You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly. You should upgrade or use an alternative browser.
فهيم فدا شورو
مختصر تعارف
فهيم فدا شورو سنڌي ٻولي جي نئين ٽهي جو اديب، شاعر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آهي. سندس شمار مسڻ وڏي ٽنڊي الهيار جي مشهور ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. سندس ولادت 8 جون 1988ع ڌاري مسڻ وڏي ۾ مشهور عالم دين، خطيب، شاعر ۽ اديب مولانا محمد يامين شورو ”خادم سنڌي“ جي گهر ۾ ٿي. فهيم فدا شورو پوسٽ گريجوئيٽ هئڻ سان گڏ فارسي ۽ عربي ٻولي جو ڄاڻو آهي. کيس پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن جي ڪري مسڻ وڏي ۽ ضلع ٽنڊي الهيار جي علمي حلقن ۾ اهم مقام حاصل آهي. فهيم فدا شوري آگسٽ 2009ع ۾ ڳوٺاڻي ليول تي هڪ ادبي، سماجي، فلاحي ۽ اصلاحي ادارو انجمن مشعل راهه قائم ڪري مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي جي نوجوانن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. کيس اتفاق راءِ سان انجمن مشعل راهه جي پهرين مرڪزي ڪابينا ۾ چيئرمين جي منصب لاءِ اهل سمجهي چيئرمين چونڊيو ويو. اڄ ڪلهه کيس انجمن مشعل راهه جي باني ۽ قائد جي حيثيت سان پوري تر ۾ سڃاتو وڃي ٿو. موصوف هن وقت تعليم کاتي ۾ ٽيچر آهي، سندس پوسٽنگ گورنمينٽ اسڪول ڪامارو شريف ۾ آهي. سنڌي ادب ۾ مسڻ وڏي جي موجوده تاريخ تي سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”پکا ۽ پنهوار“ سندس ئي قائم ڪيل اداري انجمن مشعل راهه طرفان ڇپرايو ويو آهي، جنهن جي مهورت لاڙ جي سچل ۽ انقلابي شاعر حافظ محمد نظاماڻي ڪئي.