• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وقارلطيف طرفان موجوده مواد

  1. وقارلطيف

    غزل

    #وقار_لطيف #2k21_پھريون_غزل حياتي جواني ٿي کائي مٺا جواني حياتي ٿي وڃائي مٺا ڪڏهن پير ڪنهن جا اڱڻ سر ايندا ڪڏهن ڪير ٿو پنڌ کٽائي مٺا روح جا اداسي اکين تائين پھتي ڏس ھو ڪير ٿو نير وھائي مٺا سدائين سنڀريو جڏهن عشق جھونو حسن ڪاتي ڪيئن ٿو تنهن تي وھائي مٺا
  2. وقارلطيف

    بیت

    #وقارلطيف #بيت منھنجو من منصور سولي گھري سڏڙا ڪري عشق سندا عاشور ماتم ڪيان ڪيسين اردو میری روح منصور سوئے دار مانگے اپنی زبان سے غمزدہ دن عشق کے ماتم کروں کب تک English My soul belong to mansoor ask for a cross our tongue Saddest days of love's How long shall I mourn for love۔
  3. وقارلطيف

    غزل

    #وقار_لطيف #غزل ھوء اڄ به ساڳي راھن تي ڪا راھ گذر جا ايندي آ ڪنهن نازڪ نازڪ پيرن ۾ پازيب اھا جا ڇمڪيندي آ سا دور دراز ھو ڳوٺاڻو ڪو ڇورو خاري ويندي آ نيھن جو ٽڪساٽ ھڻي ڪيئي ڪونڌر ماري ويندي آ
  4. وقارلطيف

    آزاد نظم/چنڊ کڙڪي ۽ مان

    #آزاد_نظم #وقار_لطيف چنڊ کڙڪي ۽ مان تنھنجي يادن جو تسلسل ننڍ منھنجي فنا چند خيالن جي ھلچل نيڻ منھنجا بنا رات جي پوئين مھل خيالن جي ارپنا وقت جي چھل پھل گل گرنار کان ڇنا چنڊ کڙڪي ۽ مان
  5. وقارلطيف

    غزل

    #وقار_لطيف پيغام ھاڻي سڀ تمام ٿيا وفا جو نالو رھيو نه ڪوئي شھيد عشق سڀ بي نام ٿيا نيڻن جو نشانو رھيو نه ڪوئي وقت وٺي وجھ ڪيو وار اھڙو جيئڻ جو بھانو رھيو نه ڪوئي اکين اشارن سان ڪيئي قتل عام ٿيا خالي من جو مھخانو رھيو نه ڪوئي
  6. وقارلطيف

    نثري نظم لاڙ جي لاڏلي

    #وقار_لطيف #لاڙ_جي_لاڏلي #نثري_نظم ھوء لاڙ جي لاڏلي ھن جون دلبر دلڪش ادائون وفائن جي نام جي سراپا پيڪر حسين نيڻن جي نشانن جي توپچي وقت سان گڏ آخر نظرن کان اوجھل ٿي وئي مگر ھوء لاڙ جي لاڏلي ڪوھستان جي ڪنھن اوچي جبل جيان يا ريگستان جي وسيع آڳر جيان خاموش رھندڙ دلربا مرڪ واري ڪنهن ساحل جي ڪناري...
  7. وقارلطيف

    آزاد نظم

    #آزاد_نظم #وقار_لطیف الڳ الڳ رستا ۽ زندگي من اندر جي پيڙاھ سپنن سندي نه ڪا ساڀيان درد سڀئي آٿت ڏيئن وقت وڇوڙو ۽ ساھ سورن جي ڪا سوڀيان رات بستر ۽ مان اندر جنگ ڪا متل مقتلن جي ميزبان سولي سرحد کان به اڳ ۾ درد سندي ڪا داستان عشق جيڪو ناڪام ٿيو ٻي زندگي ايڏي بي نشان وقت راڪاس رھبر بڻيو دور دلبر...
  8. وقارلطيف

    غزل

    #الوداع_دسمبر_٢٠٢٠ #وقار_لطيف ھن کانپوء زندگي به ڇا زندگي آ عاشقي اجائي ڪا بندگي آ وقت جو گذر برق وانگي ٿو ٿئي وقار! من اندر ڪيڏي نه تشنگي آ اڳئين ٻڌم عشق اڌورو رھجيو وڃي ھاڻي تجربن ڪئي ڳالهه پڪي آ ويران سحرا ۾ ڪنهن پياسي وانگي نيھن ۾ زندگي دربدر ٿي آ ھڪ جون ايليا ھو جو مايوس ٿي ويو...
  9. وقارلطيف

    غزل

    #وقار_لطيف #2k21_پھريون_غزل #2k21پھريون_فوٽو حياتي جواني ٿي کائي مٺا جواني حياتي ٿي وڃائي مٺا ڪڏهن پير ڪنهن جا اڱڻ سر ايندا ڪڏهن ڪير ٿو پنڌ کٽائي مٺا روح جا اداسي اکين تائين پھتي ڏس ھو ڪير ٿو نير وھائي مٺا سدائين سنڀريو جڏهن عشق جھونو حسن ڪاتي ڪيئن ٿو تنهن تي وھائي مٺا
Back
Top