You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly. You should upgrade or use an alternative browser.
پيار علي ڪالرو
اسلام آباد: سينيٽ ۾ ناڻي واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ڪميٽي چيئرمين 5 هزار رپين جا جعلي نوٽ پيش ڪيا، جن جي سڃاڻپ اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر نه ڪري سگهيو، جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن مون کي جعلي نوٽ ملي سگهن ٿا ته عام ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟، ملڪ ۾ جعلي ڪرنسي جو استعمال عروج تي آهي ۽ بئنڪن ۾ جعلي نوٽ استعمال ٿي رهيا آهن، جعلي نوٽن جي حوالي سان جلد پاليسي جوڙي وڃي.