اڄ 03۔9 وڳي بجلي شريف ٿڪي ٽٽي ٿاٻا کائيندي، ٿڪ بجا سهندي ۽ اسان کي چٻرا ڏيکاريندي گهر ۾ تارن رستي ماٺ ماٺ ڪري اچي فرج ۾ گوڙ مچايائين ته مان به ٽپ ڏئي اٿيس۔ ڪمپيوٽر آن ڪيم ۽ گوگل سنڌي چاهيم۔ ان ۾ سنڌ سلامت واري پروفائيل تي ڪلڪ ڪيم ته اوهان جو ديدار ٿيو۔ پڙهيم ۽ سوچيم ته گهڻن معاملن تي خيالن جي هڪجهڙائي نه هوندي به هڪ قومي ايڪتا واري جذبي تحت شامل ثيڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي۔ يقينن اتان مونکي تمام سٺي، معياري ۽ ميانه روي واري معلومات ۽ ڄاڻ ملندي۔ اوهان جو ٿورائتو آهيان جو مون کي ان ساٿ ۾ ساڻ کنيو اٿو۔ اسان کي بنا ڪنهن متڀيد ۽ مذهبي اعتقادن جي اصولي يا غير اصولي پرچار، لاڙي ۽ مڙهڻي جي صرف ۽ صرف سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي جي فلاح ۽ خوشحالي، واڌ ويجھ ۽ وسعت، ۽ ترقي ۽ توانائي لاء وک وک سان ملائي ۽ سوچن جي سمورين ڌارائن کي هڪ سير ۾ ڄڻ سڄي سنڌو کي وهائيندا جل ٿل ڪندا، سونا سنڱ اپائيندا اڳتي وڌندا هلون۔ والسلام۔ (محمد سليم مگسي _ حيدرآباد)۔ سنڌي سلامت _ سنڌ سلامت _ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