عورت تحريڪ جي دشمنن جي نانءُ

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عورت تحريڪ جي دشمنن جي نانءُ

    حسن مجتبيى

    اوھين عورتن تي ڪھاڙيون ۽ ڪاتيون
    ھٿوڙا ۽ ڏاٽيون کڻي آھيو نڪتا
    ساوا ۽ سرخا
    اوھين نيرا پيلا
    چنيسر ۽ ليلا
    اوھين پاڻ ڪونئرو
    اوھين مڙس ماڻھو
    اوھين ٽوپيون لويون
    اوھين واهه ڙي واهه آئون
    اوھين واهه ڙي واهه تون
    اوھين منڊ مانڊي
    اوھين يار پانڊي
    اوھين مال ويڪو
    اوھين پٽ اھڙا
    وڏي واڪ جيڪي
    ھٽن تي جي وڪجن
    چڪي تي جي بڪجن
    اوھين ماءُ جي ڀي نه نٿ کان مڙيا جي
    شھيدن جي وڌوا سان ويساھ گھاتيون
    اوھين پٽ کاٽو
    اوھين چگهه لاٽون
    اوھين يار ڪاٽو
    اوھين يار واڌو
    حسابي ڪتابي
    ڪي ڪالم نگاري
    شرابي ڪبابي
    ڪي ڌاڙيل قلمي
    بگھڙ ڪي بکايل
    ڪي سڃا ڪي ساوا
    ڪي پوءِ ڍاول
    ڪي يار مار تن مان
    ڪي پرمار، پيارا
    ڪي ڪٽڻيون ڪي ڪٽڻ
    ڪي اڇا ڪپڙا مگر کيسا خالي
    ماڻھن جي ليکي سڄي سنڌ جا والي
    ڪي گاريال گستاخ
    ڀاڙيا ۽ گيدي
    جلادن جا ساٿي
    ۽ عورت جا دشمن
    اوھين گھوٽ آھيو
    اوھين ڄڃ وائڙي
    وڏي واڇ گيدو
    اوھين وات ڪٽلي
    اوھين جعفر زٽلي
    اوھين پال ڀاڙيا
    اوھين ساڙ ساڙيا
    ڪي لنڊيون لڪائي
    ھلو پيٽ ۾ ٿا
    اوھين بيوفائي
    اوھين پٺ ۾ خنجر
    لٻاڙي لفاظي
    اوھين کير کريل
    اوھين گينگ آھيو
    وڏي رھزنن جي
    اوھين رات آھيو ڪا چورن جي اوڻٽيهه
    اوھين باک جھڙين ڀلارين جا ويري
    اوھين ديس جي ھن دلارين جا ويري
    ڀٽائي جي وائين ھن سارين جا ويري
    اوھين سون ورنين سريکين جا ويري
    اوھين ڪک ڪيري
    اوھين ڌوڙ ڌاڻيون
    پٽن جن کي نياڻيون
    نماڻيون سياڻيون
    اوھين مارئين لاءِ عمر کان به بدتر
    اوھين سون تي به ڇڏيو سيڻ مٽيو
    اوھين ٻاگھين جي ٿا ٻولي لڳايو
    اوھين وياءُ وکرو
    اوھين چور چاليھه
    اوھين سج دشمن
    اوھين چنڊ دشمن



    روزانه عبرت تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عورت تحريڪ جي دشمنن جي نانءُ

    حسن مجتبي ما ڀيڻ جون گاريون نه ڪڍيون آهن باقي سڀ القاب ڏئي ويو آهي، الائجي ڪنهن سان مخاطب آهي ۽ الائجي ڪنهنکي ايترا سهڻا سهڻا لقب ڏنا اٿس، لڳي ٿو حسن مجتبي ڪنهن اهڙي دنيا ۾ هليو ويو آهي جت هر طرف لوسي، بي ايمان ڀڙوا ۽ ٺڳ آهن ۔۔۔ يا وري شاعر چريو ٿي پيو آهي ۔۔۔؟؟؟؟

    هر قوم جو ليکڪ پنهنجي ئي قوم جا نقشا چٽيندو آهي ته ڇا هي سنڌين جي معاشرتي تصوير ڪشي ڪئي اٿس ۔۔۔ ؟؟؟؟؟

    الله پناه ڏي اهڙي حالت کان ۔۔۔
     
  3. سنڌو ڪماري

    سنڌو ڪماري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    teacher
    ماڳ:
    karachi
    جواب: عورت تحريڪ جي دشمنن جي نانءُ

    ادا حسن مجتبي جي اهي لفظ ٻهراڙي جي مردن جي عطاب هيٺ آيل مظلوم عورتن تي ٺهڪي بيهن ٿا
    جلادن جا ساٿي
    ۽ عورت جا دشمن
    اوھين گھوٽ آھيو
    اوھين ڄڃ وائڙي
    اوھين باک جھڙين ڀلارين جا ويري
    اوھين ديس جي ھن دلارين جا ويري
    ڀٽائي جي وائين ھن سارين جا ويري
    اوھين سون ورنين سريکين جا ويري

    آخري 10 سٽون مون کي سمجهه ۾ ڪون ٿيون اچن
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: عورت تحريڪ جي دشمنن جي نانءُ

    تمام بهترين ادا سليمان
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عورت تحريڪ جي دشمنن جي نانءُ

    ادا تمام بهترين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو