سنڌه جون عورتون ۽ سنڌي ميڊيا جو ڪردار

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ چانڊوڪي طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2011۔

  1. چانڊوڪي

    چانڊوڪي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    46
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [JUSTIFY]
    • سنڌه جون عورتون ۽ سنڌي ميڊيا جو ڪردار
    • حسين بخش ملاح
    [/JUSTIFY]

    پاڪستاني پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا واري صنعت هلندڙ ڏهاڪي جي آخري حصي ۾ پاڙيسري ملڪن جي ميڊيا کان ڪنهن ڍوڙ ۾ پوئتي نه رهي آهي. پاڪستان جي اردو ميڊيا کي ٻين ٻولين خاص ڪري انگريزي ۽ سنڌي جي ڀيٽ ۾ ڪافي اڳتي تصور ڪيو وڃي ٿي پرڏٺو وڃي ته سنڌي ميڊيا سنڌه ۽ پاڪستان ۾ جتي جتي سنڌي آبادي موجود آهي اتي هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ... See more

    سنڌه جي ڳوٺن ۽ سنڌه جي دنگن سان ملندڙ سرائڪي يا جدگالي آبادي ۾ عوام جو وڏو انگ اڄ به آساني سان اردو زبان سمجهي نه ٿو سگهي. ٻي طرف اردو ميڊيا ۾ مشهور ترين ”مزاڪرات“ جيڪي منهنجي خيال ۾ عام فهم مخلوق جي سمجهه کان ٿورو مٿي هوندا آهن پر تعليم يافته ۽ ترقي يافته طبقي لاءِ گهڻو اهم سمجهيا ويندا آهن. تازو لاهور واري لانگ مارچ دوران ڪامران خان ۽ مولانا فضل رحمان وچ ۾ زور آزماعي ٿي جنهن ۾ مولانا صاحب چيو ته ” سياستدان مين هون اور تبصرا ڪرنا ميرا ڪام هي“ جواب ۾ ڪامران خان چيو ته ” تبصرا ڪرني ڪا حق مجهي بهي هي ڪيونڪه مجهي بهي سولها ڪروڙ عوام سنتي هي“ .” سولها ڪروڙعوام“ واري پرولي ٽوڙڻ تمام ڏکي ڳالھه آهي پر اسان اهو ضرور چونداسين ته سنڌي ميڊيا نه صرف سنڌي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ وارن لاءِ پر عوام جو هڪ وڏو انگ جيڪو صرف سنڌي سمجهي سگهي ٿو ان لاءِ به هڪ وڏي تبديلي جو سبب بني آهي.

    سنڌي پرنٽ ميڊيا جي ته تاريخ تمام ڍگهي آهي پر سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا هن صدي جي پهرين ڏهاڪي جي پئدائش آهي ۽ ٿورڙي وقت ۾ اسان جي خطي ۾ هڪ وڏي تبديلي جو سبب بني آهي. ڪي ٽي اين جي بنياد ۽ ان کي عوام ۾ وڏي مقبوليت سنڌي پرنٽ ميڊيا جي لاءِ راه هموار ڪئي.

    اسان وٽ عام طور تي ”هوٽل“ اها جڳھه سمجھي وڃي ٿي جنهن جگهه تي چانهين يا ماني ملي پر هڪ وقت اهڙو به آيو جڏھن هوٽل ۾ ٽي وي جو هجڻ لازمي ٿي ويو، پر ٽي وي جو استعمال عام طور تي پاڪستاني خبرن يا ڍرامن ڏسڻ لاءِ نه پر انڍين فلمن ڏسڻ لاءِ ڪيو ويندو هو. ۽ انھن ھوٽلن استعمال نه صرف ڳوٺن پر شهرن ۾ به صرف مرد ئي ڪري سگهن ٿا. اڄ به سنڌه جي وڏن ڳوٺن توڙي شهري وسندين ۾ هڪ کان به وڌيڪ هوٽلون نظر اينديون جتي مزدور، هاري ۽ بيروزگار ٽي وي ڏسي پنهنجو فارغ وقت گذارين ٿا. پر اڄ توهان انهن کي انڍين فلمون نه پر سنڌي خبرن ۽ ڍرامن ڏسڻ ۽ انهن تي تبصرا ڪرڻ ۾ مگن ڏسندا.

    سنڌه جي آبادي جو هڪ وڏو انگ اڄ به پڙهي ۽ لکهي نه ٿو سگهي پر سنڌي زبان ٻڌي ۽ سمجهي ضرور سگهي ٿو. سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا نه صرف مزدور، هاري ۽ بيروزگارمرد لاءِ تعليم ۽ تبديلي جو سبب بني آهي پر سنڌه جي پڙهيل ۽ اڻپڙهيل عورت جيڪا گهر ۾ واڙيل آهي اها به سنڌي ڍرامن ۽ مخطلف پروگرامن ذريعي پنهنجو پاڻ ۾، ۽ پنهنجي گهر جي ماحول ۾ تبديلي آڻي رهي آهي.

    سنڌه جي ننڍن شهرن توڙي وڏن ڳوٺن ۾ هن وقت ڪيبل سسٽم موجود ملي ٿو پر پسمانده علائقن جي ننڍن ڳوٺن جتي بجلي موجود آھي اتي گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ٻن گهرن ۾ ڊش ائنٽينا ضرور ملندي جتي ڳوٺ جون عورتون گهڻو ڪري مردن جي غير موجودگي دوران ملي ڪري سنڌي ڍراما ۽ مخطلف پروگرام ڏسن ٿيون.

    سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا نه صرف مزدور، هاري ۽ بيروزگار مرد ۽ پڙهيل يا اڻپڙهيل عورتن لاء ِتعليم ۽ تبديلي جو سبب نه بني آهي پر شهري لکهيل ۽ پڙهيل آبادي جيڪا اڳ انڍين اسٽار چئنل تي گهرو زندگي تي ٺهيل ڍرامان ڏسندي هوئي هاڻ سنڌي ڍرامان ڏسي ٿي.

    سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊياجنھن جو بنياد ڪي ٽي اين چئنل کان پيو پنهنجو پاڻ کي اردو ۽ انگريزي ميڊيا کان مخطلف انداز ۾ پيش ڪيو. اسان جي معاشري ۾ سماجي اڻبرابري، بک، غربت، بيروزگاري، قبيلائي جھڳڙن جھڙا ۽ ڪيترائي ٻيا مسئلا موجود آهن پر سڀني مسئلن جو آسان شڪار عورت ئي رهي آهي. سنڌي ميڊيا جو سڌي يا اڻ سڌي طريقي سان پڙهيل يا اڻپڙهيل عورتن جي ” امپاورمينٽ“ ۾ اھم ڪردار آھي. سنڌه جي پڙهيل لکهيل عورت جيڪا گهر به هلائي پئي ۽ نوڪري به ڪري پئي ان لاءِ وري به پنهنجي دانهن ادارن تائين پهچائڻ ممڪن هو پر سنڌه جي اڻپڙهيل عورت جيڪا پاڻمرادو ڪو خط يا درخواست نه لکهي سگهندي هوئي پر صرف سنڌي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندي هوئي اڄ اها عورت سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي پنهنجو آواز پاڪستان جي جهموريت پسند اڳواڻن، پڙهيل لکهيل سول سوسائٽي جي عورتن، اديبن ۽ عالمي انساني حقوق جي تنظيمن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.

