You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly. You should upgrade or use an alternative browser.
آفتا ب علي
آئون ڪجهه سوال اٿاريان ٿو: ڇا عورت تي هٿ کڻڻ سنڌ جي ثقافت آهي؟ قبرستان مان ڀوري ڀيل جو لاش ڪڍي اڇلائڻ سنڌ جي ثقافت آهي؟ ڇا توهان کي خبر آهي ته ڀٽائي سرڪار جي پيرن ۾ ڪير دفن آهي؟ ڇا توهان کي خبر آهي ته سچل سرمست جي پيرانديءَ کان ڪنهنجون قبرون آهن؟ ڇا قبرستان به هندو، مسلمان ۽ ڪرستان ٿيندا آهن؟ ميان ڪجهه هوش ڌاريو. زمين خدا جي آهي ۽ خدا جي سموري خلق جي آهي. زمين نه هندو آهي، نه مسلمان ۽ نه ڪرستان. زمين ماءُ آهي، ان جي جهوليءَ تي سڀني جو حق آهي. توهان ڪهڙي پاڪ ۽ پليت جي چڪر ۾ پئجي ويا آهيو؟ ڪجهه به پاڪ ۽ پليت نه ٿيندو آهي، سواءِ ذهنيت جي. مهرباني ڪري خدا جي تخليق کي پليت نه چئو! سماج ۾ جيڪو جنون پيو ڏسجي، ان جي پويان ڪو ’ڳجهو مفاد‘ ڪم پيو ڪري. اکيون کولي ته ڏسو!
(بدر ابڙو ـ ڪاوش مان ورتل)