شهر تنهنجي مان ٿيو آهي گذر جانا،
بنا تو پي لڳو اجڙيل شجر جانا۔
سوا تنهنجي اڌوري زندگي گذري،
لڳي دردن جو سارو سا وکر جانا۔
نه ايندي تون آ پڪ مونکي تڏهن ڀي سڪ،
رکيو کليل مون ساري رات در جانا۔
حياتي جو صحيح مقصد ٿئي حاصل،
رهين ها گڏجي تون مونسا اگر جانا۔
رخِ انور تان نه زلفن کي ته کسڪايو،
لڳي چنڊ جي نه تنهنکي ڪا نظر جانا۔
جسم بي جان بڻجي ويو جهلڪ هڪ سان،
هيو اهڙو ته نظرن ۾ڪو اثر جانا۔
وصل خاطر سميٽيل يادگيرين سان،
سجايو مون سمورو آ ته گهر جانا۔
فسانه پيار پنهنجي جا نه ٻڌجن ٿا،
ٿيون سنسان گليون ۽ شهر جانا۔
سائين فورم جي نئين سيٽنگ ڪيئن لڳي