• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ج

پروفائيل جون تحريرون نواڻ تحريرون بابت

  • ناميارو ڪھاڻيڪار ء شاعر محمد علي پٺاڻ بيماريء جي بستري تي بي يارو مددگار پيل آهي سنڌ سندس صحتيابي ء لاء دعاڳو آهي.اانهيء سان گڌوگڌ ثقافت کاتي جي بيحسيء جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي صدرآصف علي زرداريء کان سنڌ جا قلمقار مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ قلم ڌڻي محمد علي پٺاڻ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي ته سڄي سنڌ جي قلمقارن مٿان سندس احسان ٿيندو انهيء مطالبي سان گڌ سنڌي صدر کي اها پرجوش اپيل آهي ته سنڌ جي قلم ڌڻين سان ثقافت کاتي پاران جاري رکيل ناروا رويي جو سختيء سان نوٽيس وٺندي ڊي جي ثقافت کاتو سنڌ کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته آخر هو ڪنهن جي اشارن تي سنڌ دشمنيء واري پاليسي اختيار ڪري ويٺل آهن هن جي ناقابل معافي گناهن جي کيس ڀرپور سزا ڌئي فوري طور هٽايو وڃي ء سندس جاء تي ڪنهن سنڌ دوست ماڻهوء کي مقرر ڪري بيماري جي بستري تي پيل سنڌ جي قلمڪارن جون حاتيون بچايون وڃن...........!
    سپنن سان پنهنجي ياري آهي،،،،جاويدجوکيو



    ها مٺي مان پاڳل آهيان،

    پر تو ۾ ڪيڏو شامل آهيان،؟

    خوابن خيالن تخليقن ۾،

    مون ۾ تون ء تو ۾ مان هان،

    ديوي ڄاڻي سيس نوايان،

    پل پل پيار جو پوڄا ڀايان،

    ڇم ڇم ڇيرون پيو ڇمڪايان،

    شل ناچو ٿي مان نينهن نڀايان،



    نينهن اسانجو رهبر آهي،

    بس عشق ادب ء دلبر آهي،

    ڪوڀي پل اجايو ناهي،

    هر هڪ ساھ سجايو آهي،

    توسان پنهنجو ناتو اهڙو،

    کير مکڻ ء ماکيء جهڙو،

    اجري من جون سوچون ساکي،

    ڏاڌو پيار نڀايو آهي ڏاڌو پيار نڀايو آهي،



    جو دل ۾ آيم ڪين لڪايم،

    عشق چيو ء سيس نمايم،

    توکي سڀ ڪا ڳالھ ٻڌايم،

    مشق کان وڌ آ عشق جي خوشبو،

    ڪونه لڪي ء ڪين لڪايم،

    هر هر ، هر هنڌ تنهنجو سڏايم،

    گيت غزل ء وايون بڻجي،

    بستي بستي توکي ڳايم،



    تنهنجون مرڪون روشن راهون،

    توسان ئي سڀ پيار جون شامون،

    پاڻ ٿيا سين آمهون سامهون،

    لونء لونء اڀري ، اڀريل ڇاتيون،

    جسم سمورو ڀاڪيون ڀاڪيون،

    بس روز جي هيء ڪهاڻي آهي،

    سپنن سان پنهنجي ياري آهي،

    ها منهنجي ڏاٽ اياڻي آهي.
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
Back
Top