ٽيڪسٽ کي مڪمل گولائي ۾ آڻيو

'فوٽو شاپ' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2011۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    السلام عليڪم!
    دوستؤ! هونئن ته فوٽوشاپ ۾ اکرن جي گولائيءَ جو طريقيڪار عام طور تي هيئن هوندو آهي ته پهرين اوهان ڪابه ٽيڪسٽ ڪمپوز ڪريو، پوءِ Layer جي مينيوز ۾ اچي، Type ۾ اچي Warp Text کي سليڪٽ ڪندا. وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو:
    [​IMG]

    هتي اوهان کي Wrap Text جا مختلف اسٽائيل نظر ايندا، جن مان اوهان Arch کي سليڪٽ ڪري اکرن کي اڌ گولائين شڪل ۾ آڻي سگهو ٿا. نموني خاطر اسڪرين شاٽ ڏسندا:
    [​IMG]

    دوستؤ! مون اوهان جي سامهون ٽيڪسٽ جي اڌ گولائيءَ جو سادو نمونو پيش ڪيو. پر جيڪڏهن ساڳئي وقت ۾ ان کي مڪمل گولائيءَ واري پوزيشن ۾ آڻجي، جيئن عام طور تي ڪوبه لوگو ٺاهڻ وقت ٽيڪسٽ مڪمل گولائيءَ ۾ لکيو ويندوآهي. شايد Wrap Text ۾ ان طرح ممڪن نه هجي. انهيءَ سلسلي بابت اڄ آئون اوهان جي سامهون فوٽوشاپ ۾ ٽيڪسٽ جي گولائي ٺاهڻ جوٽوٽڪو بيان ڪندس.
     
  2. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: ٽيڪسٽ کي مڪمل گولائي ۾ آڻيو

    پهرين اوهان ٽول بار مان Ellipse Tool جي ذريعي گول دائرو ٺاهيندا. واضح هجي ته جيڪڏهن اوهان ’شفٽ ڪي‘ دٻائي پوءِ ڊريگ ڪندا ته مڪمل نموني گولائي ٺهندي. ان کان پوءِ اوهان ساڳيءَ طرح هڪ ڀيرو ٻيهر ٽول بار مان Direct Selection Tool کي سليڪٽ ڪري، گول دائري جي وچ ۾ هڪ ڀيروڪلڪ ڪندا. ڪا به ٽيڪسٽ لکڻ لاءِ ساڄي طرف گولائي جي ٽڪ ٿيل پوائنٽ جي ٻاهران هڪ ڀيرو ضرور ڪلڪ ڪندا. وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو:
    [​IMG]

    جڏهن اوهان رائونڊ کي Direct Selection Tool ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪلڪ ڪيو هاڻي اوهان ٽول بار مان T کي سليڪٽ ڪندا ته ان رائونڊ جي ساڄي طرف کان ٽيڪسٽ لاءِ وضاحتي نشاني ظاهر ٿي پوندي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته هاڻي ٽيڪسٽ گولائيءَ واري شيپ ۾ لکجندي. اهو ياد رکندا ته جيستائين اوهان وٽ رائونڊ ۾ اها وضاحتي علامت ظاهر نٿي ٿئي، تيستائين اوهان جي ٽيڪسٽ گولائيءَ واري شيپ ۾ نه ايندي. وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو:
    [​IMG]

    اوهان هن اسڪرين شاٽ ۾ مڪمل طور تي اڌ گولائيءَ جو نمونو ڏٺو هوندو. هاڻي جيڪڏهن اوهان ان کي فل گولائيءَ واري شيپ ۾ آڻڻ چاهيو ٿا ته هيٺين عملن مان ڪو به عمل ورجايو:
    1- پهريون ته اوهان پنهنجي ٽيڪسٽ کي سليڪٽ آل (Ctrl+A) ڪري پوائنٽ سائيز وڌايو. ائين ڪرڻ سان اوهان جي ٽيڪسٽ جي گولائي مڪمل ٺهي ايندي.
    2- ٻيو ته اوهان پنهنجي ٽيڪسٽ کي سليڪٽ آل (Ctrl+A) ڪري مناسب پوائنٽ سائيز وڌايو ۽ پوءِ Window جي مينيو ۾ اچي Paragraph جي ٽول کي سليڪٽ ڪندا. وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو:
    [​IMG]

    پيراگراف جي وضاحتي اسڪرين اوهان جي سامهون اچي ويندي. هاڻي اوهان ان مان Character کي مينيو کي کوليندا ۽ ان اکرن جي اسپيس کي وڌائيندا. نموني خاطر اسڪرين شاٽ ڏسندا:
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ٽيڪسٽ کي مڪمل گولائي ۾ آڻيو

    ابو واصف زنده باد
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ٽيڪسٽ کي مڪمل گولائي ۾ آڻيو

    محترم ابو واصف توهان جي هن ليک تي توهان کي جيتري به داد ڏجي سا گهٽ آهي۔۔ سڀ کان اهم ته هن دفعي تصويرون به درست حالت ۾ لڳل نظر آيون۔۔۔ ۽ سمجهاڻي ته هوئن ئي واضح لکيل آهي ۔۔۔ بهترين
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ٽيڪسٽ کي مڪمل گولائي ۾ آڻيو

    ادا تمام بهترين نموني سان سمجهاڻي ڏيڻ جي مهرباني
    بهترين ونڊ آهي سائين ۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٽيڪسٽ کي مڪمل گولائي ۾ آڻيو

    سائين ابو واصف مهرباني

    تمام بهترين ٽپ آهي ۽ خاص ڪري منهنجي لاء ته گهڻو فائديمند آهي۔ اوهان جي اهڙي ننڍڙين شيئرنگ سچ پڇو ته گهڻو فائدو ڏنو آهي۔

    اميد ته اهڙي شيئرنگ جاري رکندا
     
  7. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: ٽيڪسٽ کي مڪمل گولائي ۾ آڻيو

    ادا ابو واصف۔۔۔ واهه جي ٽپ ڏني اٿئي۔۔۔ اڄ ڪجهه دوست ۽ مان ان مسئلي ٿي منجهي پياسي ته لوگو جي ٽيڪسٽ کي گولائي ۾ ڪيئن آڻيون۔۔۔ مونکي جلد ئي ياد آيو توهان وارو هي ٽيوٽوريل۔۔۔ مون به نه ڪئي هم نه ڪئي تم۔۔ اچي ويس اوطاق تي۔۔

    هڪ ڀيرو ٻيهر مهرباني ير۔۔۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ٽيڪسٽ کي مڪمل گولائي ۾ آڻيو

    ادا ابو واصف صاحب
    تمام بهترين ٽٽوريل لکيل آهي سڇ به انهي ٽٽوريل جي مون کي به ضرورت هئي

    لاجواب محنت آهي

    بهترين ڪوششون آهن توهان جون

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو