پهاڪو (گل محمد شاه راشدي)
اُٺ نه پڄي، هڻي ٻورون لتوُن:
هڪ جي باھ، ٻئي مان ڪڍڻ.
جَت، اُٺن تي مال لَڏيو، پاڻ ٻورن مٿان چڙهيو پيا وڃن. اُٺن کي تيز هلڻ لاءِ خوب لتون پيا هڻن، پر لتون ته اُٺن تائين پهچن ئي نه پيون، تنهنڪري اُٺن جي تيزيءَ ۾ خيرڪو فرق نه پئي آيو. وري زور سان لتون پيا هڻڻ، ته به اُٺن تائين نه پيو پهچن، ۽ ٻورن کي پيون لڳن. تڏهن ڪنهن ڏسي ائين چيو