اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا
نڪي عشق آتش فشان ٿي اُڀاميو،
نه ئي ديپ دل مان اوهان جو اُجهاميو،
نه سگريٽ جو ڦلو ٿي ڇڻياسين،
دُکياسين، جلياسين، اڌورا اڌورا
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا
کلياسين ته دنيا جي خلقت ٿي روڪيو،
رُناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو،
نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رُناسين،
کلياسين رُناسين اڌورا اڌورا،
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا
نه تارڪ ٿي دنيا هي تياڳي سگهياسين
دنيا جو جنجهٽ به نه جهاڳي سگهياسين
نه تون ملين، نه ڪنهن ٻئي جا ٿياسين
هتان کان به وياسين، هتان کان به وياسين
۽ دنيا جي ڌنڌي ڪرڻ کان به وياسين
۽ مرڻ جي مزي کان به محروم رهياسين
۽ جيئندا رهياسين اڌورا اڌورا
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا
عمر اڌ اڻ کٽ عبادت ۾ وئي،
۽ باقي بُتن کان بغاوت ۾ ويئي
خدا ڀي نه مليو نه ان جي خدائي
اي آڪاش جندڙي ائين وئي اجائي
۽ ڳولها جي رڻ ۾ رُلياسين اڌورا اڌورا
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا
Edit