عبدالستار پنهور طرفان موجوده مواد

  1. عبدالستار پنهور

    سنڌ جو خواب ۽ انقلاب

    اهو دور هو... جڏهن نظريا هئا، جڏهن نعرا هئا، جڏهن پليجي جي تقريرن تي، سيني ۾ باھ ڀڙڪندي هئي! ۽ سيد جي ”پيغام“ تي، ساھ جي بازي لڳندي هئي! هو پيپلز پارٽيءَ جا مستانا جيالا، ۽ قومپرستن جا رتول ريالا، هڪ ٻئي جي آڏو، سياسي پهاڙ بڻجي بيهندا هئا! پروپيگنڊا هئي، بحث هئا، تڪرار هئا، پر... سڀني جي نيڻن ۾،...
  2. عبدالستار پنهور

    گم ٿيل محبت

    پيار ۾ هاڻي اهي زنجيرون ڪٿي آهن، خوابن جون سچيون تعبيرون ڪٿي آهن. واعدا هن دور جا آهن سڀئي بس آڳ تي، خطن واريون مٺيون تحريرون ڪٿي آهن. اکين سان ناهي پر فون تي ديدار ٿئي ٿو، اڳ جهڙيون پياريون تصويرون ڪٿي آهن. بدلجن ٿا پيا چهرا هتي لمحن اندر هاڻي، وفائن جون لکيل اهي لڪيرون ڪٿي آهن. نئين هن دور...
  3. عبدالستار پنهور

    ضميرن جو واپار

    سياست کي بڻايو اٿن هاڻ آزار، عقيدت جو لڳايو اٿن اڄ ته بازار. حيا غيرت ۽ شرم وڪيا اٿن اڄ ته، محبت کي بڻايو اٿن رڳو تڪرار. انڌن جي شهر ۾ انصاف جا آهن مڪان، عدالت کي بڻايو اٿن صفا لاچار. ضميرن جا سودا ڪندڙ هي لٽيرا، شرافت کي بڻايو اٿن اڄ ته واپار. صلو پورهئي جو جن کي گهرڻو هيو هو، مزدور کي...
  4. عبدالستار پنهور

    مرڪي ملڻ

    هن جو ويجهو اچڻ، مرڪي ملڻ، ڄڻ ته صحرا ۾ ڪنهن گل جو کِلڻ. ساري محفل ۾ عجب منظر هيو، هن جي چپن تان پئي گلڙا کِرڻ. دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي وئي آ وري، هن جو آهستي قدم اڳتي کڻڻ. نيڻ جهڪيا ته حيا جو معجزو، نظريون مليون ته روح جو هو ريجهڻ. زندگي جي هر مصيبت جو علاج، صرف پيار سان تنهن جو ملڻ. درد جي سڀني...
  5. عبدالستار پنهور

    محبت جو ڪتاب

    تنهنجي نيڻن ۾ لکيل آ، محبت جو ڪتاب، تنهنجو چهرن آ ڄڻ ته، کڙيل ڪو گلاب. تنهنجي زلفن جي خوشبو، لڳي ٿي ڪا بهار، تنهنجي مرڪ آ سچ ته، هر درد جو جواب. نه مئي جي طلب آ، نه محفل جو هوش، تنهنجي چاهت جو لڳل آ، عجب هي شراب. اچ ته گم ٿي وڃون، خوابن جي جهان ۾، جتي مان هجان، تون هجين ۽ هجي مهتاب. رهي ٿو...
  6. عبدالستار پنهور

    مان رک

  7. عبدالستار پنهور

    نور

    اونداهي ويندي، نُور ٿيندو دل جو اڱڻ مَسرور ٿيندو صبر جي ٻج مان، گُل ٽڙندا هي باغ پڻ مَعمور ٿيندو گذري اها پڻ رات ويندي سچ جو وري ظهور ٿيندو همت نه هار، اي منهنجا جاني! هر هڪ درد، دُور ٿيندو "ستار" اميد، قائم رک تون خواب اسان جو، پُور ٿيندو
  8. عبدالستار پنهور

    دل صفا ٻار آ

    روبرو اڄ يار آ، دل ته صفا ئي ٻار آ، ساهه جو سڪون آ، اکڙين جو هي ٺار آ. مرڪ تنهنجي موهيو، من ۾ اڄ ملار آ، روح جي هن باغ ۾، هر طرف بهار آ. درد جا بادل هٽيا، چنڊ چمڪيو چاهه جو، خوش نصيبي آ، جو سڄڻ پنهنجي پار آ. جام الفت جو پيئون، اڄ ته محفل مست آ، هر گهڙي هيءَ عيد آ، جنهن ۾ دلبر يار آ. 'ستار'...
  9. عبدالستار پنهور

