نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ هتي قومي ۽ صوبائي حقن کي الائي به ڇو غيرضروري طور تي وفاق لاءِ خطرو پئي سمجهيو آهي ۽ قومي توڙي صوبائي حقن کان خائف رهي آهي. باوجود ان جي ته مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارا مامرا 1940ع واري قرارداد ۽ 1972ع واري ٻولي بل جي عين مطابق آهي.

    ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت مرڪز به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ ڊگهي جدوجهد پئي ڪئي آهي ۽ خاص ڪري يوسف سنڌي جي دور ۾ صدر زرداري کي ان واسطي هزارين اجتماعي خط به لکيا ويا آهن.
    رپورٽون آهن ته ماروي ميمڻ جڏهن اهو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو هو ته تڏهن اسٽينڊنگ ڪاميٽي ان کي ان بل بابت پهرين مرحلي ۾ اهو چئي کتو جواب ڏنو هو ته ”قومي ٻولي اردو“ جي موجودگي ۾ هي نئون پينڊورا باڪس وري نٿا کولي سگهون.

    سو جيڪڏهن سموريون پارلياماني پارٽيون ۽ قومي خودمختياري جو مطالبو ڪندڙ قوم پرست پارٽيون يوسف ٽالپر ۽ ماروي ميمڻ جو وقتائتو ساٿ نه ڏينديون ته اهو ممڪن آهي ته هل به اسٽينڊنگ ڪاميٽي ان قومي ٻولي واري بل کي رد ڪري ڇڏي پر.

    سونوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته پهريون جڏهن اسٽينڊنگ ڪاميٽي ان بل کي روڪيو هو ته حيرت انگيز طور تي ڪو سخت ۽ احتجاجي رد عمل آڏو نه آيو هو ۽ خاموش اختيار ڪئي وئي هئي.[/justify]
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ”سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو“: بل قومي اسيمبلي ۾ بحث لاءِ منظور

    اها ساڳي ڪوشش پهريان ماروي ميمڻ به ڪري چڪي آهي۔۔۔ پر نواز ليگ جي شديد اعتراضن ڪري بل اڳتي وڌي نه سگهيو۔۔۔ پر جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت صوبائي خود مختياري جي نعري ۾ سچي آهي ته کيس هن بل کي ضرور پاس ڪرائڻ گهرجي ۔۔۔ ان سان يقينن علائقائي ٻولين کي هٿي ملندي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو