سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

'تعارف' فورم ۾ ڪرم الاهي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2011۔

  1. ڪرم الاهي چنا

    ڪرم الاهي چنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    منهنجو نالو ڪرم الاهي چنا آهي۔ منهنجي پيدائش جي تاريخ 8 آگسٽ 1954ع آهي۔ منهنجو اصل ڳوٺ سڪرنڊ جي ڀرسان 21 دڌ آهي۔ منهنجي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿي۔ ميٽرڪ سڪرنڊ شهر مان ۽ انٽر گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه مان بي اي سنڌ يونيورسٽي مان ۽ ايم اي بين الاقوامي تعلقات 1976 ۽ ماس ڪميونيڪيشن ۾ سنڌ يونيورستي مان 1978 ۾ ڪئي۔

    منهنجو روزگار جو وسيلو لکڻ پڙهڻ سان آهي۔ سنڌي توڙي ٻين ٻولين ۾ ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ ۽ بڪ ميڪنگ آهي۔ منهنجي اداري جو نالو سنگم پبليڪيشن آهي۔ ان جي شروعات سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم دوران ٿي ۽ هن وقت سنڌ جي قلعي سچل ڳوٺ ۾ قائم آهي۔ جتي منهنجو گهر آهي ۽ پنهنجي 6 ٻارن ۽ زال سان رهندو آهيان۔ هن وقت تائين تقريبن 180 ڪتاب مختلف ٻولين ۾ شايع ڪري چڪو آهيان۔ سچل ڳوٺ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن جي بنيادي ميمبرن مان آهيان۔ مون کي اهو به اعزاز آهي ته سگا سچل ڳوٺ شاخ جو پهريون ميمبر ، پهريون ڪنوينر، پهريون صدر ۽ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جو پهريون چيئرمين به رهيو آهيان۔ مون کي اهو به اعزاز آهي ته مون مٿي ذڪر عهدن تي هيٽ ٽرڪ ڪئي۔ مون کي اهو به اعزاز آهي ته روشن تارا اسڪول ۾ داخل پهريان ٻه ٻار به منهنجا آهن۔

    ان کان علاوه سگا مرڪز ۾ به منهنجو ڪردار فعال رهيو آهي۔ 1992ع کان 2010 تائين لاڳيتو مرڪز جي عهدن تي رهيو آهيان ، سيڪريٽري انفارميشن ۽ پبليڪيشن رهيو آهيان۔ 42 حياتي رسالا، شاهه جو ٽن ٻولين ۾ رسالو، سگا ڊائري، سگا ڪلينڊر کان علاوه شاهه سائين بابت ٻارن لاء 5 عدد ڪتاب مرتب ڪيا آهن۔

    هن وقت سگا سچل ڳوٺ شاخ جو جنرل سيڪريٽري آهيان۔

    سنڌ سلامت بابت گهڻي ڄاڻ سگا جي نوجوان ساٿي سليمان وساڻ جي معرفت ملي آهي۔ سنڌ سلامت جا ساٿي اسان سگا جي پروگرامن ۾ هر وقت ساٿ ڏيندا رهيا آهن۔ اخلاقي سان گڏوگڏ مالي سهڪار به ڪندا آهن۔ هاڻ اسان چاهيون ٿا ته سگا سچل شاخ ۽ سنڌ سلامت جي ساٿ سان اسان سنڌي ماڻهن جي ڪا بهتر خدمت ڪري سگهون ۔ اميد ته سليمان وساڻ ۽ اسان گڏجي ڪو رستو ڳولي وٺنداسيون۔ سنڌ جي باري ۾ ۾ مون وٽ ڪافي مواد جمع آهي ، سليمان وساڻ جي ذريعي اميد ته جلد ئي اهو سنڌ سلامت جي حوالي ڪبو۔
     
