You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly. You should upgrade or use an alternative browser.
راجا سنڌي
زندگي هڪ ڀيانڪ تصوير ،ڊٺل لڪير، سڀ ڪجھ وڃائڻ کانپوءِ به ”دعا“ رهيل کي بچائڻ جي ، هڪ اهڙو ڊيڄاريندڙ خواب جنهن مان ڪڏهن به اک نه کلي ،هڪ سٽ پڙهي هئي ته ”زندگي اڇو پنو آهي“، منهنجي من چيو نه زندگي اڇو نه ”سياح“ پنو آهي جنهن کي سياح بي پرواھ بادشاھ (الله) ڪيو آهي ، اسان ان کي پنهنجي مرضي سان اڇو ڪري به نه ٿا سگھون ، فقط رڙيون ڪري سگھون ٿا. ـ
اگر انسان جي موت برحق آهي ۽ ان کي لازمي اچڻو آهي ته پوءِ هن جهان ۾ اچڻ رشتن سان ڳنڍجڻ جو آخر ڇا مطلب آهي ؟
زندگي پيار آهي پر ڪجھ ماڻهو صرف پاڻ سان پيار ڪن ٿا هو زندگي صرف پنهنجي لاءِ جيئن ٿا ، يا شايد دنيا انهن جي لائق نه ٿي هجي ،،،،،،؟؟؟؟؟؟تڏهن هو ڪنهن کي به سچو نه ٿا سمجھن ”ـ
زندگي هڪ سوال آهي جنهن جو جواب آهي ”موت“ـ
چوندا آهن جيڪو ٿيندو آهي ان ۾ انسان جي ڀلائي هوندي آهي آخر جواني جي موت ۾ پويلن لاءِ ڪهڙي ڀلائي آهي ؟
شايد جواني جو موت پويلن لاءِ هڪ مثال آهي ـ
زندگي هڪ الجھيل سوال هي جنهن جو جواب صرف وحد (الله) وٽ آهي ـ