ف

پروفائيل جون تحريرون نواڻ تحريرون بابت

  • وٺي نئون جنم ورنداسون سڃاڻڻ ڪم اوهان جو آ
    مري بہ يار جيئنداسون سڃاڻڻ ڪم اوهان جو آ

    جتي محفل متل ھوندي ڪبيون ڪي رمز جون ڳالهيون
    غزل ۽ گيت پڙھنداسون سڃاڻڻ ڪم اوهان جو آ

    چڙھيا اڀ ڪين آھيون پر سنڌ تي جي ھلان ٿيندي
    مٿان کان هيٺ لھنداسون سڃاڻڻ ڪم اوهان جو آ

    ڏسو جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ڏنڊا تاڻي اٿي پئجو
    اسين پيا ڏڍ ڏينداسون سڃاڻڻ ڪم اوهان جو آ

    سگھاري سوچ جي خاطر سگھارا شعر چئي ساجد
    ڪوي ٻوليون پيا ٻرنداسون سڃاڻڻ ڪم اوھان جو آ
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
Back
Top