آءَ نه ڪڏهن سچو ٿيندس سچ چوان ته پتِ وڃايان هت هُتِ نيٺ پاڻ لڄايان سڀئي سچو سچو چوندس پاسي ۾ ڪو ويهڻ نه ڏيندس ڪوڙ چوڻ سان ملندم پيار ڪڏهن ٿيندس...
ڪِينَ ڪُنو ڇڏ ، رَھُ راضي رَبَ جي رَضا تي اَٿِي اَنا پيارا ڇا تي ، مِٽيءَ ماڻهو مٽي ٿيندين
ڌُنِ سدائين ڌَنَ جي ، آهي مٿان تو سُوار خُوب ڪيو هِنَ خُوار ، انسان جي عظمت کي
زندگيءَ جو زهر پي ڏِسُ ته مڃان سقراط جي طرح جي ڏِسُ ته مڃان وعدا وفا جا قول روز ٿو ڪرين تون جُوءِ مٿان جان نثار ٿي ڏِسُ ته مڃان
فَنَ جو آهيان فقير ، شاعري آهي بس شوق لَڄَ رَکُ تون لوڪَ ، اوڻايون نه ڏِسُ مون اندر
ڌرتيءَ کي ڇو ڌَنَ ڪاڻ ، وڪڻين ٿو پيو تون وائڙا ڌاريو چوندا ڌرتي واسين کي ، پڇتائيندين پوءِ پاڻ سُتَتِ لَهِجُ سَڄَڻَ سُڃاڻ ، وقتُ نه ورندو...
خلوت ئي آهي خوب ، سڄڻ بنا تنهنجي بزم آهي اهو اندر عزم ، محب مچائي محفل مون سان
علم اهو جيڪو شعور کي بيدار ڪري نه ته علم ته شيطان وٽ به هيو.
نالن جي وچ ۾ ڪاما جو استعمال ڪريو