لک قرب ادا ، ٻيو هڪڙو ننڍڙو عرض ڪندو هلان ته ڀائونصرالله عباسي صاحب کي منهنجي طرفان عرض ڪندا ته ميان يار محمد ڪلهوڙو رحمت الله عليه جي مقبري جي پوئواري ڪن ، ڇوته هن وقت تائين پاڪستان يا سنڌ حڪومت طرفان ڪجھ به نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ثقافت يا آثار قديمه وارن مان ئي ڪا اميد ڪري سگهجي ٿي! اميد...
محترم ڀائرو سچ پڇو ته مان پاڻ به شرمسار آهيان جو سنڌ سلامت تي ڀيرو نٿو ڀريان مگر مونسان به سائين نثار احمد ابڙو وارِي ساڳي ئي ڪيفيت آهي جنهنجو صحيح معنی ۾ مان پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهانٿو! بحرحال وقت سر ڪوشش ڪبي ته ڀيرو پيا ڀرينداسين
سچ پڇو ته پنهنجي ذاتي مصروفيتن جي ڪري سنڌ سلامت فورم تان سوا سال کان پري آهيان مگر پوءِ به جڏهن لاگ ان ٿيندو آهيان ته اوهانجون تحريرون پڙهي روح کي راحت نصيب ٿيندي آهي