شڪارپور جي مشهور آچار ۽ ان جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ڪاروبار

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    [​IMG]

    شڪارپور جي مشهور آچار ۽ ان جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ڪاروبار

    تحرير : زاهد نون

    [JUSTIFY] شڪارپور ضلعو هونئن ته ڪيترين ئي ڳالهين جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهي پر شڪارپور جي سڃاڻپ اتان جي آچار به آهي، جيڪا ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي پسند ڪئي وڃي ٿي، سرڪاري سرپرستي نه هجڻ ڪري هن ڪاروبار کي ڪا سٺي پذيرائي نه ملي سگهي آهي، آچار جا ڪيترائي قسم آهن ، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ انب جو آچار ٺهي ٿو، جنهن جا 6 کان وڌيڪ مختلف قسم ڪاتر، مڪس، تيل، سرڪو ۽ ٻيا آهن، ان کان علاوه ڀاڄين ۾ ڪريلو، بهه، بصر، ٿوم، چڻن، مرچ، پالڪ، ساڳ، گوگڙو، گوبي، فروٽ ۾ فارون ۽ گوشت ۾ ڪڪڙ ۽ مڇي کان علاوه چٽڻي جا به آچار ٺاهيا وڃن ٿا. آچار خاص ڪري ٻن قسمن جو هوندو آهي، هڪ تيل وارو ۽ ٻيو سرڪي وارو. شڪارپور شهر آچار جي ڪارخانن جو مرڪز آهي. هونئن ته شڪارپور ۾ 30 کان وڌيڪ مختلف ڪارخانا آهن، ان کان علاوه 50 کان وڌيڪ مختلف گهرن ۾ آچار ٺاهي ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو. مجموعي طور تي ليکجي ته شڪارپور ۾ 200 کان وڌيڪ آچار وڪرو ٿيڻ جي مانڊڻين کان وٺي دڪانن تائين مرڪز آهن ۽ لکين رپين جو روزانو ڪاروبار ٿئي ٿو، آچار ٺاهڻ جي موسم وقت سر تازيون لهندڙ ڀاڄيون پر سڀ کان وڌيڪ انبڙيون لهڻ جي موسم هجي ٿي، ڇو ته سڀ کان وڌيڪ آچار انب مان ٺهي ٿو.

    شڪارپور جي آچار جي حوالي سان پراڻي تاريخ آهي پر هاڻي صرف مقامي نه پر ملڪي سطح کان وٺي ٻاهرين ملڪن جو به ايڪسپورٽ ڪوالٽي جو آچار ٺهي ٿو، جنهن جا مرڪز افغانستان ۽ وچ ايشيا کان وٺي يورپ تائين جڙي رهيا آهن. آچار جي پراڊڪشن لاءِ ڪيترائي دفعا ٻاهرين ملڪن جا ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو اچي سيمينار ڪري معلومات وٺندا رهيا آهن، اڳ ۾ آچار جو ڪاروبار گهرن ۾ ٿيندو هو جيڪو وڌي وڃي ڪارخانن تائين پهتو آهي. جنهن دور ۾ انساني زندگي ايتري ترقي نه ڪئي هئي، سوارين کان وٺي وڌيڪ پيداوار وارا فصل اپائڻ جا طور طريقا ۽ معلومات گهٽ هئي ان دور ۾ شڪارپور ۾ ٺهندڙ آچار ڀاڄي طور استعمال ٿيندو هو، ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ غربت جي زندگي گذاريندڙ ماڻهو آچار مان ڀاڄي جو ڪم وٺندا هئا. چيو وڃي ٿو ته سرڪو ۽ ماکي اهڙيون شيون آهن، جنهن ۾ جيڪڏهن ڪا شيءِ رکي وڃي ته اها گهڻي وقت تائين خراب نه ٿي ٿئي ۽ آچار ۾ سرڪي جو استعمال ٿيڻ سبب اهي ڀاڄيون، فروٽ، مڇي يا ڪڪڙ جو گوشت گهڻي وقت تائين خراب نٿو ٿئي.

