• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائنس جو جھان

علمِ سائنس بابت معلوماتي آرٽيڪل ھتي شيئر ڪري سگھجن ٿا
8 ڏينهن جو خلائي سفر جڏهن 9 مهينن ۾ تبديل ٿي وڃي
هن سان ملو.. هي آهي سنيتا وليمز جيڪي پنهنجي ساٿي خلاباز بچ ولمور سان گڏ صرف اٺ ڏينهن لاءِ هڪ تجربي واري راڪيٽ ذريعي خلا جي سفر تي ويا ۽ اتي پهچي ڦاسي پيا.. انهن کي خلا تائين وٺي وڃڻ واري بوئنگ ڪمپني جي راڪيٽ ۾ فني خرابي پيدا ٿي وئي راڪيٽ جي زمين تي پهچڻ کان اڳ ئي فيول ليڪيج جي ڪري ڦاٽڻ جو خطرو هو.. جنهن سبب اهي ٻئي زمين تي واپس نه اچي سگهيا.. طويل عرصي تائين اتي رهڻ دوران انهن خلا ۾ ليٽس پوکڻ سميت ڪيترائي تجربا ڪيا ان کان علاوه آءِ ايس ايس جي مرمت ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.. دنيا هي مڃي چڪي هئي ته اهي ٻئي هاڻ ڪڏهن به زمين تي واپس نه اچي سگهندا ڇو ته انهن جي واپسي لاءِ بلين ڊالر خرچ ٿي رهيا هئا ۽ انهن کي واپس آڻڻ لاءِ جنهن مشن تي ڪم ٿي رهيو هو اهو ڪيترائي ڀيرا ناڪام ٿي چڪو هو.. پر انهن بهادر خلا بازن ايترو ڊگهو عرصو رهڻ جي تياري نه هجڻ...
علم فلڪيات ۾ عورت سائنسدانن جو حصو..
هر سال 8 مارچ تي عالمي عورتن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جيڪو دنيا ۾ عورتن جي جدوجهد، ڪاميابين ۽ حقن جي اعتراف جو ڏينهن آهي. هيءُ ڏينهن اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته تاريخ ۾ اهڙيون بيشمار عورتون ٿي گذريون آهن، جن زندگي جي هر شعبي ۾ غيرمعمولي خدمتون انجام ڏنيون، پر گهڻو ڪري انهن جي محنت ۽ ڪاميابيون پسمنظر ۾ رهيون. خاص طور تي سائنس، فلڪيات ۽ خلائي تحقيق جهڙن شعبن ۾ اهڙيون شاندار عورتون ٿي گذريون، جن جا ڪارناما اڄ جي جديد سائنس جي بنياد سڏيا وڃن ٿا. جڏهن به اسان فلڪيات ۽ خلائي سائنس بابت سوچيون ٿا، ته اسان جي ذهن ۾ عام طور آئزڪ نيوٽن، آئنسٽائن، نيل آرمسٽرانگ، ايڊون هبل يا اسٽيفن هاڪنگ جا نالا ايندا آهن. پر جيڪڏهن اسان چئون ته تاريخ ۾ ڪجهه اهڙيون عظيم عورتون پڻ موجود رهيون، جن جي خدمتن کان سواءِ ڪائنات جي اڄ جي ڄاڻ ممڪن نه هجي ها، ته شايد ڪو...
سج جو شور: جيڪڏهن اسين ٻڌي سگهون ها؟
سج تمام گهڻو شور پيدا ڪري ٿو، پر اسين ان کي ٻڌي نٿا سگهون، ڇو ته آواز جون لهرون خلا ۾ سفر نٿيون ڪري سگهن. خلا ۾ نه ڪا هوا هوندي آهي ۽ نه ڪو مادو، جيڪو آواز کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري سگهي. سج جو آواز ڪيترو ٿي سگهي؟ جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان اسين سج جي آواز ٻڌي سگهون ها، ته اها لڳ ڀڳ 290 ڊي سي بل (dB) جي برابر هجي ها. اها ايتري تيز آواز آهي، جو ان جو مقابلو زمين تي ڪنهن به شئي سان نٿو ڪري سگهجي. مثال طور: عام انساني ڳالهه ٻولهه: 60 dB ٽريفڪ جو شور: 85 dB ويجهو کان جيٽ انجڻ جو شور: 130 dB راڪيٽ جو لانچ: 180 dB سج جو شور (جيڪڏهن ٻڌي سگهون ها): 290 dB ڇا سج جي شور سان انسان ٻوڙو ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن ڪو 290 ڊي سي بل جي آواز ٻڌي، ته نه رڳو هو فوري طور تي ٻوڙو ٿي وڃي ها، پر ان جي جسم تي به خطرناڪ اثر پون ها. ايتري تيز آواز هوا ۾ دٻاءُ جون...
ڪهڪشائن جو عظيم حلقو ۽ ڪائنات جا اصول
... تازو ئي هڪ خبر سامهون آئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته سائنسدانن کي خلا ۾ زمين کان لڳ ڀڳ 9 ارب نوري سال پري، آسمان ۾ ستارن جي جھرمٽ بوٽس (Bootes) جي آس پاس، هڪ حلقي ۽ ڪمان جهڙي شڪل وارا وڏا ڍانچا (Large Scale Structures) مليا آهن، جيڪي 1.2 ارب نوري سالن تائين پکڙيل آهن. اهڙي قسم جي ديوهڪِل ڍانچن جي موجودگي اسان جي موجوده عقل ۽ فهم کي چئلينج ڪري ٿي. سادن لفظن ۾، مطلب اهو ته، ڪائنات جي ڪنهن خاص حصي ۾ ڪهڪشائن جو وڏو تعداد گڏ هجڻ جو مطلب آهي ته مادو هڪ غير معمولي حد تائين گڏ ٿيل آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سائنسدان ان ڳولا تي حيران ڇو آهن؟ هن سوال کي سمجهڻ لاءِ اسان کي جديد ڪائنات جي هڪ دلچسپ نظريي، اسٽينڊرڊ ماڊل آف ڪاسمولاجي (Standard Model of Cosmology) کي سمجهڻو پوندو. فلڪيات ۽ ڪائنات جي تحقيق جو اصل مقصد ڪائنات کي سمجهڻ آهي - يعني...
اصحابِ ڪهف ۽ سائنسي تحقيق
هائيبرنيشن (Hibernation) هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ذريعي ڪيترا ئي جاندار سخت موسمي حالتن ۽ خوراڪ جي کوٽ کان بچڻ لاءِ ڊگهي عرصي تائين ننڊ ۾ هليا وڃن ٿا. سائنسي تحقيق موجب، ان عمل دوران سندن دل جي ڌڙڪن 95٪ تائين گهٽجي ٿي، جسم جو گرمي پد گهٽجي وڃي ٿو، ۽ ميٽابولزم تمام سست ٿي وڃي ٿو. ڪيترن ئي ڪئن، چمڙن، نيولن، نانگن، ۽ ٻين جاندارن ۾ هائيبرنيشن جو عمل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هالي ووڊ جي فلم The Passenger ۾ پڻ انساني هائيبرنيشن جو تصور ڏنو ويو آهي، جتي خلا ۾ نئون سيارو ڳولهڻ لاءِ ماڻهن کي ڪيترن سالن تائين هائيبرنيٽ ڪيو وڃي ٿو. قرآن پاڪ جي سورت الکهف ۾ بيان ڪيل اصحاب کهف جو واقعو پڻ هائيبرنيشن جي جديد سائنسي نظريي سان گهري مشابهت رکي ٿو. قرآن ۾ ذڪر ٿيل اهم نڪتا سائنسي تحقيق جي حمايت ڪن ٿا، جيئن: پوءِ اسان غار ۾ انهن جي ڪنن تي (گھري ننڊ جي) ٿڦڪي ڏني...
روشني جو پيغام
فلڪياتي جسمن مان ايندڙ روشني اسان لاءِ ڄاڻ جو خزانو رکي ٿي. اهي فلڪياتي جسم تمام وڏن فاصلن تي هوندا آهن، جن تائين اسان سڌو نه ٿا پهچي سگهون پر روشني يا ريڊيئيشن جو سائنسي طريقي سان تجزيو ڪري، اهم ۽ تفصيلي معلومات حاصل ڪري ٿا سگهون. هيءَ روشني انهن جسمن ۾ موجود عنصرن، انهن جي گرمي پد، ۽ ٻين جسماني ۽ ڪيميائي خاصيتن بابت آگاهي فراهم ڪري ٿي. روشني حقيقت ۾ توانائيءَ جا فوٽان (Photons) هوندا آهن ۽ جڏهن به ڪو عمل توانائي پيدا ڪري ٿو ته اهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ روشني يا برقي مقناطيسي لهرن (Electromagnetic Radiation) کي خارج ڪري ٿو. مثال طور، ستارن ۾ ٿيندڙ نيوڪليئر فيوژن، يا ڪنهن ائٽم ۾ اليڪٽران جي توانائيءَ ۾ تبديليءَ سبب نڪرندڙ ريڊيئيشن. روشني اسان کي ڪائنات جي مختلف اسرارن بابت ڄاڻ مهيا ڪري ٿي. ڪائنات ۾ روشنيءَ جا ٻه بنيادي ذريعا آهن...
شمسي شعلا ۽ اسان جي ڌرتي
جيڪڏهن اسين چند لمحن لاءِ هن تصوير تي غور ڪريون ته اسان جي دنيا بابت سوچ ۽ نظرئي کي مڪمل طور تبديل ڪري سگهجي ٿو. جنهن ڌرتيءَ کي اسين پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهون ٿا، اها سج جي سامهون هڪ ننڍڙو نقطو لڳي ٿي. پر حيران ڪندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته نه رڳو سج، پر ان مان نڪرندڙ شمسي شعلن (Solar Prominences) جي جسامت به ڌرتيءَ کان ڪيترا ئي ڀيرا وڏي ٿي سگهي ٿي. اسان جي ڌرتيءَ جو قطر 12,742 ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته سج جو قطر 1.39 ملين ڪلوميٽر آهي، يعني سج قطر جي لحاظ کان ڌرتيءَ کان 109 ڀيرا وڏو آهي. پر جيڪڏهن اسين حجم (ووليوم) جي ڳالهه ڪريون ته سج جي اندر 13 لک ڌرتيون اچي سگهن ٿيون. جيڪڏهن اسان ڌرتيءَ کي مٽر جي داڻي جيترو سمجهون ته سج يوگا بال (Gym Ball) جيترو وڏو هوندو. انهيءَ مثال مان اسان کي اهو سمجهڻ آسان ٿي وڃي ٿو ته سج اسان جي ڌرتيءَ کان ڪيترو وڏو آهي...
هڪ شهاب ثاقب ڌرتي ڏانهن اچي رهيو آهي، ڇا اسان کي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي؟
توھان شايد 2024 YR4 بابت ٻڌو ھوندو، جيڪو ڌرتي ڏانھن وڌي رھيو آھي ۽ چند سالن ۾ ٽڪرائجي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ اھا خبر ڊڄاريندڙ لڳي سگھي ٿي، پر ھاڻي تائين ڪنھن فوري خطري جو امڪان ڪونھي، ۽ اميد آھي ته حالتون نارمل رھنديون. شهاب ثاقب ڇا آهي؟ مٽيءَ جا ننڍا ٽُڪرا، جيڪي ڌرتيءَ جي فضا سان ٽڪرائجي روشنيءَ جو ڏيئو پيدا ڪن ٿا، انهن کي "ميٽيئروئيڊ" چيو ويندو آهي. جڏهن ته، برف، مٽي، ۽ پٿر تي مشتمل اجرام جيڪي سج جي چوڌاري گردش ڪن ٿا، انهن کي "دمدار تارو" چيو ويندو آهي. شهاب ثاقب اھڙا پٿر يا دھات جا وڏا ٽُڪرا ٿين ٿا، جن جي سائيز ڪجھ ميٽرن کان سوين ڪلوميٽرن تائين ٿي سگھي ٿي، ۽ اهي نظام شمسي جي شروعاتي دور جا باقيات سمجهيا وڃن ٿا. 2024 YR4 ھڪ اهڙو نير ارٿ شهاب ثاقب (Near-Earth Asteroid) آهي، جنھن جو قطر 40 کان 90 ميٽرن (130 کان 300 فوٽن) جي وچ ۾ هجڻ جو...
اونداهي ڪائنات
اوندهه هڪ انتهائي خوفناڪ شيءِ آهي، جيڪا بهادر کان بهادر ماڻهو کي به ڊيڄاري سگهي ٿي. اوندهه، انسان جي اندر وسوسن، خوف، بيچيني، ۽ حيراني کي به جنم ڏئي ٿي. جڏهن مصنوعي روشنيون ايجاد نه ٿيون هيون تڏهن دنيا وهمن ۽ خيالن جي گهيري ۾ هئي. روشني اچڻ سان ئي وهمن جو اثر تمام گهٽجي ويو. پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪائنات مجموعي طور تي هڪ انتهائي اوندهين واري جاءِ آهي؟ کربين ستارن جي چمڪڻ جي باوجود، ڪائنات ايڏي وڏي آهي جو روشني جا سڀ ذريعا گڏ ٿي به ان جي اوندهه کي شڪست نٿا ڏئي سگهن. اهي ستارا، حقيقت ۾، اوندهه جي جنگل ۾ ٽمٽار ڪندڙ ننڍڙن جڳنون وانگر آهن، جهڙوڪ لکين جڳنو به جنگل جي اونداهين رات کي ختم نه ٿا ڪري سگهن. ساڳئي ريت، کربين ستارا به ڪائناتي اوندهين کي ختم ڪرڻ کان قاصر آهن. چمڪندڙ روشنيون ۽ سج جي ورهائيندڙ روشني ڪجھ فاصلي کان پنهنجو اثر...
زندگيءَ جي اميدن سان ملندڙ ڪيپلر 1652 سيارو
ڇا اسان ڪائنات ۾ اڪیلا آهيون يا ڪنهن پري جي سياري تي ڪا ٻي مخلوق به موجود آهي، جنهن بابت نه اسان کي خبر آهي ۽ نه انهن کي اسان جي باري ۾؟ هيءُ اهڙو سوال آهي، جنهن صدين کان انسان جي ذهن کي وڪوڙي رکيو آهي، ۽ خلائي تحقيق جو وڏو حصو ان جو جواب ڳولڻ لاءِ وقف رهيو آهي. تازو، انساني تاريخ جي سڀ کان مهانگي ۽ اهم خلائي دوربين جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ ذريعي سائنسدانن اسان جي شمسي نظام کان ٻاهر، K2-18b نالي غير شمسي سياري (Exoplanet) جي فضاءَ ۾ اهڙا ڪيميائي عنصر دريافت ڪيا آهن، جيڪي زندگي جي نشانين ڏانهن اشارو ڪري سگهن ٿا. اهو سيارو هينئر تائين زندگيءَ جي تلاش جو سڀ کان مضبوط اميدوار سمجهيو پيو وڃي. پر آخر ائين ڇو آهي؟ جيڪڏهن هتي واقعي زندگيءَ جا امڪان موجود آهن ته اسان ان جي تصديق ڪيئن ڪنداسين؟ اچو ته هن حيرت انگيز دريافت جي تفصيلن کي سمجهڻ...
ڪائنات ڇا آهي؟ (What is the Universe?) ترجمو: ڪائنات هڪ اهڙو جنت آهي، جيڪو ڪابه شيءِ فضول پيدا نٿو ڪري، هتي جيڪو به جنهن شيءِ جو محتاج هوندو، اها کيس ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ملي ويندي. هتي ڪنهن به حصي سان ناانصافي نه ڪئي ويندي آهي، ايتري قدر جو ڪائنات پاڻ به ڪنهن سان ناانصافي نٿي ڪري. تاريخ هڪ عظيم معاشيات آهي. تجزيو: 1. دليل (Argument): ڪائنات جي جوڙجڪ اهڙي آهي، جو ان ۾ ڪابه شيءِ بيڪار نه ٿي وڃي. هر شئي جو هڪ مقصد آهي، ۽ ضرورت مطابق هر ڪنهن کي ڪجهه نه ڪجهه ملي ٿو. اهو نظام توازن ۽ عدل تي ٻڌل آهي، جتي ناانصافيءَ لاءِ ڪا جاءِ نه آهي. 2. رد دليل (Counter Argument): ظاهر ۾ لڳي ٿو ته ڪائنات عدل تي هلي ٿي، پر ڇا اهو مڪمل انصاف آهي؟ ڪيترائي انسان، جانور، ۽ ٻوٽا اهڙا آهن، جيڪي بغير ڪنهن ڏوهه جي تڪليفون سهندا رهن ٿا. قدرتي آفتون،...