  2. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    سائين چنا صاحب توهان جو تعارف ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي واقعن اوهان جهڙين علمي شخصيتن جي سنڌ سلامت کي اشد ضرورت آهي اسان سڀ اوهان جي علمي فڪري ۽ تجربي خزاني مان فائدو حاصل ڪندا سين اميد ته پنهنجي سخاوت ۾ گهٽتائي نه آڻيندا
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    [justify]سائين ڪرم الاهي چنا صاحب وعليڪم السلام الله تعالي اوهان کي خوش رکي، اوهان سان ملاقات سائين سليمان صاحب جن وٽ سچل ۾ ٿيندي رهندي آهي، پر ايڏن اعزازن جا مالڪ لڪل رستم آهيو سا گهڻي ڀاڱي اڄ خبر پئي۔
    سگا تمام بهترين ڪم ڪري پئي تعليم، صحت ۽ خاص طور تي ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ اوهان جو تمام اعلي ڪردار آءُ پاڻ ڏسي چڪو آهيان۔
    اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔
    پر اوهان دعاء مٿي عنوان ۾ صرف سنڌ سلامت جي سرواڻن کي ڏني آهي اسان سڀني سنڌين کي ڏيو ها ته دل خوش ٿي وڃي ها، فرض ڪري سگهون ٿا ته ان شاءَ الله اوهان جون دعائون ساري سنڌ ۽ سنڌين ۽ امت مسلمه لاءِ هونديون۔
    وري اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو۔
    اجهو ٿا دوست اوهان لاءِ گلن جا تحفا کڻي اچن، مون وٽ اپلوڊ جو مسئلو آهي ان ڪري آءُ اوهان لاءِ گلن جي وري به ڪوشش ڪريان ٿو ته اوهان جو استقبال گلن سان ڪري سگهان۔[/justify]

    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    وهان کي هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار ٿا چئون

    اوهان جهڙين علمي شخصيتن جي سنڌ سلامت کي اشد ضرورت آهي

    اميد ته سنڌ سلامت سان ساٿ سلامت رهندو

    ڀلي ڪري آيا
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    سنڌ جو وڏو نالو، سنڌ جو دوست، سنڌ ۽ سنڌيت جو محسن انسان ڪرم الاهي چنا، هن اڱڻ تي آيو ڄڻ اسانجي هن سنڌ دوست اوطاق جا ڪرم ٻيڻا ٿي پيا آهن ۔۔۔

    لفظ ته ڪون آهن جن سان اوهانکي ڀليڪار چئجي، هي پيار جا گل خوشي جو اظهار آهن

    [​IMG]
    .

    سائين ڪرم الاهي اسانجو وڏو ۽ اسانجو معزز سنڌ دوست آهي، آ سندس نالو ته گهڻو تڻون پنهنجي گهر ۾ ٻڌندو هوس پر جڏهن منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ته ائين لڳو ڄڻ آ پنهنجي ڪنهن وڏي ۽ مانواري گهر ڀاتي سان مليو هجان ۔۔۔ قربائتو ۽ هڏڏوکي انسان ۔۔۔ سنڌيت سندس رڳ رڳ ۾ ڀريل، دوستن جو دوست آهي ۔۔۔

    سائين جن جهڙي طرح پنهنجو تفصيلي تعرف ڪرايو آهي، انکانپوِ سندس لا ڪجه چوڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ ۔۔۔

    لک ٿورا دوست وساڻ جا جنهن اهڙو انسان هن اوطاق تي اچي ملايو ۔۔۔ سلام دوست

    محترم سائين چنا صاحب اوهانجي لکڻين ۽ رهنمائي جو انتظار رهندو، اوهانجي اچڻ سان من سرهو ٿي پيو آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار ٿا چئون
     
  7. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    ادا چنا صاحب هن محبت اڱڻ تي اوهان کي دلي ڀليڪار، اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي انشاء الله جهڙي نموني اوهان فورم کان ٻاهر قوم جي خدمت ڪئي آهي اميد اهڙي ئي نموني فورم سان به ساٿ ملهائيندا۔ گڏوگڏ اسان سائين سليمان وساڻ صاحب جا به ٿورائتا آهيون جو اهڙن سهڻن دوستن سان اسان کي ملائين پيا۔
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    [JUSTIFY]اسان پنهنجي مهربان دوست سائين ڪرم الاهي چنا صاحب جن جا نهايت احسان مند آهيون جن اسان جي هن محبتي اڱڻ تي قرب جا قدم گهمايا اميد ته دوستن جي محبت کين روز اچڻ تي آماده ڪندي
    جتي سائين نثار جن جهڙا اديب ۽ ٻيا محبت وارا محبوب هوندا اتي ادب جي پياس رکندڙ سنڌ سان محبت رکندڙ ساٿي ضرور ايندا.[/JUSTIFY]

    سائين جن جي خدمت ۾ هي ڪجهه تحفه پيش ڪجن ٿا اميد ته قبول پوندا.



    [​IMG]



    [​IMG]



    [​IMG]




    [​IMG]




    [​IMG]
     
  9. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    سائين ڪرم سائين جن کي هن محبتي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔!
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    ڀليڪار سائين ڪرم الاهي چنا صاحب
    اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو
    انهيءَ جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاه

    محترم ڪرم الاهي چنه صاحب جن کي سنڌ سلامت جي محبتي اوطاق تي ڀليڪار ٿي ڪجي۔ سائين چنه صاحب اسان جو محسن ۽ اسان جو رهبر رهيو آهي۔ جڏهن کان ڪراچي آياسين ته ڪرم الاهي چنه صاحب جي رهبريء ۾ سنڌ گريجوئيٽس سان ناتو جڙيو ۽ ايئن علم ۽ ادب دوست ساٿين سان شناسائي ٿيندي وئي۔

    ڪرم الاهي چنه صاحب جو علمي ۽ ادبي خدمتون ڪنهن تعارف جون محتاج ناهن۔ سنگم پبليڪيشن جي پليٽ فارم تان ڇپايل سندس ڪتاب اسان کي به وقت بوقت پڙهڻ نصيب ٿيا آهن۔ چنه صاحب جي ئي ڪري اسان جو به ڪجه شاعر ۽ اديب دوستن سان دوستيء وارو ناتو بڻيو آهي۔ جڏهن به ڪنهن شخصيت يا ڪنهن ادبي ڪتاب جي معلومات کپندي آهي اسان فوري طور چنه صاحب سان رابطو ڪندا آهيون۔

    انشاء الله سندس ڇپايل ڪتاب جلد سنڌ سلامت جي زينت بڻبا ۔ سندس علمي ۽ ادبي تجربي جي رهنمائيء هيٺ اميد آهي ته فورم تي بهتري آڻي سگهبي۔ اسان اها به اميد ٿا ڪيون ته پنهنجا ليک ۽ چونڊ لکڻيون سنڌ سلامت تي شيئر ڪندا رهندا۔

    [​IMG]
     
  12. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    سائين چنا صاحب اوهان کي اسان جي هن محبتي ۽ محنتي اڱڻ تي پير ڀري اچڻ تي دل جي گهرائن سان ڀليڪار۔ امد ته اوها پنهنجي لکڻن سان اسان کي سر شار ڪندا رهندا

    سدائين گڏ
     
  13. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    ادا اوهان کي اسان جي ڀرفان سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد .
     
  14. ڪرم الاهي چنا

    ڪرم الاهي چنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2011
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    اوهان سڀني جي مهرباني جو اوهان مونکي ڀليڪار ڪيو آهي۔ مان ڪوشش ڪندس ته اوهان سڀني سان رابطي ۾ رهان ۔

    وهان سڀني جو نيازمند ڪرم الاهي چنا
     
  15. Rashid

    Rashid
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ سلامت جا سرواڻو سدا خوش هجو

    اسلام عليڪم
    سا ئين توهان جو تعارف ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي اميد ته سنڌ سلامت سان ساٿ سلامت رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو