• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

hp deskjet 2050 printer

prince

سينيئر رڪن
ادا جيئن ته مون ايڇ پي ڊيسڪ جيٽ 2050 پرنٽر انسٽآل ڪيو آهي.انسٽاليشن به ٿي ويئي آهي.پر هڪ مسئلو ٿي رهيو آهي .جنهن مهل مان سسٽم آف ٿو ڪيان ،وري ٻيهر سسٽم اسٽارٽ ٿو ڪيان ته پرنٽراينڊ فيڪسز۾ ايڇ پي جو مونو نظر ڪونه ٿو اچي .پرنٽر پرنٽ نه ٿو ڪري.ارر ميسيج ٿو اچي ته پرنٽر انسٽآل ٿيل نه آهي .ٻيو ارراچي ٿو ته
Printer spooler service is not running.
مهرباني ڪري منهنجي اهو مسئلو حل ڪندا.ساٿ سلامت
 
جواب: hp deskjet 2050 printer

ادا پرنس مونکي لڳو توهان جي سسٽم ايڊمينسٽريٽر سروسز ۾ مسئلو آهي۔۔
ان کي فڪس ڪرڻ لاءِ توهان ڊيسڪٽاپ تان My Computer تي مائوس ذريعي ساڄي پاسي ڏانهن ڪلڪ ڪريو۔۔ ۽ مينيج سليڪٽ ڪريو۔۔

codeproject_template_clip_image002_0011.jpg

نئين کلندڙن ونڊوزمنجهان Services and Applications تي اچي هيٺان Services تي ڪلڪ ڪري سامهون Print Spooler ڳولي ان تي مائوس ذريعي ڊبل ڪلڪ ڪريو۔۔

2009-10-01_204153_print_spooler_service.jpg

هاڻي کلندڙ ونڊوز منجهان Startup Type منجهان Automatic چونڊيو ۔۔ جنهن کان پوءِ هيٺ موجود بٽڻ Start تي ڪلڪ ڪري سروسز کي رن ڪريو۔۔

image.axd

جي ڳالهه اڃان به سمجهه ۾ نه اچي ته هن وڊيو کي غور سان ڏسو۔۔ اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔

 
جواب: hp deskjet 2050 printer

ادا رشيد مون وارو مسئلو حل ٿي ويو۔توهان جي وڏي مهرباني۔ساٿ سلامت۔
 
جواب: hp deskjet 2050 printer

ادا رشيد توهان کي لاجواب جواب ڏنو آهي اهو به هڪ آسان طريقي ۾ اميد آهي توهان جو مسعلو حل ٿي ويو هوندو۔
ان کان علاوه ٿي سگهي ٿو توهان جي سسٽم ۾ ڪو وائرس اچي ويو آهي۔
 
Back
Top