مصر اندر آيل تبديلي ۾ عورتن جو ڪردار - امر سنڌو

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مصر اندر آيل تبديلي ۾ عورتن جو ڪردار
    امر سنڌو

    [​IMG]

    [JUSTIFY]اِها ٻين فيبروري هئي، فرعون حُسني مبارڪ جي اقتدار کي سوڙهو ڪندڙ گهيري يعني التحرير وارن لاءِ ڪاري اربع جو ڏينهن هو. حُسني مبارڪ جا حمايتي اُن ڏينهن گهوڙن، اُٺن تي سوار ۽ ڪي پيادا لٺين، ڇُرين، زنجيرن، هاڪين ۽ بوتلن سميت آتشي هٿيارن سان ليس سادن ڪپڙن ۾ ميدان جي مڪينن تي حملي آور ٿيا هئا. پنهنجي ڀاڙيتو حامين کان حملا ڪرائڻ، آمرن جي اُها مشترڪه حڪمت عملي رهي آهي، جنهن جي ڪائي سرحد ناهي. شايد پنهنجي حافظي تان به اُها ڪاري ٻارهين مئي ڪڏهن به نه لهي جڏهن مشرف جا حمايتي ڇاڙتا، چيف جسٽس جي آجيان لاءِ ايندڙن تي باهه ۽ بارود سان ڪڙڪيا هئا. ائين ٻين فيبروري حُسني مبارڪ جي حامين لاءِ 12 مئي بڻجي چڪي هئي. اسڪندريه جي سڙڪن تي مارچ ڪندڙ توڙي تحرير جي ميدان تي ڪٺي ٿيا. هجومن اڃان رات ئي اڳ ته حُسني مبارڪ جي تقرير کي رد ڪيو هو.

    اِها مصر جي نوحا ردوان هئي، جنهن التحرير وڃڻ لاءِ اُن ڏينهن صبح جو تياري ورتي. نوحا ردوان، عربي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ، ڪولمبيا يونيورسٽي جي پروفيسر آمريڪي يونيورسٽيز ۾ پڙهائيندڙ التحرير جي مزاحمت جي شريڪ ۽ عربي ادب جي نيٽ جي نيٽ ورڪ جدليه جي شريڪ ڪار، جيڪا ٻين فيبروري تي اڃان شريڪ ٿيڻ لاءِ نڪتي ئي هئي ته کيس حسني مبارڪ جي ڀاڙيتو سپاهين جو گروهه نظر آيو. ”مبارڪ جا حامي“ الاهي التحرير اسڪوائر واري مزاحمت وارو ڦوڪيل روح هو، جو هُن جلد وڃي گروهه کان پڇيو:

    ”ڪيئن ممڪن آهي ته توهان هڪ بي رحم ۽ ڪرپٽ صدر جي حمايت ڪريو.“ دراصل مصر ۾ التحرير جي مزاحمتي Spark بُلٽ (گولي) سان پر دليل سان مباحثي جي شروعات ٿي ڪئي.

    ”مبارڪ ته هاڻ ضرور اصلاحي پروگرام جو اعلان ڪندو“ ۽ اتي نوحا رُڪجي ساڻس بحث ۾ مشغول ٿي وڃي ٿي ته ”جنهن چاليهه سالن ۾ اصلاح نه ڪئي، جمهور جي آواز کي نه ٻڌو اُهو آمر هڪ ڏينهن ۾ پنهنجي اقتدار جي بچاءَ لاءِ ڪيئن ٿو هڪ ڏينهن ۾ اصلاحي پروگرام آڻي سگهي. اڃان رات ئي ته هُن مهينن جي مُهلت گهري آهي.“
    ”ڪُتي، تون پنهنجي گهر ڇو نه ٿي وڃين،“ جتي به دليل ختم ٿين اُتي گار جو جنم ٿئي ٿو. حُسني مبارڪ جا ڇاڙتا کيس گار ڏيئي گهر موڪلڻ گهرن ٿا. هو کيس ڪُتن جيان ڏاڙهين ٿا.

    نوحا، اڃا تحرير ۾ پنهنجي گروپ کي جوائن ڪري ٿي جنهن ۾ ڪيتريون ئي عورتون آهن جن کي ٻار ٿڃ تي آهن، جيڪا عورت کيس اُتي ملي ٿي، اُها کيس سگريٽ جو سوٽو آڇي کيس چوي ٿي ته مبارڪ جا حامي ڇا به ڪن پر مبارڪ جي هٽڻ تائين اسان هيءَ جاءِ نه ڇڏينداسين. ريڊيو توڙي سرڪاري ٽي وي تي تحرير ڇڏڻ جون وارننگس هلندڙ هيون پر اهو مصرين طئي ڪري ڇڏيو هو ته مبارڪ جي هٽڻ کان سواءِ تحرير جو ميدان خالي نه ٿيندو.
    نوحا ساڳي ئي ڏينهن ٻيهر مبارڪ جي حامين جي هٿ چڙهي وڃي ٿي، جڏهن هوءَ مغربي ميڊيا ۾ انٽرويو رڪارڊ ڪرائي ستين وڳي واپس وري ٿي. مصر جي عجائب گهر وٽ کيس اُهي هٿياربند ورائي وڃن ٿا، اُنهن کي ’گهر وڃڻ‘ جو بهانو ٺاهي هوءَ جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته کانئس پڇيو وڃي ٿو ته،

    ”ڇا تون اسان سان گڏ آهين؟؟“

    ائين اڃان هوءَ التحرير ۾ پنهنجن ساٿين وٽ پهچڻ کان ڪي ميٽر ئي پري هُجي ٿي ته کيس کنڀي کنيو وڃي ٿو.
    ”هيءَ آمريڪي ايجنٽن سان گڏ آهي، برادي جي حامي آهي.“ هوءَ کيس لتن، مُڪن، ٿڦڙن سان ورائي وڃن ٿا. سندس قميص ڦاٽي پئي ٿي ۽ منهن رت ۾ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو. کيس وارن کان جهلي روڊ تي گهلڻ شروع ڪن ٿا. نوحا، اِن مزاحمت کي تحرير اسڪوائر ۾ 29 جنوري تي جوائن ڪيو هو ۽ پوءِ لڳ ڀڳ سڀ ڏينهن هوءَ بلا ناغي اُتي ويندي رهي. سندس رات ميدان بجاءِ ميدان ڀرسان اُن فليٽ ۾ ٿي گذري، جتي سندس جيان ڪيتريون ئي عورتون/خواتين جرنلسٽ رهيل هيون.

    مزاحمت جي صف ۾ عورتون/نوجوان شاگردياڻيون ائين به اڳيان اڳيان هيون جو ايران جيان هاڻ عرب دُنيا ۾ ڇوڪرن شاگردن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرين جو تعداد وڌيڪ آهي. ايران ۾ ندا آغا کي گولي لڳڻ سان نجادي مخالف مظاهرن ۾ وڌيڪ شدت آئي هئي ته جيئن مصر ۾

    اسماڪلمت مهرالُمرا يا مبارڪ اتلاجر
    (آزاد مصر جو آواز ٻڌو، مبارڪ هاڻي جند ڇڏ)

    شاگردياڻين جي چپن تي به اِهو نعرو هو، جنهن جو جواب هزارن جي ميڙ مان ائين ٿي اُٿيو ته ”مبارڪ هاڻي جند ڇڏ“.
    هي مصر جي آزادي جي مزاحمت هئي، عورتن لاءِ اهڙو آزاد مصر جنهن ۾ آمريت ۽ سياسي استحصال ته نه هجي پر اُهو مصر جتي جنسي هراسگي جو تصور به نه هُجي. اهڙو مصر جتي آزادي عورتن ۽ مردن لاءِ علحيده معنى نه رکي. مصر جي عورتن لاءِ اِها اهڙي آزادي جي ويڙهه هئي.

    ياد رکڻ گهرجي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ مصر ۾ قاهره ۽ ٻيا وڏا شهر عورتن جي جنسي هراسگي جي حوالي سان پنهنجو ڪو چڱو رڪارڊ رکندڙ نه رهيا آهن. نه رڳو مصر جي شهرن جون گهٽيون ۽ شاهراهون، شاپنگ مال ۽ تفريحي جايون پر سندن بلاگن، فيس بڪ ۽ ميڊيا تي کين نشانو بنائڻ واري روش به آهستي آهستي سموري سماج جو حصو بڻجي رهي هئي. عورتن لاءِ مصر جي آزادي مان مراد اِن هراسگي مان آزادي پڻ هئي، ان ڪري اُهي هن مزاحمت ۾ پهرين صف ۾ بيٺل نظر ٿي آيون.

    هيومن رائيٽس جي قومي ڪميشن مطابق 83 سيڪڙو عورتون پنهنجي گهر وارن جيان توڙي ٻاهر جنسي هراسگي جو شڪار ٿين ٿيون پر اِهو تحرير اسڪوائر هو جتي هزارين ماڻهن جي ميڙ ۾ به کين جنسي هراسگي جو ڪو تصور نٿي اُڀريو.

    ”مان ان مصر جي انقلاب جي گواهه ۽ شريڪ آهيان جيڪو 25 جنوري کان شروع ٿيو ۽ هي اکر لکڻ تائين جاري آهي. لکين مصري مرد ۽ عورتون مسلمان ۽ عيسائي، هر فرقي ۽ هر فڪر جا ماڻهو اسان هاڻي هڪ آهيون، اسان هن فرعون کي لاهڻ لاءِ هڪ آهيون، اهو فرعون جيڪو اڃان تخت تي آهي....“

    اِهي لفظ ڇهين فيبروري تي مصر جي جڳ مشهور فيمنسٽ نوال السعداوي ٿي لکيا. ڊاڪٽر نوال جيڪا مصر جي رجعت پرست معاشري ۾ عورتن جو هڪ ڀرپور آواز ٿي اُڀري هئي.... ۽ سندس حڪومت سان ڏند چڪ فقط مبارڪ جي 30 سالن تائين محدود ناهي پر اِهو انور سادات جو دور هو جڏهن ڊاڪٽر نوال سعداوي کي مصر ۾ عورتن جي طهر جهڙين رسمن خلاف لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي ڊائريڪٽر هيلٿ جي عهدي تان هٽائي کيس جيل موڪليو ويو هو، جتي جيل ۾هن لکڻ نه ڇڏيو هو، جيل دوران هوءَ ٽوائلٽ پيپرس تي لکي ٻاهر اُماڻيندي رهي هئي. هاڻ ڪي لڳ ڀڳ اِسي سالن کي سندس عمر اچي پهتي آهي پر مصري سماج ۾ عورتن لاءِ آواز اڄ به سندس لهجي ۾ گرج پيدا ڪري ٿو.

    2005ع جي صدارتي اليڪشن هئي جڏهن ڊاڪٽر نوال به حسني مبارڪ سامهون مخالف اُميدوار طور بيهڻ جي جرئت ڪئي هئي. سندس فارم جيتوڻيڪ رد ڪيو ويو هو پر مصري سماج ۾ ڊاڪٽر نوال تي اُهي ڏينهن به آيا جڏهن کيس سندس جو نڪاح حرام قرار ڏيئي ٻي نڪاح لاءِ چيو ويو. هوءَ سدائين مذهبي انتهاپسندن/رجعت پسندن ۽ حڪومت جو هڪ ئي وقت نشانو بڻجندي رهي. ڪي سال ته هوءَ نيويارڪ ۾ به پنهنجي مصر آباد ڪري رهندي رهي. کاٻي ڌر سان سلهاڙيل، آمريڪي سامراجيت جي سخت مخالفن ۽ اسرائيلي قبضي گيري تي سخت مؤقف رکندڙ نوال السعداوي لاءِ اِهو انقلاب، فقط حڪومتي چهري جي تبديلي ناهي.

    ”لکين ماڻهن مصر جي گلين، شاهراهن کي پنهنجي نعرن سان گونجائي ڇڏيو آهي.... قاهره ۾ التحرير تي اسان ڪيمپ لڳائي ويٺل آهيون. تحرير هاڻ اسان جي ڌرتيءَ جيان آهي، جنهن کي اسان ڪنهن زور ۽ ڏاڍائيءَ تي ڇڏي نٿا سگهون.“
    تحرير ميدان مان ٿيندو tent city بڻجي ويو، اِهي خيما کوڙيندڙ اُهي مرد ۽ عورتون هئا جن وٽ هينئر نه مذهبي عقيدو، نه نظرياتي عقيدو نه ئي ڪلچرلي ڪو ويڇو هو. هن وقت سڀ مصري هئا.

    اُها ڊاڪٽر نوال سعداوي جنهن کي عام طرح مصري سماج پاران ڪا گهڻي پذيرائي نه ملي هئي، اُن کي التحرير ۾ پنهنجا ڪيترائي شيدائي، ڪيترائي مخالف گڏجن ٿا.

    ”بيشڪ اسان تنهنجي خيالن ۽ تحريرن سان متفق نه آهيون پر اسان توکي مانائتو سمجهون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان کي خبر آهي تون منافق نه آهين.“

    ۽ ڪي کيس خراج پيش ڪندي چون ٿا ته هوءَ وراڻي ٿي ته ”اسان لاءِ هيءُ خوشي جو موقعو آهي، آزادي جي جشن ملهائڻ جو، عظمت جو، برابري جو، تخليق جو، بغاوت ۽ انقلاب جو.“
    ”اسان کي نئون آئين کپي.“ نوجوان رعنيا چوي ٿي. ”نئون شهري آئين جيڪو نسلن جي وچ ۾، جنسن جي وچ ۾ ۽ مذهبن جي وچ ۾ ويڇو نه رکي.“

    ”اسان کي جنس جي آڌار تي هاڻ ڪا به تفريق نه گهرجي نه ئي مذهب جي آڌار تي ڪا تفريق رکڻ کپي. هيءُ انقلاب، آئين جي تبديلي لاءِ آهي.“

    ”اسان کي برابري کپي، سماجي انصاف کپي.... اِهي ئي اسان جي انقلاب جا بنيادي نعرا آهن.“
    ”اڄ اسان کي زندگي ۾ پهريون ڀيرو مصري هئڻ تي فخر محوس ٿئي ٿو. نااُميدي ۽ مايوسي ختم ٿي ويا آهن، اسان جي شڪست هاڻ فتح ۾ تبديل ٿي ويندي.“

    ”اُهي ديوارون جيڪي عورتن ۽ مردن وچ ۾، شهرين ۽ ادارن جي وچ ۾، مسلمانن ۽ عيسائين جي وچ ۾ کڙيون ٿيل هيون، اُهي ڊهي چڪيون آهن. اسان هاڻ هڪ قوم آهيون.“

    ڊاڪٽر نوال چواڻي اِهو مصر جو انقلاب آهي، جنهن سڀ ويڇا ختم ڪري هڪ نئين قوم جي تعمير ڪئي آهي، جيڪا عورتن جي شراڪت کان سواءِ اڌوري ۽ اڻ پوري آهي- ۽ مصر جون اُهي عورتون جن اڄ کان ڪجهه سال اڳ سوشل ميڊيا وسيلي قوم جاڳائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو. مصر جي جمهوريت ڏانهن واپسي اُنهن عورتن جي عيوض آهي جيڪي نيٽ تي مصر جي نوجوانن جي سرواڻي ڪنديون رهيون.“
    [/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مصر اندر آيل تبديلي ۾ عورتن جو ڪردار - امر سنڌو

    بلڪل مصر جي پوري قوم سان گڏ ان ۾ عورتن ۽ خاص ڪري نوجوان ڇوڪرين پنهنجي انقلابي جذبن سان مصر جي مردن ۽ نوجوان ڇوڪرن جا جذبا مرڻ نه ڏنا ۽ کين همٿائينديون رهيون ۽ صدارت جي ڪرسي سان چنمبڙيل حڪمران کي ڊاهي پٽ ڪيو ۔۔۔

    سلام آهي انهن مصر جي عورتن کي جن پنهنجي ڏاهپ ۽ جوش سان قوم کي سجاڳ رکيو


    تمام سٺو ليک
     
  3. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: مصر اندر آيل تبديلي ۾ عورتن جو ڪردار - امر سنڌو

    بهترين ونڊ آهي۔
    جاري رکو ادا۔۔۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: مصر اندر آيل تبديلي ۾ عورتن جو ڪردار - امر سنڌو

    عورت جو ڪردار معاشري ۾ اهم آهي

    ادا اسانجون عورتون به انقلاب ۾ اهڙي ئي ڪردار کي دوهرائينديون؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  5. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: مصر اندر آيل تبديلي ۾ عورتن جو ڪردار - امر سنڌو

    ادا وساڻ صاحب مهرباني ونڊ جي، بي شڪ ڪنهن به عظيم انقلاب يا جدوجهد لا ڀينرن جو ڪردار تمام گهڻو اهم هوندو آهي، الله سائين اسان کي به اها سگه ڏيئي جو اسان پنهنجي نياڻڻ کي اها تعليم ڏئي سگهو جيئن اهي به اسان جو ساٿ ڏيئي سگهن۔
     
  6. سرفراز مهدي چانڊيو

    سرفراز مهدي چانڊيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مصر اندر آيل تبديلي ۾ عورتن جو ڪردار - امر سنڌو

    ادا وساڻ صاحب بهترين ونڊ جي مهرباني حقيقت به اها آهي ته دنيا جي ڪنهن به مذهب جو ڪوبه اهڙو انقلاب ناهي جنهن ۾ عورت جو ڪردار نه هجي
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مصر اندر آيل تبديلي ۾ عورتن جو ڪردار - امر سنڌو

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو