حل ٿيل پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2012۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جڏهن ونڊوز ايڪس پي نئين ئين رليز ٿي هئي، ته ڪافي دوستن صلاح ڏني ته ادا! توهان به ونڊوز ايڪس پي ۾ سنڌي استعمال ڪريو. پر جيئن ته ان وقت ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلن جو حل نه پيو ملي، انهيءَ ڪري ونڊوز ايڪس پي کي سنڌي ڪمپوزنگ لاءِ اپنائڻ ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪافي مونجهارا هوندا هئا، جن مان هڪڙو مونجهارو سنڌيءَ کي ڪورل ۾ منتقل ڪرڻ جو پڻ هو. جنهن جو حل ڪافي دير کان پوءِ اهو مليو، جو ونڊوز ۾ ”ليزر ماسٽر يوٽيلٽي“ مينوفيڪچرر جو پرنٽر هوندو هو، جنهن کي ايڊ ڪرڻ سان اسان جو فائل پرنٽ ٽو فائل ٿي ڪورل ڏانهن منتقل ٿيندو هو.

    هينئر وري ڪن دوستن جي صلاح تي ونڊوز 7 جي استعمال جي صلاح ڏني وئي آهي. جيڪو خيرخوبيءَ سان انسٽال ته ڪيو اٿم، پر هتي پڻ انهيءَ مونجهاري ۾ منجهي پيو آهيان. ڇاڪاڻ ته هتي ته مٿي ڄاڻايل مينوفيڪچرر جو پرنٽر موجود ناهي. جيڪڏهن ڪنهن دوست کي انهيءَ بابت ڪا ڄاڻ هجي ته رهنمائي فرمائي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو

    ڇا توهان مائڪروسافٽ آفيس 2007 جي PDF or XPS يوٽيليٽي استعمال ڪري ڏٺي آهي۔۔

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو

    سائين پرنٽ فائيل ٺاهڻ جي ڳالهه ٿا ڪيو شايد اگر اها ڳالهه آهي ته ڪنٽرول پينل ۾ وڃي پرنٽر جي آئي ڪن تي ڊبل ڪلڪ ڪريو ان ۾ ايڇ پي پرنٽر ڪلڪ ڪري ٻي سائيڊ مان ليزر ماسٽر کي سليڪٽ ڪري انسٽال ڪيو انسٽال وقت پرنٽ ٽو فائيل آپشن کي سليڪٽ ڪجو پرنٽر انسٽال ٿي وڃي ته پوء ورڊ فائيل مان پرنٽ ٽو فائيل جو آپشن اچي ويندو اگر اڃا به ڪا مشڪل هجي ته هي عاجز وري ڪوشش ڪندو ڇو ته مان اهو تجربو ڪري چڪو آهيان۔
    دعائن ۾ ياد فرمائيندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو

    مانائتا سائين! منهنجو خيال آهي ته ايڇ پي جي ڪمپني الڳ آهي ۽ ليزر ماسٽر يوٽيلٽي جي ڪمپني الڳ آهي۔ مون پنهنجي ونڊوز ۾ ايڇ پي جي مينوفيڪچر ۾ چيڪ ڪيو آهي، پر مون کي شايد ان ۾ ليزر ماسٽر نالي سان ڪو پرنٽر ناهي مليو۔ جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ ٻيو ڪو آپشن هجي ته مهرباني فرمائي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو

    سائين پيارا اوهان جي ڳالهه بالڪل درست آهي ته ليزر ماسٽر الڳ يوٽيلٽي آهي ليڪن اگر ايڇ پي ليزر جيٽ سان ڪم هلي وڃي يعني پرنٽ ٽو فائيل آپشن اچي وڃي تڏهن به ٺيڪ آهي يا نه مون ته ائين تجربو ڪيو آهي وڌيڪ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي دوست وٽ ڪا معلومات هجي ته شيئر ڪري هن فن ۾ اوهان استاد جي حيثت رکو ٿا شايد ٻيو ان ڪري به نه لکندو هجي۔ بهرحال مون ته ان طرح جڳاڙ سان ڪم هلايو آهي۔
     
  6. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو

    ونڊوز ايڪس پي ۾ Generic جو MS Publisher Color Printer پرنٽر پڻ LaserMaster Unity 1200XL v47.0 وارو ڪم ڪري ٿو. ڇا هي پرنٽر ونڊوز سيون جي مينوفيڪچر ۾ موجود آهي.....

