ساهت ڏيهه جا سرجڻهار : رضوان گل

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    رضوان گل سان دوستيء جي شروعات ته فيس بوڪ تان شروع ٿي جڏهن هو لاڙڪاڻي جي تصويري تاريخ ۽ لاڙڪاڻي جون ادبي ۽ سياسي شخصيتون نالي البم ٺاهي رهيو هو. مان سندس ڪيل ڪم ڏسي کيس داد ڏيڻ ۽ دوستيء لاء دعوت موڪلڻ کان نه رهي سگهيس۔ ان کانپوء رضوان پنهنجي وال تي هڪ پوسٽ لکي هئي ته هر ضلعي جي حوالي سان هي ڪم ڪرڻ لاء دوست اڳتي اچن. مان پنهنجي آفيس جي مصروفيت سبب خاموش هوس ۽ انتظار ڪري رهيو هوس ته ڪو ٻيو دوست اڳتي اچي پر ايئن ڪونه ٿيو ۽ مان ئي کيس ميسيج موڪليو ته مون وٽ ڪجهه مواد آهي ضلعي خيرپور بابت. پاڻ خوش ٿيا ۽ ڪجهه تصويرون ٽيگ ڪري موڪلين ۽ باقي تصويرن لاء مان به ڪوشش شروع ڪري ڇڏي.

    اتان رضوان سان دوستي شروع ٿي ۽ پوء جڏهن سنڌ سلامت جي دوستن سان لاڙڪاڻي ۾ سائين ماجد سان ملاقات ڪئي ته اتي رضوان ، سندس والد سائين بشير شاد ۽ سندس ڀاء ادا احسان دانش سان نه صرف ملاقات ٿي پر هنن تمام گهڻي خاطرداري ڪئي ۽ بهترين مانجهاندو ڪرايو ۽ اڻ کُٽ پيار ۽ خلوص ڏنو. رضوان جا سنڌ جي ادبي شخصيتن تي لکيل پروفائيل اخبارن ۽ رسالن سان گڏ سنڌ سلامت تي به پڙهندا رهياسين.

    پاڻ مونکي فون ڪري پنهنجي نئين ڇپايل ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “ موڪلڻ لاء ايڊريس گهريائون ۽ ڪجهه ڪاپيون مونڏي ۽ ٻين دوستن جيئن ذوالفقار بهڻ، سائين بيدل مسرور ۽ سائين هدايت بلوچ لاء پڻ موڪلي ڏنن. ڪتاب ته مون هڪ ساهيء ۾ پڙهي پورو ڪيو مونکي هي ڪتاب نه پر موتين جي مالها لڳي جنهن ۾ سنڌ جي املهه ماڻڪ موتين کي هڪ جاء تي سهيڙيو ويو آهي.

    سندس هن ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “ ۾ سنڌ جي 32 عظيم ادبي شخصيتن تي سوانهي خاڪا ۽ مضمون لکيل آهن. هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو ڇپايو آهي ۽ ڇپائيندڙ رياضت ٻرڙو آهي. 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو مهاڳ عظيم سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ لکيو آهي جڏهن ته سائين سوڀو گيانچنداڻي ۽ بيدل مسرور جا ڏنل رايا پڻ ڇپيل آهن.

    هن ڪتاب ۾ علامه آئي آئي قاضي، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، عبدالحئي قائل، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، انيس انصاري، نجم عباسي، جمال ابڙو، استاد بخاري، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، امر جليل، ذوالفقار راشدي، قمر شهباز، تاجل بيوس، طارق اشرف، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، وفا ناٿن شاهي، ثميره زرين، انور پيرزادو، ڊاڪٽر ملڪ نديم، خيرالنساء جعفري، قاضي مقصود گل، ڪيهر شوڪت ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، رزاق مهر، ادل سومرو، زيب سنڌي، طارق عالم ابڙو ۽ اياز گُل جهڙن سنڌ جي مهان اديبن ۽ ڏاهن تي سوانحي خاڪا لکيل آهن.

    بظاهر ننڍڙو نظر ايندڙ هي ڪتاب بي بها موتين سان سمايل آهي جنهن کي پڙهڻ کانپوء اسان کي پنهنجي سنڌ سان شناسائي ٿي ٿئي ته سنڌ ڪهڙن ڪهڙن ۽ ڪيترن گلدانن ۽ خوشبوئن سان ڀري پئي آهي. هن ڪتاب ۾ رضوان گل سادي ۽ نج سنڌي ٻولي استعمال ڪرڻ سان گڏ مضمون جي مناسبت سان چونڊ شعر پڻ شامل ڪيا آهن جن هن ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    پيارا محمد سليمان وساڻ ! محبتن ۾ ياد رکڻ لا وڏا قربَ

    ٿورا مَ ٿورا مونتي ماروئڙن جا
    ٿر ۾ واري ٿوري تهان گهڻيرا
    ڀلايون ڀيرا ڳڻي ڳڻبا ڪيترا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    سائين مهربانيون

    اوهان جي هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپيء جي انتظار ۾ آهيان جيئن دوستن سان سنڌ سلامت تي هي ڪتاب ونڊ ڪري سگهجي۔ اميد ته اوهان دوستن جي معلومات ۾ اضافي لاء جلد سنڌ سلامت ۽ انٽرنيٽ تي آڻيندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    ادا رضوان مهربانيون

    مان ٿورائتو آهيان ادا رضوان گُل جو، پاڻ سنڌ سلامت تي پوسٽ ڪرڻ لاء ڪتاب جي ڪاپي موڪلي ڏني اٿن جيڪا پي ڊي ايف جي صورت ۾ مٿي لڳائي چڪو آهيان۔ اميد ته سندس هن ڪتاب مان گهڻا ئي دوست فائدو حاصل ڪندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    سائين محترم وساڻ صاحب، اوهانجو ونڊ ڪيل ڪتاب انتهائي ڪارائتو آهي، سائِين محترم رضوان گل جي ڪيل محنت تمام سهڻي، پيرائتي ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ انمول هيري جي حيثيت رکي ٿي، 33 سنڌي ادب جي چمڪندڙ تارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري سنڌي ادب جي پانڌيئڙن لا خاص ۽ اسانجهڙن عام پڙهندڙن لا پڻ تمام ڄاڻ وارو ڪتاب تخليق ڪيو اٿس ۔۔۔۔

    آ ته چوندس ته سنڌ جون جامعات هن ڪتات جو قدر ڪندي هن ڪتاب کي سنڌي ۾ ماسٽر ڪرڻ واران لا لازم قرار ڏئي ڪورس ۾ داخل ڪن ۔۔۔ ته جيئن اڄ جي نوجوان کي پنهنجي دور جي محترم شخصيتن جي جامع ڄاڻ ملي پوي ۔۔۔

    آ سائين رضوان گل صاحب کي لک واڌايون ڏيندس هن سهڻي ڪتاب جي تخليق تي ۔۔۔

    لک سلام سنڌي ٻولي جي خير خواهن کي جيڪي پنهنجي ڄاڻ ۽ جاکوڙ سان اهڙيون سوکڙيون ويٺا تيار ڪن ۔۔۔

    رضوان گل مان بو بهار جي ٿي اچي ۔۔۔

    سلام دوست

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    نثار سائين اهڙي قدر داني لا اوهانجو بيحد مشڪور آهيان ، سدائين سکيا هجو ۔

    دل جي ڪاروبار جو هڪ قائدو آهي
    ڪيترو نقصان ٿي ته به فائدو آهي
    سنڌ ڌرتيءَ سان ۽ سرتيءَ سان بخاريءَ جو
    ڪجھ بلالي ڪجھ لطيفي رابطو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    اڻ مئي محبت ڏيندڙ منهنجا پيارا سليمان وساڻ سائين۔ دوستن سان منهنجي ڪتاب جي ونڊ ڪرڻ لا اوهان جا وڏا وڙ ، اميد ته خاص طور سي ايس ايس ۽ ٻين مقابلي جي امتحان ۾ ويهندڙ دوست هن ڪتاب مان ڀرپور لاڀ وٺندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    رضوان گل صاحب جن کي واڌايون۔
    ادا سليمان جا ٿورا ، مون ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري ورتو آهي۔
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    تمام بهترين ڪتاب آهي سائين جو

    ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري ورتو آهي باقي پيو ان کي پڙهبو

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    سنڌ جي ڏاهن ۽ اديبن جي سوانحي خاڪن تي مشتمل اوهان جو ڪتاب سچ ته قيمتي ۽ ڪارائتو آهي۔ خاص ڪري مقابلي جي امتحانن سي ايس ايس ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏيندڙن لاء گهڻو فائديمند آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    هن ڪتاب ساهت ڏيهه جا سرجڻهار بابت مختصر وڊيو رپورٽ پيش آهي جنهن جو اسڪرپٽ ۽ آواز رضا بخاري جو آهي:

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “

    سائين محمد سليمان پيارا اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان محترم رضوان گل جن جي ڪتاب ساهت ڏيهه جا سرجڻهار بابت مڪمل ڄاڻ مهيا ڪئي اهڙي پياري ڪاوش تي محترم رضوان گل جن کي سلام آهي دعا آهي ته الله تعالى سندن تحرير ۾ مزيد ترقي عطا فرمائي جو پاڻ سنڌي ۾ ادبي مواد جي اڻاٺ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪاميابي جي ساحل تي پهچن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو