عبدالستار پنهور طرفان موجوده مواد

  1. عبدالستار پنهور

    عجب حال زار

    نه اهي نيڻ آهن، نه شرم و وقار، وڃي خودنمائيءَ جو پهتو آ بار. جهڪي اک ويندي هئي غير کي ڏسي، نه پردو رهيو آ، نه لڄ جي ميار. هئاسين ادب جا سدائين محافظ، مگر ٿي ويو هاڻ حالِ زار. نه تهذيب ناتو، نه مورت شرافت، فقط لائيڪس لئه مٽيو سڀ نهار. وئي سونهن مٽجي، وئي سادگي به، نمائش ۾ بدليو آ سارو سنسار...
  2. عبدالستار پنهور

    چنڊ ۽ ٿالھ

    توکي پنهنجن خيالن ۾ ڳولهيان ٿو، گذريل سڀني سالن ۾ ڳولهيان ٿو. نه تون ملين ٿو نه چين ملي ٿو، پاڻ کي تنهنجن سوالن ۾ ڳولهيان ٿو. ڪتابن جي ورقن ۾ لڪل آهين تون، لکيل پنهنجن مقالن ۾ ڳولهيان ٿو. ڪڏهن تنهنجي ياد جي خوشبوءِ بڻجي، تنهنجي منجهيل چالن ۾ ڳولهيان ٿو. رڳو درد جو ئي پڙلاءُ پوي ٿو، خالي پيل...
  3. عبدالستار پنهور

    ڪرتي عورت

    بهتانن جي باھ منجهان هوءَ نڪري ٿي، ڪهڙي اعليٰ چاھ منجهان هوءَ نڪري ٿي. گھر جون سڀ ذميواريون پوريون ڪري، پنهنجي منزل راھ منجهان هوءَ نڪري ٿي. آفيس جي هن گوڙ ۽ ڪم جي دنيا ۾، پختي هڪ ويساھ منجهان هوءَ نڪري ٿي. مرد ڪلهي سان ڪلهو ملائي جاکوڙي، هڪ سچي همراھ منجهان هوءَ نڪري ٿي. ڪوڙا طعنا، تِکيون...
  4. عبدالستار پنهور

    جيئڙو جرڪي پئي ٿو

    تو سان جيئڙو جرڪي پئي ٿو، من منهنجو به مرڪي پئي ٿو. ساوڻ رت ۾ ساريندي کيس، ساھ اندر ۾ سُرڪي پئي ٿو. سانوريءَ ۾ ڪشش آ اهڙي، نينهن نئون پيو بڙڪي پئي ٿو. ياد اچي ٿو جڏهن هو جاني، لڙڪ اکين مان ترڪي پئي ٿو. تنهنجي سڪ ۾ اي منهنجا سائين، "ستار" تنهنجو ڌڙڪي پئي ٿو.
  5. عبدالستار پنهور

    عجيب دور

    زندگي عجيب دور مان گذري پئي، بي حجابي ۽ شور مان گذري پئي. ٿي وئي هر امانت ۾ اڄ ته خيانت، بي حيائي جي زور مان گذري پئي. ڪيڏا مڻيادار ماڻهو هئا واسڻا پر، تن جي جواني سُور مان گذري پئي. سچ جو چهرو به هت لڪي ويو آهي، ڪُوڙ جي هر هڪ ڏور مان گذري پئي. غيرت ۽ احساس سڀ نيلام ٿيا اڄ، بي حسيءَ جي گهور...
  6. عبدالستار پنهور

    پاڻي ڪڇيل آهن

    پاڻي تنهنجا ڪڇيل آهن ماڻهو تنهنجا بڇيل آهن، واٺاگيري کان باز نه ايندي جوتا تنهنجا چٽيل آهن، عزت جي ڪا پرواهه ناهي نڪ توهان جا ڪٽيل آهن، ضميرن تي مٽي ڄمائي سچ جا رستا رٽيل آهن، وڪڻي ويٺا آهيو اصول سودا سڀئي سٽيل آهن، ستار، هن بازارِي دور ۾ سچا ماڻهو ئي لٽيل آهن
  7. عبدالستار پنهور

    اوسيئڙو

    اکڙين کي اوسيئڙو، رهندو تولاء سڪيل جيئڙو رهندو, انڌاري ۽ طوفانن ۾ ساٿي آس جو ٻريل ڏيئڙو رهندو, نيٺ منزل صاف به ٿيندي ڪيسين من ڪوهيڙو رهندو موسم واگر مٽجين ٿي تون هاڻي ڪيسين سيئڙو رهندو, ڀڳيل من جي موسم آ وڻندڙ جيء ۾ تولاء، مينهڙو رهندو, پاسي کان ڇو جهاتي پائين هاڻ نه، ڪڏهن ليئڙو رهندو...
  8. عبدالستار پنهور