ڇا اسان هن ڪائنات ۾ اڪيلا آھيون؟
"زندگي جي مسئلن ۽ ڏينهن رات جي ٿڪائيندڙ سفر کان آزاد ٿي، ڇا توهان ڪڏهن مڪمل اڪيلائيءَ ۾ هن ڪائنات جي بي پناهه وسعتن تي غور ڪيو آهي؟" آباديءَ کان پري، ڪنهن جابلو ميدان يا ڪنهن اوچِي پھاڙي تي ويهي، آسمان تي جھلملائيندڙ بيشمار تارن کي ڏسي، ڇا اوهان تي به حيرت طاري ٿي آهي؟ يقيناً، اهڙن لمحن ۾ عام ماڻهو کان وٺي سائنسدانن ۽ ڪائنات جي ماهرن تائين، سڀ کان پهرين ذهن ۾ اُها ئي ڳالهه اچي ٿي ته "ڇا اسان هن ڪائنات ۾ اڪيلائيءَ سان رهون پيا؟ يا ڪٿي ٻئي ڪنهن سياري تي به انسان جهڙي مخلوق (ايلينز) وسندي آهي؟" سائنسدان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انهيءَ سوال جو جواب ڳولهڻ ۾ مشغول آهن ته "ڇا زمين کان ٻاهر به زندگي ممڪن آهي؟" پر ان کان پهرين سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته "زمين تي زندگي ڪيئن وجود ۾ آئي؟" هن هڪ سوال سائنس ۾ ايتري قدر تحقيق جا نوان در کوليا، جو ڪائنات...
مادي جون حالتون(ٺوس، پاڻياٺ، گئس ۽ پلازما)
مادو ماحول جي لحاظ سان مختلف شڪلين ۾ موجود ٿي سگهي ٿو. مادو عام طور تي ٺوس، پاڻياٺ، گئس، ۽ پلازما جي چار بنيادي حالتن ۾ هوندو آهي. زمين تي، اسان عام طور تي پهرين ٽي حالتون وڌيڪ ڏسندا آهيون، پر حقيقت ۾ ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ عام حالت پلازما آهي. اسان عام طور تي جن حالتن کان واقف آهيون، اهي ٺوس، پاڻياٺ، ۽ گئس آهن. ٺوس (Solid): ٺوس مادو انهن ذرڙن مان ٺهيل هوندو آهي، جيڪي تمام ويجها ۽ سختي سان جڪڙيل هوندا آهن. انهن ۾ حرڪت تمام گهٽ هوندي آهي. ٺوس مادي جا ذرڙا مختلف ائٽمن (atoms) جي ميلاپ سان ٺهندا آهن يا وري ساڳئي جوهرن جي منظم ترتيب سان قلمين (crystals) جي شڪل اختيار ڪندا آهن. پاڻياٺ (Liquid): پاڻياٺ ڍري ترتيب ۾ هوندو آهي، ان جا ذرڙا هڪ ٻئي جي ويجهو هوندا تہ آهن، پر انهن جو ڪو مقرر مقام نه هوندو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته پاڻياٺ وهڻ جي...
ايندڙ نسل جو خلائي لباس
جڏهن انسانيت آخرڪار ڳاڙهي سياري مريخ تي قدم رکندي، تڏهن اسان جو موجوده خلائي لباس ڪارائتو نه رهندو. هن وقت استعمال ٿيندڙ خلائي لباس تمام گهڻا غير لچڪدار ۽ ڳرا آهن، ۽ انهن ۾ پري واري ماڳن تي لهي ڪم ڪرڻ لاءِ گهربل تحفظ به ڪافي نه آهي. ان ڪري، ناسا نوان خلائي لباس تيار ڪري رهيو آهي، جيڪو زي-2 جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن لباس ۾ ڌرتيءَ کان ٻاهر ڪنھن سياري تي لھي ڪم ڪرڻ ۽ خلائي چهل قدمي لاءِ ڪيترائي جديد فيچرس شامل آهن. جيڪڏهن ٽيڪنالاجيءَ جي ڳالهه ڪئي وڃي، ته اهو سوٽ نئين ڊيزائن واري پورٽ تي مشتمل آهي. روسي خلائي لباسن ۾ اها پورٽ اڳي ئي استعمال ڪئي ويندي آهي، جيڪا خلائي مسافر کي لباس ۾ جلدي داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿي. زي-2 هن خصوصيت سان وڌيڪ موثر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اهو خلائي جھاز جي ٻاهرين پاسي تي تيزي سان چنبڙي خلائي چهل قدمي لاءِ...
Back
Top