    هاڻي جيئن ته دنيا ترقي ڪري وئي آهي، معاشري ۾ نت نيون شيون ۽ کاڌا متعارف ٿي رهيا آهن ۽ آچار کي هاڻي ٻين ڀاڄين سان گڏ ذائقي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو پر جيڪڏهن ماضي جي تاريخ ڏسو ته خبر پوندي ته ماڻهو آچار ڀاڄي طور واپرائيندا هئا، اڳ ماڻهن کي گهٽ خبر هئي پر ٻوڏ کان پوءِ ملٽي نيشنل اين جي اوز ٻين سامانن سان گڏوگڏ کاڌي پيتي جون سامان ڏنو آهي انهن ۾ پڪل گوشت، ڀاڄيون ۽ ٻيون شيون شامل آهن، مليل سامان مان پڪل کاڌو جيڪو ڀاڄين يا گوشت جي روپ ۾ آهي، ان کي ماڻهو ٻيهر صرف گرم ڪري واپرائين ٿا، ساڳي ئي ريت آچار به ائين ئي آهي پر هن کي ته گرم ڪرڻ جي به ضرورت نه هوندي آهي. هاڻي آچار کي ضرورت مند ڀاڄي طور ۽ دولتمند ماڻهو ذائقي طور واپرائين ٿا. هونئن ڏٺو وڃي ته هرهڪ شهر مختلف شين جي لحاظ سان سڃاتو وڃي ٿو، جيئن ساريالن علائقن ۾ وڌيڪ سارين جا سيلر ۽ ڪارخانا آهن، ڦٽي پيدا ڪندڙ ضلعن ۾ ڪپڙن ۽ ڌاڳن جون ملون ۽ ڪمند پيدا ڪندڙ ضلعن ۾ شگر ملون هجن ٿيون، اهڙي ئي ريت شڪارپور ۾ جيڪڏهن لاڀائتو ڪاروبار آهي ته اهو آچار جا واپاري ڪارخانن ۽ دڪانن جي صورت ۾ ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي ناڻو ڪمائين .ٿا شڪارپور جو آچار ان ڪري به وڌيڪ عرصي تائين هلي ۽ بهتر رهي ٿو جو شڪارپور جو مٺو پاڻي آهي، سٺي پاڻي هجڻ ناتي آچار ٺاهيندڙن کي گهٽ خرچ ڪرڻو پوي ٿو. هاڻي ته خانپور – شڪارپور روڊ تي شيخ فارم کان وٺي ڳڙهي ياسين موڙ تائين باءِ پاس يا جيڪب آباد باءِ پاس تي آچار جون ننڍا ننڍا دڪان ۽ مانڊڻيون آهن، جيتوڻيڪ روڊن رستن تي وڪرو ٿيندڙ آچار ان ڪوالٽي وارو نه هوندو آهي جيڪا توهان کي ڪجهه گهرن ۽ ڪارخانن تان ملندو، جنهن سبب اگهن جو به رات ڏينهن جو فرق هجي ٿو، فرض ڪر روڊن رستن تي وڪرو ٿيندڙ توهان کي 25 کان 50 رپين تائين انب ۽ مڪس ڀاڄيون في ڪلو جي حساب سان ملنديون پر اهو ئي آچار گهرن ۽ ڪارخانن تي 80 کان 100 تائين في ڪلو اگهه هوندو پر ان سان گڏوگڏ مڇي ۽ مرغي 3 کان ساڍا ٽي سو روپين تائين في ڪلو ۽ ٿوم، چڻن، فارون، بهه ٻين جا وڌيڪ مهانگا آچار آهن، جنهن جو اگهه سو کان ڏيڍ سو تائين وڃي بيهي ٿو.

    ٿلهي ليکي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته شڪارپور جو مکيه واپار آچار ئي بيهي ٿو ۽ اها به حقيقت آهي ته ايترن پئسن ۾ ڪنهن به هوٽل تان في ڪلو جي حساب سان سستي اگهه ۾ سبزي کان وٺي گوشت تائين نه ملندو، جيترو سستو شڪارپوري آچار وڪرو ٿئي ٿو. جڏهن آچار شڪارپور شهر جو وڏو ڪاروبار ئي بڻجي چڪو آهي ته حڪومت جي ذميواري ٿئي ٿي ته ڪاروبار ڪندڙ واپارين کي رياستي ڍانچي ۾ قرض ڏيڻ کان وٺي واپار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ جيتري به گنجائش رکي، اها ميرٽ جي بنياد تي سهولت ڏني وڃي ته جئين شڪارپور ۾ آچار جو ڪاروبار بلندي ماڻي سگهي. چوندا آهن ” نيچ نوڪري، اتم کيتي ۽ وڌندڙ واپار “ ۽ واپار تڏهن ئي وڌي سگهي ٿو جڏهن رياست ڌيان رکندي.
    [/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شڪارپور جي مشهور آچار ۽ ان جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ڪاروبار

    واهه ادا واهه منهنجي وات ۾ ته صفا اصل پاڻي اچي ويو آچار جو نالو ٻڌي ۔
    تمام بهترين شيئر ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني ۔
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: شڪارپور جي مشهور آچار ۽ ان جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ڪاروبار

    ادا ڀلي اوهان آچار جا فضائل پڙهو شڪارپور جا فضائل پڙهو ۽ شڪار پور وارن جا پر فقير ايترو جلدي اوهان جي ڳالهين ۾ اچي ڪري آچار جو ڪو سوا ڪونه موڪليندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ههههههههههههههههههه
    تمام بهترين ونڊ آهي بابا
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: شڪارپور جي مشهور آچار ۽ ان جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ڪاروبار

    صفا وات پاڻِي ڪري ڇڏو
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: شڪارپور جي مشهور آچار ۽ ان جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ڪاروبار


    هههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه


    ادا سليمان توهان جي سفارش وڏي فقير ڪئي آهي ڪهڙي اچار کائڻ پسند ڪندو ته توهان جي شادي تي آچار سميت حاضر ٿيان

    جواب جلد ڏيجا۽ ائين نه ٿئي جو وري ٻيهر ڪا ميار ملي

    سائين ابڙي صاحب لا۽ به اچار توهان جي شادي تي ئي وٺي اچبي سائين کي پڻ عرض آهي ته سائين ۽ سائڻ کي ڪهڙي اچار گهرجي ته اها اچار

    وٺي اچجي

    سدائين گڏ
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شڪارپور جي مشهور آچار ۽ ان جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ڪاروبار

    فقير سائين مهربانيون ۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جي محبت ۽ پنهنجائپ ئي اسان لاء سڀ ڪجهه آهي۔

    بس دعائن ۾ ياد رکجو۔
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: شڪارپور جي مشهور آچار ۽ ان جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ڪاروبار

    ادا اسان جو به وات پاڻي ٿو ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔ شڪار پوري اچار ڏاڍو مشهور آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منهنجي آفيس ۾ هڪ شڪارپور جو دوست به آهي ان کي ته کوڙ دفعا چيو اٿم ته يار آچار جو ٽيسٽ ڪراء۔۔۔۔۔۔۔ پر هو ٻڌي ئي ڪون ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    فقير سليمان کي شادي جو گفٽ به اچار ئي ڏئي ته ڀلو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: شڪارپور جي مشهور آچار ۽ ان جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ڪاروبار


    ادا عرس پريا

    جڏهن ڪراچي اچڻ ٿيو ته توهان جي ۽ ٻين دوستن لا۽ اچار ضرور وٺي اچبو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو