ڊائري جو ورق
موسم سرد هو ، يونيورسٽي جا پهريان ڏينهن هئا ماحول سان گڏ ماڻهو به نوان هئا پر مان فقط خود کي هيڪلو يا اجنبي نه سمجهي رهيو هئس پر مون جهڙا کوڙ اجنبي چهرا هڪ ٻئي کي ڏسي ماٺ جا گل پوکي رهيا هئا ۽ سندن ذهن ۾ سوچون سڪل پنن جيان ڇڻي رهيون هيون مان پنهنجي پاڻ سان ڳالهيون ڪرڻ لئي چئواٽيي تي...
غزل
عشق آتش جيان من ۾ ٻرندو رهيو
درد ويتر وڇوڙي جو وڌندو رهيو
روز يادن جي سيلاب ۾ نيڻ تڙپيا
دل اداسي جي رڻ ۾ رلندو رهيو
ڪير خوابن جي سڏڪن جون دانهون ٻڌي
جيُ اندر ۾ اڪيلو جلندو رهيو
نيڻ ساحل تي سڪ جي سفر ۾ رهيا
مينهن اُلڪن جو من ۾ وسندو رهيو
وقت رڪجي وفا ويو توکان ڌار ٿي
۽ حياتي ۾ هجر بس...
چوٽ لفظن جي دل کي گهائي ڇڏيو
بي رخي ديپ دل جو اجهآئي ڇڏيو
ڀروسن تي نه ڪوئي رهيو ڀروسو ڪو
درد ايڏو اندر کي جلائي ڇڏيو
من مايوس وادين ۾ ڀٽڪي ويو
نيڻ لڙڪن ۾ خود کي لڪائي ڇڏيو
سوچ ساگر جي ڇولين ۾ الجهي وئي
تات صحرا ۾ سُڏڪي سَڪائي ڇڏيو
ننڍ خوابن جي در تي رُني دير تائين
جاڳ ايڏو وفا کي جهُڪائي...
درد هڪڙو دل اندر رهجي ويو.
ياد ماضي جو مندر رهجي ويو.
سوچ جي آغوش ۾ سپنا رُليا
حسرتن جو هر نگر اُجڙي ويو.
سرد موسم ياد ڏياري بي رخي
انتظاري جو قهر گذري ويو
ڪونه سمجهو تو وفا ڪنهن راز کي
ڳالهه هڪڙي جو ذڪر رهجي ويو .
وفا شيراز نظاماڻي