حياتي تو ڏني خيرات آهي
نه مان آهيان نه منهنجي ذات آهي
ڪجي ته ڪجي به ڇا! ديوانگي تي
اُداسي جي ڦُٽي پرڀات آهي
جدائي جان جھوري ٿي وجھي پر
وڇوڙو عشق جي سوغات آهي
ڇڏي ڏي رنجشن کي ڪر اچڻ جي
لڳي پئي ساھ کي سڪرات آهي
ازل کان جنگ جوٽي درد سان پر
ازل کان ئي ملي بس مات آهي
اسان جي زندگي آڪاش تو...
جيئين جيئين
برسات جون بوندون
تنهنجي جسم جي مٿان پونديون پئي ويون
تيئين تيئين
تنهنجو لباس تنهنجي بدن سان اٽڪندو پئي ويو
تڏهن تون ڪنهن حسين وادي جو ڪو حسين ڏيک پئي لڳين
۽ اڄ
مون کي انهي برسات جي مند جو
بي صبري سان انتظار آهي۔۔!!!