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو

    سائين پيارا اوهان جي اڳيان گرافڪس جي ڳالهه لکڻ سج کي ڏيو ڏيکارڻ جي برابر آهي ليڪن شايد ڌڪو ميٿڊ ڪم اچي وڃي ان جي ڪري پنهنجي ناقص تجربي طور جيڪو ڪجهه مون کان ظاهر ٿيو اهو اوهان جي اڳيان پيش ڪجي ٿو .
    1. ونڊو سيون ۾ ڪورل 13 پورٽيبل کڻي ورڊ 2003 تي لکيل فائيل ڪاپي ڪري
    اهو ونڊو سيون ۾ ورڊ 2010 ۾ کوليم ان کي سيو ايز جي آپشن ۾ Xps Doucument طور سيو ڪيم پوء ڪورل کولي Xps Doucument فائيل تان ڪاپي ڪري ڪورل ۾ پيسٽ ڪيم ته سنڌي ڪورل ۾ بالڪل صحيح طريقي سان اچي وئي .
    2. ٻيو ورڊ 2003 وارو مواد ڪاپي ڪري نوٽ پيڊ ۾ پيسٽ ڪري اتان ڪاپي ڪري وري ڪورل ۾ پيسٽ ڪيم تڏهن به سنڌي ٽيڪسٽ باڪس ۾ ظاهر ٿي ايڊيٽ ايبل به رهي.
    سائين ابو زين جن واري طريقي مطابق به اوهان جي پرنٽ ٽو فائيل جو مسئلو آساني سان حل ٿي سگهي ٿو.
    (مجرب) .
    هي ته منهنجا ناقص تجربا هئا اگر ڪو مڪمل تجربو اوهان کان ظاهر ٿئي ته ضرور آگاه ڪندا
    دعائن جو طالب بنده معلوم.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: پرنٽ ٽو فائل جي مسئلي جو حل ٻُڌايو

    دوستن جي مهرباني! آ انهن تجربن کي چيڪ ڪري ڏسندس۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. فقير محسن

    فقير محسن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2011
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    398
    ڌنڌو:
    اڪائونٽنٽ
    مانوارا سائين۔۔۔
    مون وٽ هنن طريقن مان ڪوبه طريقو ڪم نه آيو۔۔۔ ۽ مان هيئنر تمام گهڻي سوچ ۾ پئجي ويو آهيان۔۔۔ ته مون وٽ انهن مسئلن جي حل لا ڪو ٻيو سٺو طريقو ٻڌايو اوهان دوستن جي تمام گهڻي مهرباني ٿيندي۔۔۔۔۽ مونکي ڪورل ڊرا 13 جي پورٽيبل فائيل جي ڊائونلوڊ لنڪ ٻڌايو ۔۔ اوهان دوستن جي مهرباني ٿيندي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين پاڻ ڪجھ وقت ونڊوز 7 تي اچڻ کان پو ڪجھ اهڙن مسئلن جي ڪري وري ريورس گيئر ڏنو هو۔۔۔
     
  11. فقير محسن

    فقير محسن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2011
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    398
    ڌنڌو:
    اڪائونٽنٽ
    لڳي ائين ٿو ته اڄ ڪلهه هن ويب سائيٽ تي مسئلا حل ٿيڻ جيهڙا نه آهين تنهن جي ڪري مونکي ڪا ٻي ويبسائيٽ ڳولڻي پوندي جنهن جي ذريعي مونکي ڪجهه سمجه يا ڪجهه مسئلن جو حل ملي سگهي۔۔ اوهان دوستن جي وڏي وڏي مهرباني جو پنهنجي ڪجهه وقت مان منهنجي لاءِ وقت ڪڍيو جنهن جي ڪري مان اوهان جو شڪر گزار رهندس ۔۔۔
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادا محسن توهان جو مسئلو سمجهه ۾ نه آيو هي ڪافي هنٽس توهان جي سهولت لاء موجود آهن ليڪن توهان وٽ ڪابه ڪارگر نه ٿي ان جي وضاحت ڪيو ته توهان کي سمجهه ۾ نه آيو يا توهان ڪوشش ڪرڻ بعد به ڪاميابي حاصل نه ٿي ڪهڙو ميسيج اچي ٿو ممڪن آهي ته توهان وضاحت ڪيو ٿي سگهي ٿو ڪنهن دوست وٽ ان جو حل ملي پوي۔
     
