آءٌ جديد دور ۾ پراڻي سوچ کڻي پيدا ٿيو آهيان. اڳي سچ ڳالهائيندا هئا سين ، هاڻي مان سچ ڳالهائندو آهيان، جيڪو رڳو پنهنجي باري ۾ هوندو، صرف پنهنجي باري، مان هن بلاگ تي جيڪو ڪجھ به لکندس ان نشان به پنهنجو پاڻ کي بڻائيندس، تعريف به پنهنجي ڪندس ۽ تنقيد به پاڻ تي ڪندس. يا وري ڪنهن خيالي ڪردار کي آڏو بهاري ، ان جو مثالي داستان بيان ڪري پيو خيالي ڪردارن کي ذليل ڪندس. مطلب ڳالھ جو اهو ته ڪوشش اها ڪندس ته جيئن ڪنهن دوست، سڄڻ کي منهنجي تحريرن، مضمونن، ڪالمن، لکڻيڻ وغيره مان نقصان نه پهچي.