    پر سنڌه ۽ پاڪستان جي معاشري کي سماجي اڻبرابري، بک، غربت، بيروزگاري، قبيلائي جھڳڙن جهڙي خطرناڪ بيمارين کان آجو ڪرڻ ۽ عورتن جي ” امپاورمينٽ“ لاءِ سڀني سنڌي، اردو ۽ انگلش چئنلن کي هڪ مڪمل آذاد ۽ سياسي رشوتن کان پري رهي، غريب عوام ۽ ان ۾ موجود غريب طبقن جي آزادي لاءِ جدجهد جاري رکڻي پوندي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌه جون عورتون ۽ سنڌي ميڊيا جو ڪردار

    بيشڪ ميڊيا جو ڪردار اڄ جي معاشرتي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو اهم آهي ۔۔۔ ميڊيا عوامي مسئلن کي جيترو اڀاري ۽ عام ماڻهونءَ ۾ شعور پئدا ڪري رهي آهي اهو ماضيءَ ۾ شايد تمام مشڪل هو ۔۔۔ اڄ ميڊيا هر طرف پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيا آهن جن ۾ عورتن جي سڃاڻ ۽ انهن جي مسئلن جي حل جو پڻ ڪافي ڪجهه مواد پيش ٿئي پيو ۔۔۔

    سنڌ ۾ سنڌي چينل آيا ته سنڌي ٻوليءَ کي پڻ هٿي ملي آهي ۽ سنڌ جا مختلف مسئلا پڻ بحث هيٺ اچن ٿا جن ۾ سنڌ جي عورت پڻ هڪ بحث آهي ۔۔۔

    لک ٿورا محترمه چانڊوڪي صاحبه ، جو اوهان اڄ ڪيترن ڏينهن کانپوءِ اچي سنڌ سلامت کي شرف بخشيو آهي ۔۔۔ اسانجون اکيون ٿڌيون ۔۔۔

    جي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويهه،
    ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچـج انهن جـــــي۔
    لطيف
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌه جون عورتون ۽ سنڌي ميڊيا جو ڪردار

    [justify]چانڊوڪي بابا جي ڪري آيا، محترم حسين بخش جو مضمون الائي ڪٿي اڳ ۾ به پڙهيل آهي، ڪنهن دور ۾ هي معاشرو مادر زاد هو، ان معاشري ۾به عورت تي جبر ڏاڍ تمام گهڻي سنگدلي سان روا رکيو ويندو هو، ظلم ته اهو هو ته عورت کي مرد جي پيٽ ڀرڻ واسطي جنگل جنگل بستي بستي نگر نگر پورهيو ڪرڻو پوندو هو، جڏهن عورت گرب وتي ٿيندي هُئي ته عورت کي غارن ۽ جنگلن ۾ اڪيلو ڇڏيو ويندو هو ته اڪيلي اڪيلي اهي سور سهي، جي ان سورن جي سلي ۾ عورت کي پُٽ جهڙو اولاد نرينه پيدا ٿيندو هو ته واهه جيڪڏهن اُن عورت کي نياڻي پيدا ٿيندي هُئي ته نياڻي سميت عورتن تي ظلم جا پهاڙ بربا ڪيا ويندا هُئا، جيتوڻيڪ جو هينئر اسان جو معاشرو پڌرزاد آهي ان هوندي به عورت وري به واڳوئن جي وات آهي، پر اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته عورت تي عورت ئي ظلم ڪندي نظر ايندي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته عورت کي پستي طرف مرد ڌڪيندو آهي، ۽ عورت مرد جي مٺين مٺين ڳالهين ۾ اچي اهو ڪجهه ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي جنهن جو ڪو تصور به ڪري ڪونه ٿو سگهي، ايتري قدر جو عورت جو مٿو جڏهن ڦرندو آهي ته هو ما پي، ڀا، اولاد سڀني کان لادعوا ٿي ويندي آهي۔ مرد ته هونئن ئي ڀونئرو آهي، پر وري به عورت انهي مرد کي سڌو ڪري سگهي ٿي، پنهنجي پيار عيوض۔ خير الله سائين هن معاشري جي هر عورت، هر مرد ۽ هن معاشري کي سمجهه عطا ڪري جو سڌي راهه تي هلڻ جي ڪوشش ڪن۔ توهان جي مهرباني جو ڪافي ڏينهن کان پو محترم حسين بخش ملاح جو مضمون سنڌ سلامت تي کڻي آيا۔[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو