آڪسيجن مون کي سنڏ جي وجود مان، آڪسيجن ٿي ملي، تون، اها آڪسيجن، روڪ جي روڪي سگهين!!!
ڌپ تنهجي وجود مان، مون کي ڌپ ٿي اچي، پري ٿي ، ڪٿي تون سنڌ دشمن ته ناهين؟
سارو سارو ڏينهن تانگهه مَ وڃي تنهنجي، وڇوڙي جو مينهن وسندو رهيو ورهين کان
ويهي ويجهي مون ڳالهيون ڪييءَ ڳوٺ جون، الا ڪيڏو تون سچو هُئين سونهن ۾
سانوڻ سڃان توريءَ، بارش ڀي ڄڻ باهه ، تنهنجو چريو چاهه ماپي نه ٿو من ۾.
ابر اڀري آئيا، وٺو ڪيڏو مينهن ، نيرڳ تنهنجو نيهن ٿيو ڪينجهر ڪپ سين
شڪار ڳيرڙو ٿي ويو، هانءُ ٻيرڙو ٿي ويو، موٽ قاتلن کي ملي، درد ديرڙو ٿي ويو.ب – ص- ع
روزو نثري نظم تون، ڀلي مون ڏي، نه اچڻ جو روزو رکي ڇڏ!، پر اهو تون به سمجهين ٿي ته، منهنجو پيار اهو پاڻي آ، جنهن جي بغير، تنهنجي افطاري ممڪن ناهي؟!!!
نالن جي وچ ۾ ڪاما جو استعمال ڪريو