  13. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ادا اوهان هاڻي
     
  14. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي

    يار ذيشان رشيد ڊيلي ڊيلي جي نواڻ به هڪ مسئلو آهي۔ هڪ موبائيل ڦٽو ڪري ٻيو نون فيچرس سان وٺي خوشي خوشي گهر پُهچ ته خبر پئي ٿي ماررررررررررررررررررررررررررررررررررررررررر! ڀينسان هن ۾ ته ٽارچ ۽ ڊبل سم آهي ئي ڪانه۔ ايئن ئي ونڊروز ۽ آفيس ۾ به ٿيندو آهي۔

    اوهان جي هن ٽِپ کي آزمايم پر هي آن لائين مائڪروسافٽ تي وڃي پهتو۔ بند کڻي ڪيم جو اسان وٽ آفيس اڳي چوري جي مٿان وري گهرون آن لائين هيلپ يا اپڊيٽ ته ٻڌي نه ڇڏين
     
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وڏا ڀلوڪيئي جو ڀلي جان بچايئي۔۔
    پر هڪ راز جي ڳالهه ٻڌايائين آفيس واقعي پيسن جي آهي پر جي هي ايڊ1ن انسٽال ڪرين هاته مفت ۾ هيئي۔۔;)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا اوهان جو هي ليک اوهان جي جوڙيوال (@يونس ملڪاڻي گرافڪس ۾ ڪم ڪندڙ) کان ڏسڻ رهجي ويو۔ اڄ ڳالهه ڪيم ته ٺَڪ چيائين ”ڪورل ۾ ته سڌو سنئون سنڌي لکبي آهي۔ ايتري جهنجهٽ ۾ پوڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟”“ اهو ڪيئن ٿيندو؟ هُن مختصر ٻڌايو پر گرافڪس اسان لاءِ ٿيا پاڪي ۽ اسان گنجا۔ سو ڳالهه سمجهڻ کان مٿي هئي۔ هن جلد انهي سلسلي ۾ هڪ ٽيوٽوريل آڻي ٻڌائڻ جو چيو آهي۔ بس ٿورو انتظار۔ ملڪاڻي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان ويل بجلي بحال ٿيندي ئي هو اهو ڪم شروع ڪندو۔


    وڏا اهو ڪم ته خاشو ٿيو پر پنهنجي گرافڪس ۽ ڪورل ڊرا سان گهٽ ئي لڳ۔ پر ياد اٿؤ ته اوهان ئي هڪ ليک ڏنو هو ڪو مسئلو ئي ناهي۔ سو هاڻي انهي ايڊ آن کان بچڻ لاءِ آفيس 2007 کان پي ڊي ايف ڪنورٽر يا چوجي ته ڊاڪ ايڪس فائيل ٽو پي ڊي ايف؟ ڪو مسئلو ئي ناهي۔ هر شئي جو هڪ متبادل استعمال به هوندو آهي۔ سو هتي به ٿي ويو۔ هاڻ ونڊوز انسٽال ڪرڻ کان پوءِ آفيس انسٽال ڪري رڳو هي ايڊ آن انسٽال ڪبو۔ نه ته اڳي وري ڪنورٽر ڳولڻا پوندا هئا۔ ۽ اهي به وڏن نخرن سان ملندا هئا۔ جيئن اوهان ئي هڪ عارضي آفر جو ڏس ڏنو هو۔ اهي ملي به وڃن ته به پي ڊي ايف ٺاهي به بيڪ گرائونڊ ۾ پنهنجي ڪا نه ڪا نشاني ڇڏيندا هئا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ادا
     
  18. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    ادا مونکي ان جي باري ۾ ايتري ڄاڻ نه آھي
     
  19. محمد ابراهيم حيدري

    محمد ابراهيم حيدري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جنوري 2015
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ونڊوز 7 لاءِ ڪا بهترين ٽپس نه آهي اسان چايون ٿا ته ونڊوز 7 ۾ ڪورل 9 لاءِ ڊيٽا شفٽ ڪريون
    جئين ونڊوز ايڪس پي ۾ ڪريون ٿا اگر ڪنهن دوسٽ وٽ اها هنٽ آهي ته مون کي روانو ڪري
     
  20. محمد ابراهيم حيدري

    محمد ابراهيم حيدري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جنوري 2015
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ان ۾ ڪو به ليزر ماسٽر پرنٽ نه آهي بلڪي ليزر جيٽ ، ڪلر ليزر پرنٽ وغيره آهن پر اهي ڪم نه پيا ڪن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو