عيد ڀلاري خيمن اندر
ڳوڙها جاري خيمن اندر
ٻار کپائڻ جا هوڪا ٻڌ
او زرداري خيمن اندر
سکيا ماڻهو سير سفر تي
ٻکيا هاري خيمن اندر
راشن سارو دوڪانن تي
دال ۽ واري خيمن اندر
ويلي خاطر آڇ نه عزت تون
سنڌي ناري خيمن اندر
بيوس ماڻهو ڪهڙو پردو
شاه شڪاري خيمن اندر
فوٽون خاطر ليڊر تنهنجا
سڀ ساٿاري خيمن آندر
ڌات علي جي ڦٿڪي ڦٿڪي
دلڙي ڏاري خيمن اندر
علي چوهاڻ
u
ڳوڙها جاري خيمن اندر
ٻار کپائڻ جا هوڪا ٻڌ
او زرداري خيمن اندر
سکيا ماڻهو سير سفر تي
ٻکيا هاري خيمن اندر
راشن سارو دوڪانن تي
دال ۽ واري خيمن اندر
ويلي خاطر آڇ نه عزت تون
سنڌي ناري خيمن اندر
بيوس ماڻهو ڪهڙو پردو
شاه شڪاري خيمن اندر
فوٽون خاطر ليڊر تنهنجا
سڀ ساٿاري خيمن آندر
ڌات علي جي ڦٿڪي ڦٿڪي
دلڙي ڏاري خيمن اندر
علي چوهاڻ
u