منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

'سنڌي شاعري' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify]السلام عليڪم دوستو!
    1996 کان وٺي مون طالب علمي جي زماني ۾ ڪجهه شاعري لکڻ شروع ڪئي هئي، پر گهڻي ڀاڱي مون اردو ۾ شاعري ڪئي هئي جيڪا پنهنجي ڊائري ۾ سانڍيندو ويندو هوس.
    ڪجهه وقت اڳ ٽنڊي محمد خان ۾ سائين استاد نثار احمد ناز صاحب سان ان باري ۾ ڊسڪشن ٿي هئي جن منهنجي همت افزائي ڪندي شاعري ونڊڻ جو حڪم ڏنو هو.
    اصل ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙي آهي جيڪا ڪا خاص نه آهي، پر آءُ ان کي جيئن جو تيئن ونڊي رهيو آهيان مَنَ سائين نثار ناز صاحب ان جي درستگي جو شرف به ڏين.
    ياد رهي ته صرف چند سال شاعري لکي مون اها ڊائري ئي بند ڪري ڇڏي هئي زماني جي لاهن چاڙهن جي ڪري.
    مڪي پاڪ ۾ منهنجا هندوستاني استاد منهنجي شاعري جي درستگي ڪندا رهندا هئا، جو آءُ انهن کي اصلاح خاطر ڏساريندو هوس، اهي پڻ مونکي همٿائيندا رهندا هئا.
    هي به زندگي جي هڪ موڙ ۾ منهنجون يادون آهن، پوءِ کڻي ڪهڙيون به هجن، جن کي آءُ اڄ ونڊڻ شروع ڪريان ٿو.
    اميد آهي دوست برداشت ڪندا.
    [/justify]

    ملڻ چاهيم توسان

    ملڻ چاهيم توسان پر زماني ملڻ نه ڇڏيو
    کلڻ چاهيم توسان پر زماني کلڻ نه ڏنو

    ڪڏهن ٿيندي پرين وري ملاقات
    ڪڏهن ملندو مونکي تنهنجو ساٿ
    ڪري ويٺم ماٺ! پر جدائي جيئڻ نه ڇڏيو

    ڀلا ڪيڏو جدا رهڻو آهي اڃان!
    وري ڪيترو جيئرو مرڻو آهي اڃان!
    تون کل ته مڃان! زماني مڃڻ نه ڏنو

    ڪندس ملڻ جي ڪوشش توسان جلدي
    عشق ۾ هلندي پنهنجي ٻي جي نه هلدي
    مولا ڪر ڪرم جلدي! زماني سمهڻ نه ڇڏيو

    عشق ڪري ٿو توسان طاهر
    آهي تنهنجي عشق جو هو ماهر
    آ ڳالهه اها ظاهر! زماني چوڻ نه ڇڏيو​


    با! اميد آهي ته برداشت ڪئي هوندوَ تڏهن ته هنن جملن تائين به پهتا آهيو!!
     
  2. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    تمام زبردست شاعري آهي توهان جي
    سٺا خيال آهن
    مهرباني ونڊ ڪرڻ جي
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    واه سائين واه
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    ادا طاهر سنڌي، ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل به چوندي آهي ته شاعري ڪريان ۽ پوءِ لکڻ به ويهندو آهيان، پر محبوب تي لکجي يا عشق تي لکجي يا سونهن تي لکجي ۽ دنيا جا ٻيا اڪيچار نظارا نظرن ۾ اچي ڦرندا آهن وري جو پاسو مٽائيندو آهيان ته انسان جون بي وفايون، زماني جون ستم ظريفيون ۽ انساني ماحول ۾ موجود ڪوجهائپ تي وڃي نظر پوندي آهي ۔۔۔

    بس پوءِ ڏڪڻي وٺي ويندي آهي ته ڇا لکجي؟ حيرت ۾ وات پٽجي ويندو آهي ۽ لفظ ساٿ ڇڏي ويندا آهن ۔۔۔۔

    اوهانکي شابس آهي جو دل جهلي لکندا ويا آهيو ۔۔۔ لڳي ٿو ته زماني اوهان سان ڏاڍايون ڪيون آهن، جنهن جو اظهار بي ساخته ڪيو اٿوَ ۔۔۔ ۽ وري چئو ٿا ته ٻي جي نه هلندي، عشق جي معاملي اوهانجي هلندي ۔۔۔ سو يار مڙسي ڪر، زماني جا اهي ڊوهه ڊاهي ڏيکار ۔۔۔ باقي پاڻ ته ڦاٿل آهيون ۔۔۔

    شاعري جو مقصد ته سادو ۽ سٺو آهي پر انجو وزن ته نثار ناز ئي سمجهي يا ڪو ٻيو شاعر ۔۔۔

    تاڙيون ۔۔۔
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    سائين ابڙا صاحب اوهان جي ٻاجهاري شخصيت اسان جي همتن کي پست ٿيئڻ نه ٿي ڏئي ڌڻي پاڪ اوهان جي ڇانَوَ اسان جي سرن تي قائم رکي۔
    باقي سائين جن جي شاعري ۾ زماني جون شڪايتون آهن، هڪ مثال آهي اها چوڻ ته نه گهرٍجي پر اوهان جي هوندي جسارت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ته ادا طاهر چوندا آهن ته ڪتن جي ڀونڪڻ سان فقير جي روزي ۾ اضافو ٿيندو آهي گهٽتائي ناهي ٿيندي آهي زمانو ڇا ب ٿي پوي پر اوهان پنهجي محبوب جي عشق سان وابسطه رهجو۔
    وسلام
     
  6. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    ادا طاهر سنڌي تمام بهترين ۽‌ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي
    هون ته پاڻ به شاعري جي درجن واري دنيا ۾ درجي جي لحاظ کان ڄاوا ئي ڪونه آهيون۔
    پر ڪجهه وڏڙن جي شفقت ڀري نگاهه مان پنهنجي شاعري جا لفظ گذريا آهن
    ۽ انهن اوڪي جو ٺپو لڳايو آهي۔۔۔
    ادا طاهر شاعري هڪ وسيع ساگر آهي جنهن جو ٻيو ڪنارو ڪونهي ۽‌ اوهان کي هن
    ساگر جي ڇولين ۾‌پير پُسائڻ تي ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔

    اميد ته اهڙيون ڪوششون جاري رکندا۔۔۔۔۔

    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔۔۔
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    تمام بهترين شاعري آهي سائين باقي سائين ابڙي صاحب چواڻي شاعري جو وزن بابت ته سائين نثار ناز ئي ڪجهه ٻڌائي سگهن ٿا

    لاجواب ڪوشش آهي توهان جي

    اهڙو ونڊ جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  8. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    ادا تمام بهترين شاعري آهي
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    سائين طاهر جن جي شاعري پڙهي خوشي ٿي ته اسان وٽ ڪافي دوست شاعري جو شوق به رکن ٿا ليڪن لڪل ٿا رهن وزن عروض جي پاڻ کي به خبر نه آهي شاعري سان ايترو لڳاء به نه آهي سواء سهڻي لطيف جي شاعري جي بهرحال دوستن جي ڪوشش کي جس ته ڏيڻي آهي اميد ته سائين نثار ناز جن توهان جي ڪچ پڪاين جي نشاندهي ڪري اوهان جي اصلاح يا آفرين جو سرٽيفڪيٽ ڏيندا.
     
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    شاعري عطيه خداوندي سان گڏ سکيا سان به ايندي آهي
    اوهان سکيا ورتي آهي الاهي نه جيڪر نه ته پو اها ضرور عطيه خداوندي هوندي !
    اوهان وٽ لفظن جو ذخيرو آهي ۽ ڪشش به ،پر کٿي کٿي سٽون برابر نظر نٿيون اچن ۽ مون جيڪو پڙهيو آهي ته هن ۾ سٽون پرابر رکڻيون پونديون آهن ۽ شايد مان غلط به هجان ڇو ته شاعري جا به گهڻا اقسام آهن جن ۾ غزل ، چو سٽو مسدس ۔نثر وغيره آهن سو ضرور سڀنن جي هئيت به الگ الگ هوندي ۔ وڌيڪ اسان جي هن اڱڻ جي شاعر ادا نثار ناز کي گذارش آهي ته نظر وجهي جئين ادا طاهر جي محنت سڄائي ٿئي ۽ حوصلو پڻ ملي ۔ اميد آهي ته ادا طاهر شاعري ذريعي دين جي خدمت به ضرور ڪندو ۔آمين
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    چوندا آهن ته سکندا اهي ئي آهن جيڪي پڇڻ ۽ اظهار ڪرڻ‌ ۾ شرميلا نه هجن۔۔۔۔ جيڪڏهن ڪهاڻي يا مقالو هجي ته ان کي رواني ۾ ۽ جي شاعري هجي ته ان کي شاعرانه اظهار ۾ پڙهڻ سان پتو پوندو آهي ته ليک ۾ وزن ۽ بحر ڪيترو آهي۔۔۔ توهان جي ڪوشش پهريون ڏاڪو ٿي لڳي پر لفظن تي غور ڪرڻ سان خيال بهتر ٿا لڳن۔۔۔ اميد ته بهتري ايندي رهندي۔۔۔
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    ادا طاهر تمام زبردست خيالن سان ڀرپور شاعري آهي، پر سائين رشيد جي ڳالهه وانگر ته ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته اوهان شاعري جي منزل جي پهرئين ڏاڪي تي موجود آهيو۔۔۔
    بهرحال پوري نظم جي بحر وزن جي بابت ته سائين نثار ناز ئي اوهان کي ٻڌائيندا پر مست صرف هڪ ننڍڙي گذارش عرض ڪندو ته توهان هن شاعري جو قافيو ”ڏنو يا ڇڏيو“ مان ڪو هڪ رکندا، جنهن مان منهنجي خيال مان ته ڏنو وارو قافيو لفظن تي ٺهڪي ٿو۔۔۔ جيئن ”ملڻ‌ چاهيم توسان پر زماني ملڻ‌ نه ڏنو“​
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    ڪجه ڏينهن پهريان مونکي به کُٽيء کنيو هو ته شاعري ڪيان پر جڏهن طاهر جي شاعري پڙهيم ته توبه ڪري ڇڏيم ته ڪٿي اهڙي شاعري پڙهي مون وارا سڀ دوست ڀڄي نه وڃن ، تنهنڪري شاعريء وارو خيال ڪينسل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاهاهاها

    يار طاهر دل ۾ نه ڪجان اهو سڀ مزاق ۾ چيم ، اوهان شاعريء جي صنف طرف به آيا اها به سٺي ڳاله ، پهريان سيلاني هئا هاڻي سيلاني سان گڏ شاعر به۔ جيتوڻيڪ اوهان جي شاعري ڪا اعلى شاعري ڪانهي پر ان طرف هڪ وک ضرور آهي ۔ وقت گذرڻ سان گڏ ان ۾ سٺي پختگي اچي سگهي ٿي پر ان لاء اهو شرط آهي ته اوهان شاعريء جا اصول پڙهو ، اوهان وڏن شاعرن کي بار بار پڙهو۔

    خوشي ٿي جو اوهان شاعر به ٿي ويا يقينن سائين نثار ناز ، مست ، درويش ۽ ڏاڏل شينو اوهان جي مدد ڪندا۔ مدد ته عاشق به ڪري سگهي ٿو جو هو به ڪڏهن ڪڏهن هڪ سٽ واري شاعريء ۾ الائي ڇا چئي ويندو آهي جو مان سڄو ڏينهن پيو سوچيندو آهيان پر ڪجه سمجه ۾ ڪونه ايندو آهي تيستائين وري ٻي نئين سٽ به اچي ويندي آهي۔

    اسان جون دعائون ته اوهان هن صنف ۾ به ڪامياب ٿيو
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان


    بس يار اهي ڏينهن به ڏسڻا هئا۔
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    بس ادا لڳي ٿو ته سائين ناز صاحب جي نظرن کان هي سٽون نه گذريون آهن نه ته ضرور آپريشن ڪن ها!!
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    [justify]سائين مهرباني پنهنجي به اها ئي عادت آهي ته پڇڻ ۽ اظهار ڪرڻ مان بلڪل نه ڪيٻايون، ان ڪري ته هي سٽون لکي ڏنم!![/justify]
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني۔
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    ڀاءُ پسند ڪرڻ جي مهرباني۔
     
  19. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    هاهاها سائين بس ڇا ڪجي؟ اوهان ته شاعر ۽ ڏاها آهيو، جيئن وڻيوَ!!
     
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجي شاعري! ملڻ چاهيم توسان

    مهرباني سائين سمجهائڻ جي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو