”غزل“
اسان بس اوهان کي آ دل ۾ بسايو
سوا تو سڄڻ جي آ جيون اجايو
ڪٿا دل جي دلبر لکڻ ليک ناهي
چوڻ آهي مشڪل زبان آ ٻڌايو
ڊگها هي ڪشالا سفر سور آهي
بحر جي برابر آ بي وس بڻايو
” وفا “ سرس تو ۾ حلم هاڻي ڇاهي
شيراز چئي وڇوڙو نه ويتر وڌايو۔
”وفا” شيراز نظاماڻي
”غزل“
رنم رات ساري ڏٺم خواب تنهنجا
جڏهن اک کلي اُگهيم لُڙڪ پنهنجا
خبر ڪهڙي تون به ڪندين بي وفائي
وفائن جا واعدا ڪيل ڪوڙا تنهنجا
جڏهن دل ٿي چاهيئي ڪئي دل لڳي تو
عجب يار چاهت جا انداز تنهنجا
ڏنا درد دل سان تو هر پل ”وفا“ کي
شيراز جي زندگي جا آهن احوال پنهنجا
”وفا” شيراز نظاماڻي