    توکي ساري ويٺس

    توکي جو اڄ ساري ويٺس نير نيڻن مان هاري ويٺس حسين يادون ياد ڪري پو هانءُ پنهنجو ڏاري ويٺس تنهجو ساٿ هو منهنجي دنيا هر شئي پنهنجي کاري ويٺس ڏک سک جو ساٿي منهنجو اڄ قسمت سان هاري ويٺس تنهنجي جدائيءَ جي باهه ۾ خواب سڀئي ساڙي ويٺس ستار، تنهنجي نالي خاطر پنهنجو پاڻ ئي ماري ويٺس
  9. عبدالستار پنهور

    من مهڪي پيو

    توسان جيون ٺهڪي پيو آ سارو هي من مهڪي پيو آ پنهنجي خيالن جي محور ۾ توکي ڳولهي سهڪي پيو آ انسان آهيان انسان وانگر خيال پنهنجو بهڪي پيو آ توسان جڏهن نيڻ ملن ٿا دل منهنجي دهڪي پيو آ سونهن ستار ساري تنهنجي ڇوتون ان تي ڀڙڪي پيو آ
  10. عبدالستار پنهور

    محبتن جا سودا

    محبتن جا سودا سري عام ٿين ٿا، غيرت حياءَ سڀ اڄ نيلام ٿين ٿا! چهرا فرشتا، هٿ اندر خون جا، هڪ مرڪ پٺيان قتلِ عام ٿين ٿا! پيار ٿيو ڌنڌو، ايمان ٿيو واپار، دل جذبن جا اگھ اڄ عام ٿين ٿا! غريب جي آھ ڪين ٿي ٻڌجي، امير جا ڏوھ هت سرعام ٿين ٿا! تخت تاج ڪري پوندا اٿئي ياد رک، هڪ آھ سان ڪيئي انجام ٿين...
  11. عبدالستار پنهور

    راڻو

    هو جو منهنجو راڻو آهي، هن سان ڪهڙو ماڻو آهي؟ ساهه ۾ اهڙي ڇڪ اٿس، محبت جو هو ڄاڻو آهي. مرڪ سندس ٿي روح جِياري، ڄڻ پکيءَ لئه داڻو آهي. جان به تنهن تان صدقي وڃي، پرينءَ لئه ٻانهن وهاڻو آهي. ماکي، مصري پنهنجي جاءِ تي، هو ته مکڻ جو چاڻو آهي. مون کان ائين ٿو شرمائي، ڄڻ الفت ناهي، گهاڻو آهي. تنهن...
  12. عبدالستار پنهور

    جيون جو شان

    توکي جيون جو شان سمجهان ٿو پنهجي خوشي ۽ مان سمجهان ٿو تنهجي مرڪ نئون ساھ ٿي بخشي توکي پنهنجي ئي جان سمجهان ٿو پاڻ سينگارين ٿي جڏهن مون لاء پاڻ کي مان به جوان سمجهان ٿو مون ڪيا تو اڳيان سڀ هٿيا ڦٽا هن کي پنهنجو ارمان سمجهان ٿو نيڻن سان جڏهن مليا نيڻ ستار پنهنجو توکي جهان سمجهان ٿو
  13. عبدالستار پنهور

    ڪوئي ڪنهنجو ناهي

    ڪوئي ڪنهنجو رهيو ناهي پرين اڄ جي رشتن کي ٿيو ڇاهي پرين هر ڪو هت "مان مان" ۾ گم آهي هرڪو پنهجي ثنا پيو ٺاهي پرين روز نفرت جا گهلن هتي واء پرين ڪير محبتن جو ڳاھ ڳاهي پرين وئي وڌي خودگرزي منافقت ماڻا هر رشتن جا ڪير ڪاهي پرين ستار اڄ مخلص ٿيڻ ڏکيو آهي پٽڪو جوانن ڇڏيو آ لاهي پرين
  14. عبدالستار پنهور

    محبت جو واس

    هن دل ۾ توکي سنڀالي رکڻو آ بس محبت جو ڪو واس وٺڻو آ ٻئي ڪنهن ڏسون به ڇا جي لاء تهنجي چاهت جو چاھ چکڻو آ هر دور ۾ محبت ئي ڇو آ رسوا هاڻ اهڙي سوچ کي ئي به مٽڻو آ هڪ دل کان جڙي ٻئي دل سان اهڙي تند کي نه هاڻي ڪٽڻو آ ڏکن ۾ به تنهنجو نالو آ ساٿي سکن ۾ به ساڳيو ساٿ رکڻو آ تنهجي رستن تي نيڻ وڇايا...
  15. عبدالستار پنهور

    قيد ۾

    اڃان دل آ باندي، تنهنجي قيد ۾، ٿيا وار چاندي، تنهنجي قيد ۾. هزارين حسين چهرا موجود آهن، پر اها دل آ ماندي، تنهنجي قيد ۾. ٻين پويان ڊوڙون اسين ڇا جي لاء؟ آ الفت هيڪاندي، تنهنجي قيد ۾. محبت ته هر ڪنهن جوانيءَ ۾ ماڻي، رهي دل هي واندي، تنهنجي قيد ۾. نه آزادي سُکي، نه جهان ٿو وڻي، هر ساهه تي...
Back
Top