هي آتم ڪٿا سنڌ جي سياست جي سونهن ۽ سائين جي ايم سيد جي تمر فقير جمن دربدر جي دل مان ڦٽي نڪتل معصوم اظهار آهي، جنهن ۾ آدرش ۽ اصول، پيڙهه جي پٿر جيان آهن. هي ڪٿا، اهو معصوم گل آهي، جنهن کي پنهنجي اکڙين جو پاڻي علي زاهد ڏئي سر سبز ڪيو آهي.
هيءَ آتم ڪٿا، جتي معصوم عشق جو بي رحم انجام به آهي، ته...
اسان جي سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ٻه ڏاڍا عظيم انسان هئا. هڪ! جھونجھڪڙي ۾ سائي پن تي ماڪ جي ڦڙن جهڙو شفاف سائين جي ايم سيد ۽ ٻيو سياري جي ٿڌڙي پهر ۾ سج جي سونهري ڪرڻي جهڙو اجرو ۽ پرڪيف شيخ اياز. هي اهي ڪانکي هئا جن جي ڏات سنڌ سان ٿيل ويساهه گھاتين ۾ پاروتي ديويءَ مان ڦري مها ڪاليءَ جو روپ وٺي ٿي. وري جڏهن...