    نعتِ مقبول ﷺ

    آيو رحمتن جو کڻي هي وسڪارو، مومن جي لاءِ آهي، ربّ جو سهارو. مٺي مرسل جي سُنت، رکڻ آهي روزو، روزي سان چمڪي ٿو، ايمان پيارو. ملي ٿي هن مھيني ۾، شبِ قدر عالي، جنهن ۾ ٿئي ٿو، ربّ جو تجلو نيڪارو. نازل ٿيو قرآن، جنهن ۾ هدايت، ان نور سان روشن، ٿيو جڳ سارو. سحري ۽ افطاريءَ ۾ برڪت آ بي حد، هر گهر ۾...
  10. عبدالستار پنهور

    ٿي ويا نيڻ خمار

    ٿي ويا نيڻ خمار، او ميان! تنهنجا نيڻ خمار! سُرمي سنديءَ ڌار ۾، ڪيئي لکين آزار، او ميان! تنهنجا نيڻ خمار! پيالو گهرجي ڪونه ڪو، تنهنجي ديد ئي لڳي ڌار، او ميان! تنهنجا نيڻ خمار! هڪڙي تنهنجي جهلڪ لئه، بيٺا آهن قطار، او ميان! تنهنجا نيڻ خمار! عاشق تنهنجي شهر جا، ڳولي لڌئي سڀ مار، او ميان! تنهنجا نيڻ...
  11. عبدالستار پنهور

    چاهت جي مسافت

    چاهت جي مسافت سفر پنهنجو محبت آ، هلي هلڻو ئي پوندو! رڳو هيءَ چاهت جي چڻنگ، دليون گڏجي جتي ٻرنديون، بڻبو نور جو رستو، هلي هلڻو ئي پوندو! ڪنڊا هجن يا هجن ٿوهر، پيرين پٽيون ٻڌي پنهنجون، سدائين ساٿ جو سپنو، هلي هلڻو ئي پوندو! هوا جا تيز جهولا به، چراغن کي نه وسائين، وفا جي تات هلي هردم، هلي هلڻو ئي...
  12. عبدالستار پنهور

    سونهن تنهنجي آ سوجهرو

    سونهن تنهنجي آ سوجهرو، او پرين توڏي اچان! چنڊ تنهنجي روپ تان، صدقي ٿئي صد بار، او پرين توڏي اچان! ستارا تنهنجي سونهن جا، چمڪن ٿا موچار، او پرين توڏي اچان! تنهنجي گهور گھايل ڪيو، پيو لوچي هي ستار، او پرين توڏي اچان! پکي، پکن ۾ پيا، ڪن تنهنجي ئي پچار، او پرين توڏي اچان!
  13. عبدالستار پنهور

    برسات

    وائي وسِي پيا اڄ مينهڙا، پَسُ سونهن جا سنيها! ٽِمي پئي اڄ ٽاري ٽاري، ڀِڄن ٿا سڀ پٽ پيها، پَسُ سونهن جا سنيها! ڪڪرن جي هن ڪارونڀار ۾، بجليءَ جا نوان ويهه، پَسُ سونهن جا سنيها! سارَ تنهنجي مَن ۾ وسندي، بڻجي آيا بادل ميهہ، پَسُ سونهن جا سنيها! تنهنجي سڪ ۾ اڄ ستار، ڳولي ٿو اِهي ڏيها، پَسُ سونهن جا...
  14. عبدالستار پنهور

    سا چري ڇوڪري

    هوءَ چري ڪا ڇوڪري، آ ڇوڪري! پنهنجي حال ۾ مٽ لڳي. وار کولي واٽ تي ويٺي جڏهن، ڄڻ ڪا جهڙالي گهٽا لڳي. پيرين ناهن پازيب تنهن جي پر، ڇم ڇمان جي ڪا لٽ لڳي. پيار پٿرن سان ڪري ٿي پيار مان، سا مٽيءَ جي ڪا مٽ لڳي. لڙڪ اکڙين ۾ اٿس رتا رتا، ڄڻ برسات پڄاڻان رت لڳي. سڏڙن ۾ تنهن جي او "ستار" مٺڙا، سڪ جي ڪا...
  15. عبدالستار پنهور

    آليون تصويرون

    کڻي وڃ اکين مان هي، آليون تصويرون، ڏنئي روح کي جيڪي، زنجيرون کڻي وڃ. کسي سک سارو، غم ڏنئي تحفي ۾، نصيبن جون لکيل، تقديرون کڻي وڃ. جتي نالو هو تنهنجو، سا نگري ويران ٿي، باک ڦٽيءَ جون ٻرندڙ، تنويرون کڻي وڃ. يادن جي هن قيد ۾، ساھ ٿو هاڻي منجهي، تنهنجي نالي جون لکيل، تحريرون کڻي وڃ. جتي قدم هئا...
Back
Top